آرٽيڪل

NICVD خلاف سازشي پروپيگينڊه جي حقيقت

ڊاڪٽر عبدالمتين شيخ

انساني فطرت آهي ته جڏهن انسان حسد ۽ بغض جو شڪار ٿئي ٿو يا ان جي چوري پڪڙي وڃي ٿي ته هو رڙين ڪرڻ سان گڏ الزام هڻڻ ۽ بهتان بازي تي

Dr Mateen Shaikh
ڊاڪٽر عبدالمتين شيخ

لهي ايندو آهي. هو بغض ۽ حسد جي اهڙي ڌٻڻ سان جڪڙي وڃي ٿو جو کيس اهو خيال به نٿو رهي ته پنهنجي مخالف کي نقصان رسائڻ جي جستجو ۾ در حقيقت آسمان تي ٿُڪ اڇلائڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مخالف جي ناموس کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن غليظ مقصد جي حاصلات لاءِ اخلاق جون سڀ حدون پڻ اورانگهي ويهي ٿو. الزام تراشي نه فقط مذهبي طور خطرناڪ آهي پر معاشرتي ۽ اخلاقي لحاظ کان به ڪريل حرڪت آهي، اسانجي معاشري جو هڪ غلط حصو اهو به آهي ته جيستائين اسان پاڻ ڪنهن ڪم، عمل ۽ ٽيم جو حصو آهيون تيستائين اهو دنيا جو سڀ کان سٺو ادارو يا فرم هوندو آهي، چاهي پارليامينٽ هجي يا ڪا ڪمپني اگر اوهان ان جو حصو آهيو ته ان کان بهتر ۽ مناسب دنيا ۾ ڪجهه به نه آهي پر جيڪڏهن توهان کي ان اداري يا ان عهدي تان هٽايو ٿو وڃي ۽ ان جو سبب خراب ڪارڪردگي، نااهلي، ٻه نمبري، بي ايماني، بدديانتي ۽ حرامخوري ڇو نه هجي جلد اهو ادارو، محڪمو يا پارليامينٽ ڪرپٽ، بي ايمان ۽ غير معياري ٿي وڃي ٿي ۽ اهو مهاورو ورجايو وڃي ٿو ته ”مجهي ڪيون نڪالا“، پوءِ ته پريس ڪانفرنس جي ڀرمار، مختلف قسم جا ڪوڙا الزام توڙي انڪشاف ڪيا وڃن ٿا ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته فلاڻو ادارو، ڪمپني ڪرپٽ ترين جڳهه آهي.

