آرٽيڪل

پورھيتن جي آزاديء کانسواء خوشحالي وارو سج ڪيئن اڀرندو ؟

محمد اظھر رند

پوري دنيا ۾ پورھيتن جو عالمي ڏھاڙو ھر سال جيان پھرين مئي ته مزدورين سان يڪجھتي طور ملھايو ويندو آهي جنهن ڏينهن تي پورھيتن سان ٿيندڙ ڏاڌين سرمائيدارين جو ناروا سلوڪ جي خاتمي خلاف مختلف سياسي نظرياتي تنظيمون انساني فلاحي ڪندڙ ادارا سيمينار ڪانفرنسون ميڙاڪا ڪوٺائي ويندا آھن جنهن جي ذريعي مزدورين سان ڪارخانن فيڪٽرين ھارين ۽ ڏھاڙين پورھيتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز ان تي روشني وڌي ويندي آهي اھڙو سلسلو 1886ع کان ھلندڙ آهي پر اڃان تائين مزدور جي زندگي ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگھيو آهي اھڙي سرمائيداري نظام پورھيتن کي خريد ڪري ڇڏيو آهي جئين انهن جا غلام ھجن انھن کي بک بدحالي جا ڀوء ڏي انهن کي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي جئين انھن جي کھيتي ھجي ‘ اھڙي نظام جي خاتمي خلاف آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ مزدورين ھڪ انقلابي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جو مطالبو ھو ته 12 ڪلاڪن جي ڊيوٽي ختم ڪري 8 ڪلاڪ تائين ڪئي وڃي ان تي قائم پورھيتن ھڪ ٿي ڪري احتجاج ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي مزدور فوت ٿيا پر نيٺ سرمائيدار پنهنجا گوڏا کوڙا ۽ انهن مزدورين جا مطالبا تسليم ڪيا ـ
موجود وقت ۾ پورھيت آزادي واري زندگي نه بسر ڪري رھيو آهي ڇاڪاڻ جو ھر فيڪٽرين ڪارخانن ۾ ٺيڪيداري نظام لاڳو ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري مزدور طبقو جا حق غضب ٿي رھيا آهن ڇاڪاڻ جو ان مزدورين کي انهن کي ھر وقت نوڪري مان ڪڍئڻ جا خوف ان جي دل دماغ ۾ ڳالهيون گردش ڪرائيندا رھندا آهن جنهن جي ڪري پورھيت بيروزگاري جي ڪري پنهنجا حق وٺڻ ۾ پوئتي نظر آيو آهي ٺيڪيداري نظام جي ڪري پورھيتن جا سالانا بونس 5 پرسنٽيج گرئجوئٽي نيڊيڪل الائوئنس موڪلن جا پئيسا به سرمائيدارين جي ۽ ان سان ٺيڪيدارين ملي ڀڳت ڪري پورھيتن جا حق ڦٻائين ٿا جنهن جي ڪري مزدور طبقو غريب ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير طبقو ويتر ترقي خوشحالي طرف گامزين ٿيندو ٿو وڃي ھن وقت جتي ڪورونا ڪوڊ 19 جھڙي بيماري پوري دنيا کي پريشاني واري ڪيفيت ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري بي روزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي اھو به غريب طبقي لاء پريشاني واري زندگيَ گذاريڻ تي مجبور ٿي ويو آهي سرمائيداري نظام ۾ سرمائيدار وڏا وڙڪڙ ڪري پورھيتن کي فيڪٽرين ڪارخانن مان بيدخل ڪري بيروزگار جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ھن ۾ فيڪٽرين جا مالڪان وٽ ايتري آمدني موجوده پيل ھوندي آهي جنهن ھو ڪيترائي سال سک سان زندگيَ گذاري سگهجي ٿو پر جيڪو روز ڪمائي اھو ته مزدور بک وگھي وقت مشڪل سان گذاريندو ھن پورھيت واري ڏينهن تي ڪيترائي سيمينار ٿيندا آهن ان سان گڏوگڏ سرڪاري عام موڪل جو اعلان پڻ ڪندي آهي پر انهن جو فائدو روز جي ڏھاڙين وارا مزدور جيڪي تغاري بيلچو وھائي پنهنجي پگهر سان روزي ڪندا آهن اھي کي سرڪاري موڪل جو ڪو به فائدو نه ٿو رسي ـ ڇاڪاڻ ته انهن کي ھڪ ڏينهن جي مزدوري نه ملڻ ڪري اھي پورھيت ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪاٿي پورھيو ڪندي نظر ايندا آهن ـ تڏهن ته لطيف سرڪار سچ چئي ڏنو ته
ھلو ھلو ڪوريئن نازڪ جن جو نينهن

ڳنڊين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا ( شاھ) ـ
پورھيتن سان ڏاڌايون جو سلسلو پراڻو آهي جنهن جي خاتمي تائين اميري ۽ غريبي واري وڙھ ختم نه ٿي سگهندي ھن ملڪ ۾ نجڪاري وارو منصوبو سرمائيداري نظام کي مضبوط ڪري ٿو ۽ پورھيت ڪمزور جي منهن ۾ ڌڪجو وڃي جڏهن 1967ع ۾ پ پ جو بنياد رکيو ويو ۽ نعارو منشور رکيو ويو ته روٽي ڪپڙا مڪان جو رنگ سوشلزم سان ڀيٽ ڪئي وئي ان جو نتيجو 1990 ع ۾ ڪيتريون ئي ملڪيتون نجڪاري ڪري منشور جون ڌجيون اڏاري ڇڏيون 1973 ع جي آئين ۾ مزدورين جي پگھار سون جو ھڪ تولو جيتري پگھار مقرر ھجڻ سان گڏوگڏ ان جي ٻارين جي تعليم ميٽرڪ تائين مفت ۽ ڊيوٽي 8 ڪلاڪن تائين ورتي ويندي پر اھڙو فارمولو تي عمل ٿي نه سگھيو آهي آرٽيڪل نمبر 11 شق ٻارين جي جبري پورھيو منع ٿيل آهي ھن سان گڏو گڏوگڏ 17 شق مزدورين جي يونين جي اجازت ڏي ٿي پر انهن تي عمل ناهي پورھيتن جي حقن جي آزادي کانسواء طبقاتي نظام جو خاتمو نا ممڪن آهي جيستائين مزدورين جي آواز کي دٻايو ويندو اوستائين نئون خوشحالي جو سج نه اڀري سگھندو ان ته شيخ اياز جو شعر ذھين تي تري آيو ته
تون به چنيسر مرڻو ناھين
ويس مٽائي ورڻو آھين
ناتو نئين سان ويس بدل سان
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
جاري آهي جاري رھندي
جاري آهي جاري رھندي ( اياز ) ـ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button