آرٽيڪل

ڇا اها پاڻ سان ويساه گهاتي نه آهي

ايڊووڪيٽ صفيه لا کو

صفيه لاکو
صفيه لاکو

تا زو آءِ بي اي جي طرفان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي لاء ٽيسٽ ورتا ويا ۽ جڏهن نتيجا سامهون آيا ته انهن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پي ايس ٽي لا۽ 46000 ڀرتين لا۽ ٽيسٽ ورتا ويا ۽ ان مان صرف 4 سيڪڙو اميدوارڪامياب ٿي ويا ، جڏهن ته جي ايس ٽي ۾ 14000 ڀرتين لاءِ پوڻا ٻه لک اميدوارپنهنجو نصيب آزمائِڻ لاءِ ويٺا پر بد قسمتي سان ان ۾ به صرف هڪ سيڪڙو اميدوار ڪامياب ٿيا اهڙي طريقي سان جڌهن 2020 ۾ ايڊيشنل جج واري ٽيسٽ تي نظر گھمائجي ته ان ۾ به 4000 کان مٿي اميدوارن زور آزمائي ڪئي جن ۾ صرف 250 اميدوار ڪامياب ٿيا ، لکت واري امتحان ۾ 196 اميدوار پاس ٿيا جڏهن ته انٽرويو ۾ فقط هڪ اميدوار سوڀ ماڻي.
سمجھ ۾ نٿو اچي ته اها تعليم جي کوٽائي آهي يا ان پٺيان شاگردن جي تعليم جي عدم دلچسپي ، يا وري گورنمينٽ جي نئين پاليسي ايتري مشڪل آهي جو اسان کي اهڙا نتيجا ملن پيا .سوشل ميڊيا تي شاگرد ن جون ته ٽيسٽ وٺندڙ اداري تي الزام مڙهڻ واريون پوسٽون نظر اچن پيون ته تمام مشڪل ٽيسٽ هئو ائين پئي لڳو ته ڪميشن جو امتحان پيا ڏيون . جيڪو سليبس ڏنو ويو هو ان مان ٽيسٽ نه هو.پر ڌيان طلب هي ڳالھ آهي ته ايتري عرصي کانپو۽ استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لا۽ جيڪو ٽيسٽ ورتو ويوڇا ان ۾ سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ان مسئلي کي سنڌ حڪومت ڪيئن منهن ڏيندي ۽ ان کي حل ڪرڻ لا۽ ڪھڙا قدم کڻندي . جڏهن ته حڪومت 20 سيڪڙو تعليم جو بجٽ به رکيو آهي . اسان جي تعليم واري وزير تازو اهو ٻڌايو به آهي ته 60 لک کان مٿي ٻار اڃان تائين اسڪو لن کان ٻاهر آهن. اها به هڪ دل ڏکوئيندڙ ڳالھ آهي . ان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيست بابت جڏهن ٽيسٽ وٺندڙ اداري جي طريقيڪار کي ڏسجي ٽو ته انهن ڊسمبر 2020 ۾ سليبس اپلوڊ ڪيو جنهن مطابق جي ايس ٽي جي سليبس لا۽ ٽيسٽ 6 درجي کان ڏهين درجي جي نصاب مان ورتي ويندي جدهن ته پي ايس ٽي جي لا۽ پهرين درجي کان اٺين درجي تائين سليبس رکيو ويو پر جڏهن ٽيسٽ جا نتيجا سامهون آيا ته ٽيسٽ وٺندڙ اداري به ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو ته جڏهن اسان کي ٻڌايو ويو ته 55 سيڪڙو پاس ٿيڻ سان گڏ اهو به ضروري آهي ته اميدوار هر سيڪشن ۾ 45 سيڪڙو کڻي جنهن تي اسان ان وقت به پنهجو موقف رکيو هو ته ان تي ڪجھ نظرثاني ڪئي وڃي ڇو جواهو تمام گهڻو مشڪل آهي ته ڪو اميدوار هر سبجيڪٽ ۾ مهارت رکي . جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن هڪ سبجيڪٽ ۾ 55 سيڪڙو کڻي ۽ ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو نٿو کڻي ته اهو به فيل سمجهيو ويندو انهن اهو به ٻڌايوته جا 6 ليول آ ھن ان جي بيسڪ ليول Bloom’s Taxonomy Levels of Learning ريمبرنگ مان ٽيسٽ ٺاھيو ويو آهي .۽ تمام گهڻي ڊسڪشن کانپو۽ اها پاليسي رکي وِئي جيڪا في الحال ته ناڪام رهي . سمجھه ۾ نٿو اچي ته تعليم جو ايڏو بحران هوندي به اها پاليسي رکي وئي. جڏهن ته حڪومت اها به ڄاڻ رکندي هوندي ته هرسال جيڪا 5 لک شاگردن لا۽ اسڪالرشپ اچي ٿي ان ۾ مشڪل سان 219 اميدوارن ڪاميابي ماڻي .ان سڄي حالتن جو ذميوار ڪير آهي ؟ حڪومت، امتحان وٺندڙ ادارا يا وري اميدوار؟ ڇا اسان 21هين صدي جي هن دور ۾ به اونڌاهي ڏي وڃين رهيا آهيون. مان مڃان ٽي ته ڪجھه سوالن ۾ ڏنل آپشنز ۾ ڪجه غلطيون هونديون يا وري پاليسي مشڪل آهي . پر اسڪالرشپ لا۽ ته شفاف طريقي سان امتحان ورتا ويندا آهن ان ۾ به اسان شاگرد ناڪام آ خر ڇو ؟ اسان سڀني جي هٿن ۾سمارٽ فونز صرف سوشل اڪائونٽس استعمال ڪرڻ لا۽ آهن يا وري ٽڪ ٽاڪ تي ويڊيو اپلوڊ ڪري سڄو ڏينهن هر هر اسمارٽ فون کولي لائيڪس وڌنڌي ڏسي خوش ٿيون . ڇا اها پاڻ سان ويساه گهاتي نه آهي ته مهانگائي جي هن دور ۾اسان ڊگريون ڪاپي ڪري وٺو ٿا پر ڪنهن به ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ جي اهليت نٿا رکون . ڇا تعليم جي اهميت کان اڻ ڄاڻائي ٽيسٽن ۾ ناڪامي جو ته سبب ناهي يا وري صرف اهو چوڻ ڪافي آهي ته سفارشي هن دور ۾ نوڪري ملڻ مشڪل آهي .ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي اوطاق ۾ ان جي پرچي ملڻ جي اوسئيڙي کان سٺو آهي ته ويران ٿيل لائيبرين ڏي وک وڌائجي جيڪي اسان جي اوسيئڙي ۾ آهن
حیرت یے کہ تعلیم و ترقی میں ہے پیچھے
جس قوم کا آغاز ہی اقراء سے تھا
. ان سان گڏوگڏ منهجو گورنمينٽ ۽ ٽيسٽ وٺندر ادارن کي به عرض آهي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي لا۽ ورتل امتحانن تي به نظرثاني ڪئي وڃين ته جيئن بيروزگاري ۽ مهانگائي جي هن دور ۾ اسان جي نئين نسل کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪجھ هٿي ملي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button