فريدآباد

فريدآباد: سرڪارملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ بجاءِ مھانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
ڪاڇي جي عوام کي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ، پيئڻ جي مٺي پاڻي تعليم صحت ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم ڪاڇي جو مسڪين عوام ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو قومپرست جدوجهد ڪاميٽي جي سربراهه ڪامريڊ انور کوکر پنهنجي ساٿين عباس خاصخيلي، منور ديشي سميت پريس ڪلب فريدآباد پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تبديلي سرڪارملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ بجاءِ ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان برپا ڪري غريب ختم ڪرڻ واري عمل تي سنڌرا ٻڌي ڇڏيا آهن ھن وڌيڪ چيو ته ڪاڇي مان سالن کان اربين کربين روپين جو تيل گيس ڪڍي کڻي ويندڙ تيل گيس ڪمپني به ڪاڇي جي مقامي ماڻهن کي روزگار تعليم روڊ رستن صحت سميت ٻيون بنيادي سھولتون ڏيئي نه سگهي آهي الٽو ميھڙ فريدآباد جي تعمير ٿيل روڊن ۽ پلن تان ھيوي مشينري ۽ ٽريفڪ گذارڻ ڪري فريدآباد جي تاريخي پل سميت فريدآباد، شاهه گودڙيو روڊ رستا تباهه ڪري ڇڏيا آهن ھن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان ڪرپشن خوري ۽ مھانگائي ختم ڪري ڪاڇي سميت پٺ تي پيل علائقن جي ماڻهن کي زندگيءَ جون بنيادي سھولتون گيس پيئڻ جو صاف پاڻي تعليم صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button