قبوسعيدخان

قبو سعيد خان: ٻه مھينا اڳ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ھزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ لڳي

شبير مگسي، قبو سعيد خان
ٻه مهينا اڳ بلوچستان جي علائقي جھل مگسي مان آيل برساتي پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿي اچڻ جي ڪري ڪيترائي مهينا گذري وڃڻ باوجود هن مهل تائين پاڻي سم مان کنڊ لڳڻ سبب بند نه ٿيو هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ لڳي، آبادگارن کي ڪروڙين روپئين جو نقصان ٿي رهيو آهي. آبادگارن جو مير حسن مگسي ، رحمت الله مگسي جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي باء پاس ڪچي پل وٽان احتجاج.
تفصيل موجب 2 مهينا اڳ ۾ بلوچستان جي ضلع جهل مگسي ۾ آيل برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڪوٽ مگسي کان مٿي ڏنل R B O D سم ذريعي کنڊ بلوچستان کان ٿيندي ڪچي پل جي علائقي ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۽ بگهو دڙو يوسي کي ٻوڙي ڇڏيو هيو جنهن سبب سوين خاندان بي گهر ٿي ويا هيا ايريگيشن جي نا اهلي جي ڪري هن مهل تائين کنڊ کي بند نه ڪيو ويو جنهن سبب ربيع شاخ جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ لڳي ۽ زمين به سم جي خراب پاڻي مان ڪلر ٿيڻ لڳي جنهن سبب ڪڻڪ ۽ سرنهن جو فصل نه ٿيڻ جو خدشو ، آبادگارن جو مير حسن مگسي ، رحمت الله مگسي عبدالستار چانڍيو ، اعظم بروهي ،خادم حسين جاگيراڻي ، علي دوست کوسو در محمد شمباڻي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته بلوچستان ايريگيشن عملي جي نا اهلي جي ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون آهن هنن جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن اسان کي 2 ڏينهن تائين کند بند نه ڪري ڏنو ويو ته اسين مجبورن ٿي ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button