رتوديرو

رتوديرو ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل ھڙتال رھي

سنڌي شڪيل دايو، رتوديرو

رتوديرو ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئيSTP activists of ratodero

رپورٽ موجب. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي خلاف ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي رتوديرو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي هڙتال سبب شهر جا مکيه ڪارروائي مرڪز ريشم گهٽي ڪپڙا بازار سونارا بازار ڪريانا بازار مڃيار بازار سبزي بازار مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته ڪارڪنن پاران ترقي پسند هائوس کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب رتوديرو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر الهورايو عمراڻي ڪامريڊ اختر بليدي صدر ايراني وسيم لاشاري نور حسن بلوچ عاشق حسين عمراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق جون سنڌ جي خلاف سازشون ڪرڻ هڪ ڪڌو عمل آهي ۽ اسين اهڙي سنڌ دشمني واري روش جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته جڏھن کان هي ملڪ وجود ۾ آيو آهي ان ڏينهن کان سنڌ جو وجود ۽ قومي تشخص خلاف بدنيتي تي ٻڌل پاليسيون جاري ڪري سنڌ سان بد نيتي جو ثبوت ڏنو آهي هنن چيو ته وفاق سنڌ جي معدني وسيلن تي پهريان کان ئي قابض آهي هيئنر سنڌ جي ملڪيت سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آھي جيڪو سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا هنن چيو ته گونر سنڌ ڌرتيءَ سان غداري ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ڪڏهن به اهڙين سازشن ۾ ڪامياب نه ويندو هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو وفاق پرست ۽ سنڌ دشمن پارٽين سان گڏ بيهڻ بجاءِ قومپرست ۽ ترقي پسند فڪر ۽ فلسفو رکندڙ سنڌ جي سڄڻن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ساٿ ڏئي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ شامل ٿي سنڌ ماءُ سان وفاداري جو ثبوت ڏين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button