آرٽيڪل

پاڪستان جي جاگرافي (حصو پھريون)

غلام اصغر ڀٽو
انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد

شمسي نظام ۾ اٺ (8) کان (9) گرھ Planets يا سيارا آھن، ھي سيارا سج جي چوڌاري گردش ڪندا رھن ٿا۔ انھن سيارن مان ڌرتي Earth بہ ھڪ گرھ آھي۔ ڌرتي ٻن حصن تي مشتمل آھي جن ۾ ھڪ وڏو حصو پاڻي آھي، ھي حصو پنجن وڏن سمنڊن Oceans تي مشتمل آھي، جن ۾ پئسفڪ سڀ کان وڏو سمنڊ آھي۔ پاڻيءَ جو ھي حصو تقريبن 71 سيڪڙو آھي۔ ڌرتيء جو ٻيو حصو خشڪيء جو آھي، جيڪو 29.2 فيصد آھي۔ خشڪيء جي وڏن حصن کي کنڊ Continents چيو ويندو آھي۔ ھي کنڊ تعداد ۾ ست (7) آھن۔ جن ۾ ايشيا، آفريڪا، يورپ، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ انٽارڪٽيڪا آھن۔ جڏھن ته کنڊن ۾ سڀ کان وڏو کنڊ ايشيا آھي۔ جنھن ۾ لڳ ڀڳ پنجاھ 50 ملڪ اچي وڃن ٿا۔
پاڪستان به ھڪ ايشيائي ملڪ آھي جيڪو ايشيا جي ڏکڻ ۾ واقع آھي۔ پاڪستان جي ڪل پکيڙ 881913 ڪلوميٽر اسڪوائر آھي، ياد رھي ته پاڪستان پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ 33 نمبر تي وڏو ملڪ آھي.
پاڪستان جي سرحدن سان لڳندڙ ملڪ چار آھن، جن کي اسين پاڙيسري ملڪ Neighbouring Countries به چوندا آھيون. پاڙيسري ملڪن ۾ سڀ کا وڏو ملڪ چين آھي جيڪو پاڪستان جي اتر ۾ واقع آھي، چين ۽ پاڪستان جي ڪل سرحد 599.100 ڪلو ميٽر ڊگھي آھي. ٻئي نمبر تي وڏو پاڙيسري ملڪ ھندستان آھي، ھي ملڪ پاڪستان جي اوڀر ۾ واقع آھي، ٻنھي ملڪن جي وچ واري سرحد کي ريڊڪلف لائين سڏيو ويندو آھي جيڪا 2100.595 ڪلوميٽر ڊگھي آھي. اوھان اھا ڳالھ ضرور سوچيندا ته ريڊڪلف ڪير ھو؟ ريڊڪلف ھڪ انگريز شخص جو نالو ھو، جنھن کي برطانيا جي حڪومت آزاديء جي وقت پاڪستان ۽ ھندستان جي سرحد ڌار ڪري واضع ڪرڻ لاء موڪليو ھو. اڳتي اچون ته پاڪستان جو ٽيون وڏو پاڙيسري ملڪ ايران آھي، جيڪو ڏکڻ-اولهه ۾ واقع آھي، ھي ھڪ مسلمان ملڪ آھي، ايران سان سرحد 909.278 ڪلوميٽر ڊگھي آھي. آخري يعني چوٿون ملڪ افغانستان آھي جيڪو به مسلمان ملڪ آھي اتر۔اولھ ۾ واقع آھي. ياد رھي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ واري سرحد کي ڊيورنڊ لائين چيو ويندو آھي جيڪا 2611.560 ڪلوميٽر ڊگھي آھي. واضح ڪندو اڳتي وڌان ته ڊيورنڊ به ھڪ انگريز شخص جو نالو ھو، جنھن ھن سرحد کي ڌار ڪري واضع ڪيو۔ پاڪستان جي ڏاکڻي واري سرحد سمنڊ سان لڳي ٿي، ھن سمنڊ جو نالو عربي سمنڊ آھي، پاڪستان جي سامونڊي پٽي يا سامونڊي سرحد 1058.940 ڪلوميٽر ڊگھي آھي. ھن پٽي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبا اچي وڃن ٿا جيڪي عربي سمنڊ سان سرحد رکن ٿا.

پاڪستان جي سرحدن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪندي، اچو ته ڪشمير جي سرحدي معلومات تي ھڪ نظر وجھون۔ اڳتي وڌنڌي اھا ڳالھ ذھن نشين ڪريو ته ڪشمير ھڪ تڪراري علائقو آھي، قبضي يا تڪرار جي بنياد تي ڪشمير جا ٽي حصا آھن جيڪي ٽن مختلف ملڪن جي قبضي ھيٺ آھن۔ ڪجھ حصو چين جي، ڪجھ ھندستان ۽ پاڪستان جي قبضي ۾ آھي. پاڪستان جي ھيٺ آيل ڪشمير کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يا پاڪستاني ڪشمير چيو ويندو آھي۔ چين جي قبضي ھيٺ آيل ڪشمير کي چيني اڪسائي چن چوندا آھن جنھن جي معني آھي سفيد بيابان۔ وضاحت ڪندو ھلان ته ھي حصو اڪثر ڪري برفاني ڇپن تي مشتمل يا برف سان ڍڪيل ھوندو آھي۔ ان جي ڪري کيس سفيد بيابان چيو ويندو آھي. جڏھن ته ڀارت واري حصي کي ڀارتي والاريل ڪشمير يا INDIAN ILLIGALL OCCUPIED JUMMU AND KASHMIR IIOJ&K چيو ويندو آھي۔
سرحدي ڄاڻ بابت ڄاڻون ته پاڪستاني ڪشمير ۽ ھندستان جي قبضي ھيٺ ڪشمير جي وچ واري سرحد کي لائين آف ڪنٽرولLINE OF CONTROL )LOC( چيو ويندو آھي۔ ھن سرحد جو پراڻو نالو سيز فاير لائين CEASE FIRE LINE رکيو ويو ھو. 1971 جي پاڪستان۔ڀارت جنگ کانپوء ھن سرحد جو نالو تبديل ڪري LOC رکيو ويو۔ ھن سرحد جي ڪل ڊگھائي 861.493 ڪلو ميٽر آھي. جيڪڏھن اوھان پاڪستان جي نقشي تي غور ڪندا ته اوھان کي اھا ڳالھ معلوم ٿيندي ته ھڪ طرف LOC آھي جيڪا پاڪستان جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ڪشمير جي وچ تي آھي۔ ان کان پو۽ اوھان کي اھا ڳالھ به معلوم ٿيندي ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۽ پاڪستان جي صوبي پنجاب جي وچ تي به سرحد آھي۔ ھن سرحد جو نالو ورڪنگ بائونڊري Working Boundary آھي، جيڪا 202.000 ڪلوميٽر ڊگھي آھي.
وڌيڪ ڄاڻيندي، ڀارتي والاريل ڪشمير ۽ چيني ڪشمير جي وچ واري سرحد کي لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول LINE OF ACTUAL CONTROL جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي.

 

وڌيڪ ڏيکاريو

غلام اصغر ڀٽو

غلام اصغر ڀٽو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بي ايس پاڪستان اسٽڊيز جو شاگرد آهي، سندس دلچسپين ۾ تحقيقي مقالا لکڻ ، ڪتاب پڙھڻ اخبارن، رسالن ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ لکڻ شامل آھي.
Back to top button