تازوئي اهو ڏٺو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بريڪنگ نيوز جي آواز ڪنن ۾ گونجي ٿي ته دل جي بيمارين جي قومي اداري ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فلاڻي ڪرپشن سامهون آئي آهي وغيره وغيره. جيستائين منهنجي ذاتي معلومات آهي NICVD هڪ واحد اسپتال آهي جيڪو سچ ۾ هڪ قومي ادارو آهي. 2019 ۾ هن اداري کي دنيا جي سڀ کان وڏي دل جا آپريشن مفت ۾ ڪرڻ واري اسپتال جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو آهي. منهنجا پنهنجا مٽ مائٽ، ويجها رشتيدار، استاد ۽ ڪيترائي ٻيا خاندان جا ميمبر هن اداري جي طرفان ٿيندڙ علاج مان مستفيد ٿي چڪا آهن. مونکي تمام گهڻو تعجب ٿيو ته آخر اهڙو ڇا ٿيو جو هڪ اهڙي اسپتال جي لاءِ جنهن مان هڪ شهر، هڪ صوبو، پورو ملڪ اُن کان علاوه افغانستان ۽ ايران کان اچڻ وارن جو علاج پڻ بنا ڪنهن رنگ، نسل، زبان يا ڪنهن ٻئي مذهبي فرق جي بنا مڪمل طور تي مفت ۾ ڪيو پيو وڃي ته پوءِ هن اسپتال جي لاءِ اهڙيون خبرون لکڻ جو جواز ڪهڙو آهي. ان تعجب مونکي هن موضوع تي حقيقتون لکڻ ۽ سڀني جي سامهون آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، ان متعلق جڏهن مون تحقيق ڪئي ته اهو ٻڌي مونکي حيرت به ٿي ۽ تڪليف به پهتي پر تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي جيڪا ٻڌي توهان کي پڻ ڏک پهچندو، لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي جيڪڏهن ڪنهن ذاتي يا سياسي اختلاف کان هٽي ڪري لکيو وڃي. حقيقت ۽ غير جانبدار نظر سان ڏٺو وڃي ته هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ حڪومت جي ماتحت اسپتال NICVD جنهن کي عام طور تي جناح ڪارڊيولاجي يا ڪارڊيو اسپتال جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جيڪا حقيقت ۾ هڪ نعمت آهي ۽ هڪ اهڙي نعمت جنهن مان نه صرف اسان جو پنهنجو ملڪ پر ٻيا پاڙيسري ملڪ پڻ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، اُهي سڀئي ماڻهو جيڪي دل جي ڪنهن به مرض جو شڪار آهن ۽ اُنهن کي دل جي ڪنهن به آپريشن جي ضرورت هجي مثال طور دل جون بند شريانون کولڻ لاءِ اسٽنٽ وجهڻ جو آپريشن، دل جا وال تبديل ڪرڻ جو آپريشن، دل ۾ بيٽري لڳائڻ جو آپريشن يا وري باءِ پاس جهڙو نازڪ ۽ مهانگو آپريشن ۽ هر اهو مهانگو علاج جيڪو ٻين خانگي اسپتالن ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ته ٺهيو پر چڱي ڀلي ماڻهو جي لاءِ به برداشت ڪرڻ جوڳو نه هوندو آهي ۽ سڄي زندگي جي جمع پونجي خرچ ڪرڻ کانپوءِ به ماڻهو اُن کي پڄي نه سگهندا آهن پر هي اسپتال دل جا سڀئي علاج مڪمل طور تي مفت ۾ فراهم ڪري ٿي، اُن کانپوءِ اهو سوچڻ تي مجبور آهيان ته آخر هي ڪرپشن جي ڪهڙي ماجرا آهي يا وري ڪهڙو جادو آهي جنهن سبب هن هڪ اسپتال سڄي سنڌ ۾ پنهنجا 28 ننڍا وڏا يونٽس قائم ڪري ورتا آهن سو به گذريل چند سالن ۾. جيڪڏهن هتي بي ايماني ۽ ڪرپشن موجود هجي ها ته هن مهل تائين هن اداري جو نالو ئي ختم ٿي وڃي ها پر هتي ته قصو ئي ابتو هو جو اهو اسپتال هڪ کان 28 اسپتالن ۾ بدلجي وئي اهي سڀ ننڍا وڏا يونٽ ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ قائم آهن ۽ حوصلا افزا ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا اهي شهر ۽ ضلعا جتي پيئڻ جو پاڻي پڻ مناسب طريقي سان ميسر نه آهي اُتي دل جو علاج جديد ترين سهولتن سان بنا ڪنهن متڀيد يا رنگ نسل جي مفت ۾ مهيسر آهي ۽ اها انمول نعمت کان ڪڏهن به گهٽ نه آهي ٿورڙو دل تي هٿ رکي سوچيو جو هڪ اهڙي غريب خاندان جو سربراهه جنهن کي دل جو مرض لڳي وڃي ۽ ان جي علاج جي لاءِ وسيلا ميسر نه هجن ۽ موت جو هو منتظر هجي، اُن کي پنهنجي ٻچڙن زال ۽ مائٽن جي بي وسي ۽ بي يارو مددگار هجڻ جو خوف اندر ۾ کائي رهيو هجي ايتري ۾ ڪا اهڙي اسپتال ان شخص کي بنا ڪنهن دير مفت علاج فراهم ڪري ته اها اُن هڪ ماڻهو جي مدد نه پر پوري خاندان جي مدد آهي ۽ هڪ ماڻهو جي جان بچائڻ سڄي خاندان جي جان بچائڻ آهي. هاڻي توهان پاڻ اندازو لڳايو ته اهڙا هزارين نه پر لکين ماڻهو آهن جن جو علاج مفت ۾ ٿيندو هجي ته يعني توهان ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهن کي شاد ۽ آباد ٿا ڪيو، وڌيڪ تحقيق ۽ معاملي کي سمجهڻ کانپوءِ خبر پئي ته هاڻوڪي پروپيگنڊه جو اصل سبب NICVD ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه آفيسرن ۽ ملازمن جي بدترين سازش آهي جن تي اداري ۽ حڪومتي انڪوائري کانپوءِ ڪرپشن سميت بي ايماني، حرامخوري ۽ بدديانتي جا سڀ معاملا