ھنڱورجا

سنڌ سنوارڻ لاءِ تعليم کي سنوارڻ تمام ضروري آهي، گسٽا صدر

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

GSTA office bearers holding presss conference at Hingorjaگسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر مقصود خان مهيسر چيو آهي ته سنڌ سنوارڻ لاءِ تعليم کي سنوارڻ تمام ضروري آهي ۽ گسٽا تعليم جي سڌاري ۽ تعليم کاتي مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪري رهي آهي هنڱورجا ۾ گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ نثار احمد سومرو، الطاف سهتو، لعل بخش ميراڻي،نياز لُنڊ، ڪريم بخش ڀنڀرو، دلبر چنڊي، سيد حزب الله شاھ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف هلندڙ جدوجھد تي ڪجھ ڌريون سازشون ڪري رهيون آهن پر ان جي باوجود گسٽا تعليم جي سڌاري لاءِ  جدوجھد جاري رکندي هن چيو ته اها ڳالھ تعليم کاتي جي ڪرپٽ مافيا کي نه ٿي وڻي .سوڀوديرو هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال  ڪجھ ڏينهن اڳ گسٽا جي مرڪزي ترجمان نثار احمد سومرو،سکر ڊويزن جي اڳواڻ لعل بخش ميراڻي، خيرپور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري الطاف حسين سهتو ۽ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي هڪ ڪلارڪ مرتضيٰ مگسي جي خلاف 2 لک ڀتو گھرڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي ۽ گسٽا مقصود مهيسر گروپ جي اڳواڻ دلبر چنڊي کي هاير سيڪنڊري مان بنا ڪنهن سبب جي رليف ڪيو ويو آهي پرنسپال پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گسٽا اڳواڻن جي خلاف ڪوڙا بهتان هڻي رهيو آهي هنن چيو ته استادن مٿان ڀتي وارو الزام جي مڪمل طور تي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي جيڪڏهن استادن مٿان الزام ثابت ٿيو ته استاد نوڪريون ڇڏي ڏيندا. پر جيڪڏهن الزام ڪوڙا ثابت ٿيا ته پوءِ اهڙي پرنسپال جي خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ گھرجي. هنن چيو ته استادن مٿان ڀتي جا الزام لڳائڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي ان جي ڀرپور نموني سان مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته سوڀوديرو اسڪول جو پرنسپال جڏهن قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڊي او جي پوسٽ تي مقرر هيو ته تڏهن به هن ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا هئا جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن هنن چيو ته اسان سيڪريٽري تعليم توڙي ٻين واسطيدار عملدارن کان پڻ شفاف تحقيقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.هنن چيو ته استاد دلبر چنڊي محنتي ۽ فرض شناس استاد آهي جيڪو روزانه 6 پيرڊ شاگردن کي پڙهائيندو آهي اهڙي استاد کي اسڪول مان رليف ڪرڻ تعليم دشمني سمجھون ٿا. هنن سوڀوديرو تعلقي جي سول سوسائٽي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته سوڀوديرو اسڪول جي تعليم بچائڻ لاءِ کين اڳتي اچڻ گھرجي. گسٽا اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سوڀوديرو اسڪول جي پرنسپال جي خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته 19 آڪٽوبر کانپوءِ گسٽا پاران سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ پرنسپال جي خلاف ڊائريڪٽر تعليم، ڊي او تعليم جي آفيسن ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول سوڀوديرو جي گيٽ اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button