حڪومت فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري، ٺٽو ۾ عيدميلادالنبي جي ريلي ۾ مطالبو
ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
سڄي عالم السلام جيان ٺٽي ۾ بہ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه و آله وسلم وڏي عقيدت و احترام سان ملھايو ويو، عيد ميلادالنبي صلي الله عليه و آله وسلم جي سلسلي ۾ مختلف علائقن مڪلي، فقير ڳوٺ، ڇتوچنڊ، بروھي ڳوٺ، جنگشاهي ۽ ٻين شھرن مان ريليون ڪڍي ٺٽي پھتا، جتي مڪلي کان وڏي ريلي جماعت اهلسنت جي مفتي عبدالرحمان ٺٽوي، مولوي يامين جماري، جماعت قادري جيلاني جي سرپرست پير غلام رضواني، پير غلام رحماني جيلاني، جماعت خادم الفُقره جي سرپرست فقير ذوالفقار قادري، جنگشاھي کان مولوي فضل اللہ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن ولادت جون ريليون مڪلي ۽ ٺٽي پھتيون تہ ٺٽو ۽ مڪلي جشن عيد ميلاد النبي صه جي جهنڊن ۽ نعرن سان گونجي اٿيو، هر طرف ”مرحبا مرحبا يارسول الله، سرڪار جي آمد مرحبا آقا جي آمد مرحبا“ جا نعرا گونجڻ لڳا، جڏھن تہ شاهجهان جامع مسجد کان مفتي عبدالباسط صديقي ۽ بروھي ڳوٺ کان شڪيل احمد بروھي جي اڳواڻي ۾ پڻ ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي ريليون ٺٽي جي مين رڪشا اسٽاپ تي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويون، جتي مقررين خطاب ڪيو، ھوڏانھن جھمپير شھر ۾ جماعت اھل سنت جھمپير پاران سيد حافظ شاھ سڪندر، سيد محسن شاھ مٽياري، سيد بچل شاھ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي. جنھن ۾ عاشقان رسول وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلين کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ آقاء ٻنهي جهانن جي سردار حضور پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت جي موقعي تي خانه ڪعبه ۾ پيل بيت ڊهي پٽ پئجي ويا، دنيا تان ڏڪار ختم ٿي ويو عربن جي دور جهالت عروج تي هئي نياڻي جو پيدا ٿيڻ عيب سمجهيو ويندو هو نياڻي کي پيدا ٿيڻ وقت زندہ دفنايو ويندو هو حضور پاڪ جي آمد کان پوءِ جهالت جو دور ختم ٿي ويو اسان پياري آقا نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جي آمد جو ڏهاڙو هر طبقي جو ماڻهو گڏجي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آھيون ھنن چيو تہ محسن انسانيت پيغمبر اسلام خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي حرمت تان جان بہ قربان آھي، فرانس ۾ توھين آميز خاڪا جاري ڪري پوري دنيا جي مسلمانن جي جذبن سان کيڏي اسلام خلاف سازش ڪئي ويئي آھي.پيغمبر اسلام ۽ اصحاب سڳورن جي توھين ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي، سرور ڪائنات آقاء نامدار جي يوم ولادت جو ڏينھن اسان مسلمانن سميت پوري انسانيت لاء ھڪ وڏو رب ڪريم جو احسان آھي، جنھن نبي ڪريم جي صدقي ھي ڪائنات وجود ۾ آئي، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت فورن حضور پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ فرانسيسي حڪومت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري.