آرٽيڪل

ڪرونا جو ٻيهر وار ۽ سهولتن جي اڻهوند

صاحب خان ڀٽي

Sahib Khan Bhatti
صاحب خان ڀٽي

چين مان پکڙيل ڪرونا وائرس سڄي دنيا ۾ ماهر ڊاڪٽرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ڪيترن ئي ملڪن لکين ماڻهو هن وبا جي ڪري فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو انهيءَ بيماري جو مقابلو ڪري رهيا آهن، ڪيترن ئي ملڪن هن بيماري جي وئڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي پر ان جي دستيابي هيل تائين ممڪن ناهي ٿي سگهي، دنيا جي ماهر ڊاڪٽر اڃا تئين هن وبا جي وئڪسين تي ريسرچ به ڪري رهيا آهن، هن خطرناڪ وبا جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن جو پاڻ ۾ زميني توڙي هوائي رابطو به ڪٽيل هو، سرحدون به سيل ڪيون ويون هيون، ايتري قدر جو ماڻهن کي اهو چيو ويو ته جتي رهو ٿا، اتي رهو، سفر نه ڪريو، هن خطرناڪ وبا جي ڪري دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪاروهنوار به ٺپ ٿي ويو هو، غريب ملڪن ۾ ماڻهو بيماري نه پر بک ۽ بدحالي جي ڪري مرڻ لڳا هئا، آخر ڪار هن بيماري تي ڪنٽرول ۽ بک بدحالي کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تحت صنعتي ادارا توڙي ڪاروبار کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان ۾ به آهستي آهستي ڪاروبار کلي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ معمول واري زندگي بحال ٿيندي نظر اچي رهي آهي پر اسان جو ملڪ دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جتي هيل تائين ماڻهن هن بيماري کي سنجيدگي طور ناهي ورتو، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته هن ملڪ ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ برابر آهي، سنڌ ۾ ته ڪاري سائي جي ڪري ماڻهو مري رهيا آهن، ٻيون به کوڙ ساريون بيماريون آهن ۽ غريب ماڻهن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ پئسا ئي نه آهن، سرڪاري اسپتالن جو حال اهو آهي ته جيڪو به ماڻهو علاج ڪرائڻ وڃي ٿو ته اهو صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيماري ٿي وڃي ٿو، ڪراچي هجي يا وري سنڌ ڪو ٻيو شهر سڀني جو ساڳو حال آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال ۾ گهٽ پنهنجي خانگي ڪلينڪن تي وڌيڪ ويٺل نظر ايندا آهن، باقي ڪچي آبادين ۾ نرسنگ جو ڪورس ڪيل ماڻهو ڊاڪٽر بڻجي ماڻهن جو علاج ڪري رهيا آهن، ان سان گڏ ماڻهن جو سنجيده نه ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته ماڻهو پئسا نه هئڻ سبب ڊاڪٽرن وٽ گهٽ ڦيڻو پڙهندڙن وٽ وڌيڪ ويندا آهن ، ڇاڪاڻ ته سرڪاري اسپتالن ۾ ته ڊاڪٽرن جون هڙتالون هلنديون رهنديون آهن، جيڪڏهن هڙتالون ختم ٿي وڃن ته پوءِ هو مريضن جو چيڪ اپ ته ڪندا آهن پر دوائون وري خانگي اسٽورن تان خريد ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهن، ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين جيڪي به سرڪاري اسپتالون آهن، انهن ٻاهران خانگي اسٽور لائينز سان ٺهيل آهن، جتان انجيڪشن کان ويندي ٽڪين تائين سمورين دوائون مريض وٺڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ غريب ماڻهن کي دوائون ملن ها ته شايد اهي خانگي ميڊيڪل اسٽور سرڪاري اسپتالن جي ٻاهران ٺهيل نه هجن ها، ايتري قدر جو سرڪاري اسپتالن اندر به ميڊيسين ڪمپنين جا ڊيلر ڊاڪٽرن سان ملاقاتون ڪرڻ ايندا آهن، ڇا ڪنهن دوا ڪمپني جو سپلائر ڪنهن سرڪاري ڊاڪٽر سان ڊيوٽي وقت ملاقات ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪري سگهي ٿو ته پوءِ يقينن دال ۾ڪجهه ڪارو آهي.
