راڻي پور

راڻي پور: رورل ھيلٿ سينٽر جي اسٽاف پاران ھڙتال جاري

عبدالرحيم سولنگي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، راڻيپور
Ranipur doctorsرورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪ جي عملي پاران ڪرونارسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال جاري رکي۔
صرف ايمرجنسي جي مريضن کي فسٽ ايڊ ڏني پئي وڃي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل ڊاڪٽر رابيل سوڍڙو ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ ڊاڪٽر شڪيلا ڀيلار ڊاڪٽر علي حسن وساڻ غلام اصغر ملاح دين محمد پتافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي باقي ٽنھي صوبن ۾رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي صرف سنڌ کي الائونس کان محروم رکيو پيو وڃي سنڌ ۾ ڪرونا جون ٽيسٽون ٿي رھيون آھن ۔مريض به ظاھر ٿي رھيا آھن پوء به کين رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي۔ ھنن چتاء ڏيندي چيوته کين رسڪ الائونس نه ڏنو ويو ته پوء دمادم مست قلندر ٿيندو ۽ اھي ۔اھي پوء اسلامآباد وڃي ڌرڻو ھڻندا۔ ۽مطالبن جي مڃتا تائين نه اٿندا۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button