ٺٽو

ٺٽو: سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف پورھيتن پاران احتجاجي ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
پورھيت مزاحمت ٺٽو طرفان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪشميرين کي آباد ڪرڻ جي تيارين خلاف ٺٽي ۾ پورهيت مزاحمت ٺٽو جي اڳواڻن سلمان جاکرو، اعجاز جاکرو، ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاه، سول سوسائٽي جي اڳواڻ اياز لاشاري، شهري اتحاد ٺٽو جي صدر جاويد غني ميمڻ، حيدر شورو جي اڳواڻي ۾ مين رڪشا اسٽاپ کان پريس ڪلب ٺٽو تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. جنھن کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ هڪ منظم سازش تحت ٻين ڌارين جيان ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، والاريل ڪشمير جي تڙيل ماڻهن کي سڄي سنڌ خاص طور تي لاڙ جي ساحلي پٽي شاهبندر ۽ جاتي ۾ آباد ڪرڻ لاء زمين جي نشاندهي ڪرڻ ناانصافي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ٻئي طرف جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھ سنڌي، حاجي انور ڪرناڻي، يوسف ڪرناڻي جاري ڪيل بيان ۾ ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش تي تيزي سان عمل شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ساحلي پٽي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ لا۽ مستقل طور تي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي اندر نئون اسرائيل ٺاھڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته ڊي سي سجاول طرفان ڪشميرين کي سجاول۾ آباد ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي جيئي سنڌ تحريڪ اهڙي عمل جي سخت مزاحمت ڪندي جلد سنڌ جي سڃاڻ ڌرين سان رابطو ڪري ڊي سي سجاول جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button