آرٽيڪل

بحريا ٽائون والار خلاف اڀرندڙ آواز کي ڪيئن دفن ڪري سگهندو ؟

محمد اظهر رند

سنڌ جو شعور هر دور ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ڳالهه ڪجي هن ڌرتيءَ مٿان جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو آهي تڏهن هن وطن جي چڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هي قوم پنهنجن دنگن ننگن لاءِ پاڻ پتوڙو آهي هن ڌرتيءِ جا جوان دودا نياڻيون ٻار پڪا پوڙها سدائين سنڌ ڌرتيءَ لاءَ جنگ جوٽي آهي هن رياست جي وجود کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ نقصان هن سنڌ کي رسيو آهي جيڪا اسي سال اڳ ۾ هي خوشحال سرسبز خطو آڄ هن ملڪ جي رياست مشينري جي غلط پاليسن جي ڪري سنڌ خشڪ حالي جو ڏيک ڏي رهي آهي هن جون زرعي زمينون پاڻي جي کوٽ سبب بنجر بڻجي ويو آهن هن ڌرتيءِ جا وسيلاين تي وفاق جو قبضو آهي هر سال سنڌ جو اربين جو روينو وفاق جي کاتي ۾ جمع ٿي ٿو پر اين ايف سي ايوارڊِ جي لولي پاپ جيان آمدنيءِ واپسي ملي ٿي تڏهن ته شاعر تنوير سچ چيو آهي ته
ٻاهر گل گلاب جو من تن جو فولاد
سندڙيءَ جو اولاد پر کي ڏسو ڪانئرو !
هن وطن جي لاءِ ڪيترائي قومي مسئلا آهن ڪڏهن روپلو ڪولهي جا ڪارونجهر جبل جي کٽائي ڪڏهن سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ته ڪڏهن سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙا ڌارين جي يلغار هن صوبي کي هڪ عالمي سازش طرح سان سنڌ کي يتيم خانو ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي هاڻي سنڌ جون قيمتي زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي اهڙي نازڪ مسئلي لاءِ سنڌ جو شعور بحريا ٽائون نالي ۾ جڙندڙ ڌارين جو شهر کان وڏو آهي ڇا ڪراچي کي الڳ ڪندڙ جي لاءِ هڪ وڏي سازش ته نه هن هڪ لک ايڪڙ ڪري سنڌي ماڻهون کي لڏائڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن جو ثبوت ڪجهه هفته اڳ بحريا ٽائون سان پوليس ملي ڪري ملير جا قديمي ڳوٺ مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتي سنڌ جو شعور وڏي بهادري سان مزاحمت ڪري ان دشمن عناصرن جي چال کي واکو ڪيو ويو اتي سنڌ جا صحافي برادريءِ قومپرست اڳواڻن وڪيلن غيرتمند شعور جاڳيءَ پيو جنهن جو سڏ 6 جون تي بحريا ٽائون جي در اڳيان پر امن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو دنيا ميڊيا ذريعي ڏٺو ته سنڌي جوڌا نياڻيون ٻارڙا لکن جي تعداد ۾ اتي پهتا جيڪي پرامن طرح سان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو پر ڪجهه هن پروگرام کي ناڪام ڪرڻ لاءِ شرپسنڌن بحريا ٽائون جي در کي باهه ۽ اندر ٻن فلورين کي باهه سان ساڙيو ويو جيڪو وڏو ڪو نقصان نه رسيو ان جي آڙ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کي وجهه ملي ويو جنهن پوري سنڌ مان هزارين جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهون اڳواڻن جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت پوري قيادت کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي آڄ صبح ظاهر ڪيو ويو آهي ان سميت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پوري قيادت تي ايف آر درج ڪئي وئي. اهڙين عمل جي 9 جون آڄ پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ جيڪي گرفتار ۽ گم ٿيل آڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مالڪي لاءِ وڪيل برادري جيڪو ساٿ ڏي رهيو آهي ان کي تاريخ ۾ سنهريءَ اکرن ۾ ياد ڪندي تڏهن تي ڪنهن شاعر سچ چيو ته
گولين کان ڀي ڪين ڊڄن ٿا سوين سلام سوڍن کي
ڪوڙا قيد ۽ ڏنڊ جي هوندي قوم آ روڊن تي .
هن ڌاريا آبادڪاريءَ جي نئي اڏجندڙ شهر بحريا ٽائون جيڪو هڪ سنڌ دشمن منصوبو آهي جنهن تحت هن ڌرتيءَ جا وارث اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿيل آهي جنهن تحت سنڌ جي دل ڪراچي کي ڌار ڪري سگهجي پر ائين ممڪن سنڌي قوم ڪڏهن به ائين نه ڪندي جنهن جون زندهه ثبوت 6 جون جو احتجاج آهي جنهن سان پڪ سنڌ ڪئين نه مرڪي هوندي ۽ جهڙي طرح سان سنڌ جي آواز مٿان ڪوڙا هي شعر ذهين تي تريءَ آيو آهي ته
جيل ته ڇاهي ڦاهي چاڙهيو
ساڙي ڇڏيو ڀل سڀئي سنڌ
مور نه مڙندس چوندو رهندس
جيئي سنڌ جيئي سنڌ ………
هنن سنڌ جي قوم جا جذبا پختي ازم ۽ با مقصد دشمن ڏسي انهن جا حال بتال ٿي ويا آهن آڄ جسقم جي قيادت کي ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن جي آڳواڻن جي چهرين تي وڏا زخم جا نشان موجود هئا .ڪالهه واري احتجاجن هڪ ڀيرو وري سنڌ دشمن عناصرين قومي ڪارڪنن تي ڪوڙيون آيف آءِ آر داخل ڪيو ويون جنهن سان سنڌي قوم کي نفرتن ۾ اضافو ۾ واڌارو آيو آهي تڏهن ته شاعر خوب عڪاسي ڪئي آهي هن شعر ۾
مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس
تنهنجو جيجل کير ملهائيندس .
سنڌ هن وقت وڏي ڪاوڙ ۽ جوش ۾ آهي ڇاڪاڻ ته هن ڌرتيءِ کي ڪنهن راولپنڊي جي اٻوجهه شخص ملڪ رياض جي ڪهڙي حيثيت آهي جو سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي هن جو هن کي حساب ڏڻو پوندو هن ته پنهنجي روڊ رستا الڳ ٺهرايا آهن اتان کان عام ماڻهون کان ٽيڪس وصول ڪيو ٿو وڃي هن پنهنجو بادشاهي قانون جوڙي ڇڏيو آهي پر سنڌ جو باغيرت فرد ڪڏهن به هن ڌاري ماڻهون سان ٺاهه نه ڪندا بلڪل ان شعر وانگر ته
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ
پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
اقليت ۾ تبديل جي سازش شروع کان هلندڙ آهي هن ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ هليا وڃون اتي جي قوم جو گورنر ملندو اتان جا واپار ان صوبي جا باشندا هوندا پر سنڌ جو گورنر ڌاريا زبان جو نمائيندو ملندو ۽ ڪراچي جي شهر ۾ پوري دينا جا نسل جا ماڻهون ملندا اتي ڪاروبار پٺاڻن اردو افغانين جو ملندو پر سنڌي ماڻهون کي هٿ وٺي پوئتي ڪيو پيو وڃي جنهن سان سنڌي ماڻهون پنهنجي وطن ۾ اقليت تبديل ۾ وڪوڙجي ويا آهن جنهن جي ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي حقن ننگن خاطر هڪ ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي تڏهن ئي دشمن کي چالاڪين سان مقابلو ڪري سگهنداسين .
پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button