لاھور

عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي اڳواڻن ۾ ملاقات

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاھور

پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر نخبا تاج لانگاھ سان عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور

پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئر پرسن
پاڪستان سرائيڪي پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي ملاقات

احمد ڪاتيار ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪاشف ملاح سندس رهائشگاھ لاهور ۾ ملاقات ڪري ملڪ خاص طور تي سرائيڪي وسيب ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌين ۽ سرائيڪين  سان بنيادي مسئلا ساڳيا آهن. سنڌ جيان سرائيڪي وسيب جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌين سرائڪين سميت سمورين  مظلوم قومن جي عوام جي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته عوامي تحريڪ هميشه ملڪ جي جمهوريت پسند ترقي پسند ۽ قوم دوست ڌرين سان گڏجي جدوجهد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ملڪ دشمن قوتن ملڪ ۾ شامل قومن کي يرغمال بڻائي هميشه انهن جو استحصال ڪيو آهي. هن وقت مظلوم قومن جي عوام جي استحصال کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته سنڌ جي درياھ، ناڻي، تيل، ڪوئلي، گيس ۽ ٻين وسيلن تي ڌاڙا ھڻي پنھنجي وسيلن کان محروم ڪري سنڌي عوام کي بيروزگاري ۽ بدحالي جي حوالي ڪيو ويو آھي، لکين افغانين بھارين بنگالين برمين ھندستانين ۽ ٻين ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش تي عمل ڪيو پيو وڃي ـ ھن چيو ته  سنڌ کي ملڪ دشمن قوتن جي قبضي مان ڇڏائي، 1940ع جي قرارداد تحت قومن جي خودمختياري تحت ملڪ کي هلائڻ لاء ملڪ جي عوام دوست، قوم دوست ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌرين جي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئر پرسن  ڊاڪٽر نخبہ تاج لانگاھ چيو ته سرائيڪي قوم کي ان ڪري نشانو بڻايو ويو آھي ته سرائيڪي قوم ھن ملڪ ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڌرتي جي مالڪي ۽ حق حڪمراني جي گھر ڪري ٿي ان ڪري سرائيڪي وسيب کي تخت لاھور جو قيدي بڻايو ويو آھي ـ اسان ملتان ۾ نالي ماتر سيڪريٽريٽ کي مڪمل رد ڪريون ٿا ـ ھن چيو ته سنڌين بلوچن سرائيڪين کي گڏيل ٻڌي ۽ پر امن سگھاري جدوجھد ذريعي ملڪ ۽ قومن جي دشمنن  کان پنھنجا بنيادي قومي ۽ انساني حق ڦري وٺڻا پوندا ـ  ھن چيو ته پاڪستان سرائيڪي پارٽي مظلوم قومن جي گڏيل اتحاد لاء ڪوشش ڪري رھي آھي ۽ مختلف سياسي ڌرين سان ان سلسلي ۾ رابطي ۾ آھي ـ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button