قبوسعيدخان

عيد الفطر : ڪچي پل ۾ ڳجھي نموني شيون وڪرو ٿيڻ لڳيون، ھٿ ٺوڪيا اگھ مقرر

شبيرمگسي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، قبو سعيد خان
Eid ul Fitr celebration at Kachi pullڪچي پل ۾ عيد الفطر جي خريداري ۾ تيزي نه آئي مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي دوڪاندار پريشان وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪورونا وائرس انسانن سان گڏ ملڪي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. دڪانن جي بند ھجڻ سبب عيد ۾ گھربل ضرورت واريون شيون ، ڪپڙو، سينگار ۽ ٻيون شيون خريدارن دڪانن بدران واپارين پاران مقرر ڪيل ڳجھين ھنڌن تان خريدارن کي بليڪ تي ڏيڻ لڳا جڏھن درزين في جوڙي جو سلائي اگھ 5 سئو مان وڌائي 8 سئو مقرر ڪري ڇڏيو، ڪچي پل جھڙي پسمانده ۽ پٺ تي پيل علائقن کي ڪورونا جي ڪارڻ سرڪار پاران لاڳو ڪيل حڪمن ھيٺ ٿيل سختين جي ڪارڻ روزگار جا وسائل نه ھجڻ ڪري غريب ۽ مڊل ليول وارا ماڻھون بہ پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ سبب عيد جي خريداري کان پري رھڻ لڳا جنھن ڪارڻ ڪچي پل جي مارڪيٽ ۽ بازارون عيد الفطر جي موقعي تي ويران پڻ نظر اچي رھيا آھن ، ھڪ طرف منافعي خورن پاران ھٿراڏو مھانگائي جو طوفان ، ڪورونا وائرس جو قدرتي عذاب ٻئي پاسي دوڪاندار جي ھڪ ھٽي ماڻھن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ڪچي پل شھر ۾ زرعي آباديون گھٽ ٿيڻ جي ڪري غربت جو ريشو وڌي وڃڻ ڪري ماڻھن پنھجي معصوم بڇڙن کي نوان ڪپڙا پارائڻ بدران پراڻن ڪپڙن سان عيد جا ٻه ٽي ڏينھن ڪڍڻ جي ڪري پنھنجو وقت گذر ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا دوڪاندارن جو چوڻ ھو ته لڳاتار ڪورونا وبا جي سبب ڊيلرن ۽ ڪارخانن مان سامان اسان کي ڊبل ريٽ ۾ کپائي ڏيئي اسان سان وڏو ظلم ڪري رھيا آھن جنھن ڪارڻ اسين سامان مھانگو ويڪرو ڪرڻ تي مجبور آھيون جن خلاف حڪومت کي ڪاروائي ڪرڻ گھرجي جڏھن ته خريدارن جو چوڻ ھو ته اسان ھڪ ته مذدور ماڻھون ڪورونا سبب روزي به نه لڳي پئي ٻئي طرف مھانگائي جو طوفان سبب گھر جو چرغو ھلائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ڪپڙو،اٽو، گھر لا۽ راشن جي سامان جون قيمتون آسمان سان ڳاليھون ڪرن پيا ھنن چيو ته عمران خان نئو پاڪستان جا خواب ڏيکاري ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي پھچايو، حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ھنن جو چوڻ ھو ته حڪمرانن کي غريبن جو ڪو به احساس ناھي رھيو ھنن جو چوڻ ھو ته سرڪار کي گھرجي ته منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪري ترت مھانگائي گھٽ ڪري غريب عوام سان انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button