بهرحال مان ته نرسنگ جو ڪورس ڪندڙن جون به ڪلينڪون ڏٺيون آهن ۽ اهي ڪلنيڪون ڊاڪٽرن جي آشيروارد سان هلي رهيون آهن، جتي ڊاڪٽر گهٽ ڊسپينسرن کي علاج ڪندي ڏٺو آهي، هڪ ڀيرو مون به پنهنجي علائقي ۾ رات جي وقت ڪلينڪ کليل ڏٺي، جتي ويٺل ڊاڪٽر مون کي ڊرپ لڳائي ته منهنجي ٻانهن ئي ڪاري ٿي وئي، پوءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارو ۽ هن ٽيوب لکي ڏنو ٻانهن کي هلڻ لاءِ پوءِ وڃي منهنجي ٻانهن ٺيڪ ٿي ۽ چيو ته تيز بخار ۾ ڊرپ لڳائڻ سبب اهو ري ايڪشن ٿيو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اسان جي صحت کاتي جون ٽيمون ڪيڏو ورڪ ڪري رهيون آهن، ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ لکين ماڻهن جي آبادي وارن علائقن ۾ به سرڪاري اسپتالون نه آهن، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ شهر ۾ سرڪاري اسپتالون آڱرن تي ڳڻڻ جيترون ۽ خانگي اسپتالن جي ته لسٽ ئي ختم نه ٿي ٿئي، مطلب ته خانگي اسپتالون مهانگيون به ۽ علاج جون سهولتون به بهتر آهن، جتي غريب ماڻهن جو علاج ڪرائڻ ناممڪن آهي. جيئن سرڪاري اسڪول ته آهن پر تعليمي معيار بهتر نه آهي، ايئن سرڪاري اسپتالن جو حال آهي، تازو ئي هڪ خبر سامهون آئي آهي ته جانورن لاءِ سنڌسرڪار دوائون خريد ڪيون آهن، سٺو آهي، جانورن لاءِ دوائون خريد ڪيون ويون، پر ان کان اڳ انسانن کي ته بچايو وڃي، تازي برساتن کانپوءِ مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آهي، ماڻهو ملير، کنگهه، زڪام ۽ ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هيل تائين متاثر علائقن ۾ مڇر مار اسپري ناهي ڪرايو ويو، جنهن سبب ماڻهو ڪرونا سان گهٽ پر مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وڌيڪ فوت ٿي رهيا آهن، جنهن ڏينهن کان ڪرونا وائرس جون ٽيسٽون شروع ٿيون آهن، تنهن ڏينهن کان اهي خبرون اچي رهيون آهن ته سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو ڪاري سائي ۽ ٻيمارين ۾ مبتلا آهن، جيڪي غريب سبب علاج به نه ٿا ڪرائي سگهن، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي بيروزگاري ۽ بک بدحالي جي ور چاڙهيو ويو آهي، سنڌين کان ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪندڙ ڌر صاف پاڻي ته ڇا صحت جون سهولتون به فراهم نه ڪري سگهي آهي، ٿر ۾ معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي رهيا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري،
محرم کان اڳ ٻڌايو ويو ته ڪرونا تي ضابطو اچي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان به چيو ته وڌيڪ لاڪ ڊائون نه ٿا لڳائي سگهون، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪرونا سان گهٽ پر بک ۽ بدحالي سان وڌيڪ مري ويندا، جنهن سبب اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃڻو پوندو پر سنڌ سرڪار ان جي مخالفت ڪئي هئي، پر ملڪ جي عوام وزيراعظم عمران خان جي ان فيصلي جي واکاڻ ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ ملڪ اڳ ئي آءِ ايم ايف جو قرضي آهي، جيڪڏهن ڪاروبار بند رهندو ته غريب ماڻهو هو نئن ڏتڙيل آهي، پنهنجو پيٽ ڪيئن پاليندو پر وڏي وزير مراد علي شاهه وٽ سڀ ڪجهه آهي، ان کي ڪهڙو فرق پوندو، وزيراعظم جي غريب ماڻهن جي فڪر ثابت ڪيو ته وڏيرا شاهي ۽ هڪ عام ماڻهو ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، ليڊر اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي عوام جو خيال رکي باقي سنڌ جي حڪمران جو ته اهو حال آهي ته ڪروڙين روپين جو راشن ورهايو ويو پر خبر ناهي ڪنهن کي مليو آهي، ميڊيا توڙي عدالتن ۾ به راشن ورهائڻ واري عمل تي به سوال اٿاريا ويا ته اهو راشن رات جي اونداهي ۾ ڪنهن کي ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته جيڪي اصل حقدار هئا، اهي ته دانهون ڪري رهيا هئا، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ته ماڻهن کي راشن مليو ئي نه، سنڌ جي ٻين شهرن کي ڇڏيو، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ به قديم سنڌي وسندين ۾ به رڳو من پسندن ماڻهن کي راشن ڏنو ويو، ڇاڪاڻ حڪومت کي خبر نه آهي ته ڪيترا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گهاري رهيا آهن، ڇا سنڌ سرڪار کي خبر نه هئي ته فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهو لاڪ ڊائون جي ڪري گهر ويٺل آهن، انهن جي واهر ڪيئن ڪئي وڃي، سنڌ جا حڪمران ڪرونا تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران لاڪ ڊائون کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جيڪا پوليس ڦرن ۽ ڌاڙن وقت روڊن تي نظر نه ايندي هئي، اها روڊن تي ايئن نظر اچي رهي هئي جئين ڪو وزير گذرڻ وارو هجي، اسان آفيس ايئن وڃي رهيا هئاسين جيئن سرحد پاس ڪري پنهنجي سڃاڻپ ڏئي اڳتي وڌي رهيا هجون، ماڻهو گهرن تائين محدود ڪرڻ ۾ پوليس اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪڏهن اها ئي پوليس امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته رات جي وقت ڦورو ڦرون نه ڪن ها.
