قبوسعيدخان

قبوسعيدخان ۾ پي پي اڳواڻ جي گھر مٿان پوليس جي چڙھائي

شبير مگسي، قبوسعيدخان
PPP activists protestingقبوسعيدخان ۾ پيپلزپارٽي ايم پي اي غيبي نواب سردار خان چانڊيو ،نواب برهان چانڊيو جي گهر مٿان پوليس پاران چڙهائي ڪرڻ خلاف پيپلزپارٽي تعلقو صدر مير جان محمد خان کوسو ۽ سٽي انفارميشن گل حسن مگسي سٽي اڳواڻ ميرسجاد خان بروهي،جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پيپلز پارٽي تعلقو صدر مير جان محمدخان کوسو سٽي انفارميشن سڪريٽري گل حسن مگسي ، پيپلز پارٽي سٽي اڳواڻ ميرسجاد خان بروهي،ديدار علي مگسي، احسان علي کوسو،صيفل کوسو،ليبر بيرو،اڳواڻ حضوربخش ڪمبوه ،محمدخان مگسي،سومر سنديلو ۽ ٻين ڳالاهائيندي چيو ته پوليس اهلڪارن پ پ پ ايم پي غيبي نواب سردار خان چاڊيو پ پ پ ايم پي اي نواب برهان خان چانڍيو جي گهر مٿان چڙهائي ڪري ڪريل حرڪت ڪئي ھنن چيو تـ پوليس مخالفن جي ونگار وھي پئي پي ٽي آء جي آشيرواد سان اسان جي اڳواڻن جي گھرن ۾ پوليس چورن وانگر گھڙي آھي ھنن چيو تـه اھو طريقيڪار بلڪل غلط آهي هنن چيو ته پنھنجي پارٽي جي حڪومت ھوندي پنھنجي اڳواڻن جي گھرن مٿان چڙھائي ڪرڻ سان جيالن کي دلي صدمو رسيو آھي بنا دير آء جي سنڌ ان ڪريل ڪاروائي تي معافي وٺي ۽ پوليس بنا جواز ماولوند ماڻھن کي ھراسان ڪرڻ پڻ بند ڪري ٻئي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button