پختن ثبوتن عيوض سامهون آيا جنهن کانپوءِ اسپتال انتظاميه قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ اُنهن کي ملازمت ۽ ذميواري کان پڻ آجو ڪيو. اُن کانپوءِ انهن ملازمن ۽ آفيسرن هن خُدا ترس ۽ عوام جي داد رسي ڪندڙ اسپتال جي خلاف روايتي انداز ۾ ڪِريل سازش جي تحت ڪوڙا مقدمه ۽ شڪايتون پڻ درج ڪرايون، ان کان وڌيڪ حيرت ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته انهن نيڪالي ڏنل ملازمن ۾ اهڙا ملازم پڻ سامهون آيا جيڪي حڪومت ۽ اسپتال کي گهوسٽ ملازم جي شڪل ۾ چُن هڻي رهيا هئا ۽ انهن آفيسرن کي حڪومت ۾ رهندي ٻِٽي ملازمت جو شرف پڻ حاصل هو، ظاهر آهي ته هي هڪ فطري عمل هو ته جڏهن شيطان کي شهر بدر ڪيو وڃي ٿو ته هو نه صرف رڙيون ڪندو پر معصوم ماڻهن کي ورغلائڻ جهڙو شيطاني عمل پڻ شروع ڪندو آهي، ان سازشي سلسلسي کي اڳتي وڌائندي NICVD جي خلاف ان تي غليظ پروپيگنڊا جا مختلف طريقا ۽ حربا استعمال ڪري اُنهن کي هوا ڏني وئي اُن جي باوجود NICVD پنهنجي عزم ۽ حوصلي کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي خدمتن کي نه فقط جاري رکيو پر هن عالمي وبا ڪرونا جي دوران پڻ پنهنجون خدمتون 24 ڪلاڪ بنا ڪنهن وقتي جي جاري رکيون. NICVD جي اسٽاف پنهنجي صحت ۽ پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي ڪرونا خلاف پڻ پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا سڀني مريضن کي طبي سهولتون پڻ ساڳئي طرح فراهم ڪيون، هُن نتيجي ۾ اسپتال جو ڪيتروئي عملو پڻ ڪرونا جو شڪار ٿيو پر انهن مشڪل ترين حالتن جي باوجود پڻ انهن پنهنجي عوامي خدمت ۾ ڪابه ڪثر ڪون ڇڏي. اڃا وڌيڪ تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه پڻ سامهون آئي ته دِل جي بيمارين جو مفت علاج ڪندڙ هن قومي اداري جنهن گذريل 5 سالن جي دور ۾ اداري جي سربراهه ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نديم قمر جي لازوال قابليتن ۽ قائدانه صلاحيتن جي بدولت هڪ مان 28 ننڍا وڏا اسپتال توڙي يونٽ پڻ قائم ڪري ڇڏيا، 2015 ۾ هتي اچڻ وارن مريضن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا چار لک هو جيڪو 2020 تائين وڌي 17 لک جي ويجهو پهچي ويو هي تمام ترقي عوامي سهولت جي ڪري اهي سڀئي مريض جيڪي پنهنجي دل جي تڪليف جي علاج لاءِ خانگي اسپتالن جو رُخ ڪندا هئا، اُنهن جي گهڻي تعداد جن ۾ سفيد پوش ڪلاس جا ماڻهو پڻ شامل آهن ته اُهي پڻ هن اداري مان علاج ڪرائن ٿا جنهن جي ڪري خانگي اسپتالن جي ڪاروبار ۽ آمدني ۾ پڻ خاطر خواهه گهٽتائي ڏٺي وئي. هاڻي اهو عين ممڪن آهي ته اهي نيڪالي مليل آفيسر توڙي ملازم خانگي اسپتالن جي بااثر مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري هن قومي اداري خلاف هٿ ٺوڪي سازش ڪري رهيا هجن. هن حقيقت جي سامهون اچڻ کانپوءِ اهو ضروري اهو ته آئون لکين ڪروڙين ماڻهو جيڪي هن اداري جي بدولت مفت علاج جي ذريعي مستفيد ٿي پنهنجون توڙي ٻين جون زندگيون بچائي رهيا آهن ته اُنهن تائين حقيقتون ۽ سچايون پهچايان ته جيئن غريب ماڻهو کان اُن جو حق ۽ نعمت کسجڻ جي غليظ سازش بند ٿي وڃي ۽ اُن لکين ڪروڙين ماڻهن جي خدمت ۾ ايندڙ هر رُڪاوٽ توڙي رُخنو ختم ٿي وڃي. هاڻي اُن جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي ۽ مان اُنهن تي ئي ڇڏي رهيو آهيان ۽ گڏوگڏ هڪ محب وطن پاڪستاني هجڻ جي ناتي اها پڻ اپيل ڪريان ٿو ته سڄي ملڪ جا ماڻهو هن ڪوڙي پروپيگنڊه ڪندڙ ماڻهن کي سڃاڻين ۽ غريب عوام کان علاج جي يا مفت ۽ اعليٰ ترين نعمت کسجڻ کان بچائڻ ۾ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪن جيڪا اسان سڀني جي نه صرف قومي پر اخلاقي ۽ انساني ذميواري پڻ آهي، اسان سڀني کي گهرجي ته اها سچائي ۽ حقيقت هر فورم ۽ ايوان تائين پهچايون ۽ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي، دل جي بيمارين جي هن قومي اداري کي اسپتال توڙي عوام دشمن ظالم ۽ پروپيگنڊه ڪندڙ عناصرن کان بچايون ۽ اُنهن جي ناپاڪ ارادن کي ڌوڙ ۾ ملايون. هي ڪارڊيو اسپتال اسان سڀني پاڪستانين جي آهي ۽ هر پاڪستاني جو هن تي برابر جو حق آهي اچو ته هن اداري جي حفاظت ڪريون ۽ فسادي ماڻهن خلاف لوهه جي ديوار بڻجي هن اسپتال توڙي هُن جي ملازمن جي همٿ بڻجون، الله پاڪ هن اسپتال توڙي هن ۾ ڪم ڪندڙ سڄي عملي کي هميشه پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن هي ادارو ڏينهو ڏينهن وڌ ۾ وڌ ترقي ڪندو رهي (آمين).

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button