سنڌ جي حڪمرانن کي ته رڳو لاڪ ڊائون ڪرڻ ئي اچي ٿو پرڪرونا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ نه ٿو اچي، آخر ڪاروبار ۽ صنعتون بند ڪرائڻ سان ڪرونا ختم ٿي ويندو؟ نه جيستائين حڪومت ايس او پيز تي عمل نه ڪرائيندي، تيستائين ڪرونا ڪو نه ختم ٿي سگهندي، اسان کي ان وقت تائين انتظار ڪرڻوپوندو، جيستائين ڪرونا وائرس جي وئڪسين مارڪيٽ ۾ اچي، باقي رهي ڳالهه لاڪ ڊائون جي ته سموري دنيا ۾ هاڻي معمول واري زندگي بحال ٿي رهي آهي، سمورا ملڪ ان ڳالهه تي متفق ٿي ويا آهن ته ڪرونا سان گڏ معاشي بحران کان بچڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پوندا، لاڪ ڊائون جي ڪري ڪيترائي ماڻهو قرضي بڻجي ويا آهن ۽ سرمائيدار ويتر امير ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ٻيهر ڪاروباري زندگي متاثر ٿي ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
تازو ئي نيشنل ڪمانڊ اينڊ سينٽر چيو آهي ته شادي هالز ۽ ريسٽورنٽ ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن،جيڪڏهن حڪومت ريسٽورنٽس مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو پابند بڻائي ته ڪرونا کان به ماڻهو بچي ويندا ۽ ريسٽورنٽس تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي گهرن جو به گاڏو هلندو، ڇاڪاڻ ته رڳو گهر ۾ ويهي موت جو انتظار ڪرڻ کان ته بهتر آهي ته انهيءَ بيماري جو ايس او پيز تي عمل ڪري مقابلو ڪيو وڃي، چين جهڙي ملڪ به سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون نه ڪيو هو، رڳو متاثر علائقن کي بند ڪيو هو پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ته سڄي ملڪ کي بند ڪري ڇڏيو، پر ان باوجود ماڻهو مرندا رهيا، جڏهن عوام کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ ڪرونا کان بچڻ لاءِ صفائي جو خيال رکيو ۽ سماجي وٿي رکي ته ڪرونا ختم ٿيڻ لڳو، هن وقت ٻيهر ڪرونا وائرس جا مريض ظاهر ٿي رهيا آهن، ماڻهو پنهنجا خدشا به ظاهر ڪري رهيا آهن ته زڪام ٿيڻ تي ڊاڪٽر کين ڪرونا هئڻ جو خوف ڏيارين ٿا، ميڊيا تي به خبرون نشر ٿيون هيون ته ڪڏهن رپورٽ پازيٽو ٿي اچي ته ڪڏهن ڪرونا ٽيسٽ نيگٽيو ٿي اچي وڃي، جيڪڏهن ڪرونا ٽيسٽ جون رپورٽون درست نموني ڪيون وڃن ته هرهڪ ماڻهو پنهنجي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويندو. حڪومت کي به گهرجي ته رڳو متاثر علائقن ئي سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، باقي ڪاروبار بند ڪرائڻ سان ماڻهو محتاج ٿي ويندا ۽ ڏوهي وارداتن جي وڌڻ جو به خدشو وڌي ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button