ھنڱورجا

ڦر دوران پنھنجي ساٿين جي گولين جو شڪار ٿيندڙ ڏوھاري جو لاش مائٽن حوالي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي ڦُر جي دوران پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڏوهاري سميت 8 ڄڻن جي خلاف ڳوٺاڻي جي فرياد تي هنڱورجا Salim Khushikٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل،مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ضروري ڪاروائي بعد سندس امڙ ۽ والد کڻائي ويا.تفصيل موجب سومر ڏهاڙي هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي ڪنڊي پڪٽ سامهون ڦر لُٽ ڪرڻ دوران ساٿين جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري سليم خشڪ جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي حاڪم علي جتوئي سميت 8 ڄڻن جي خلاف ڳوٺاڻي نبي بخش جي فرياد تي هنڱورجا ٿاڻي تي قلم 395،324،322 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي ڳوٺاڻي ڄاڻايو آهي ته سندس دبئي کان آيل پُٽ مريد حسين کي هنڱورجا مان موٽر سائيڪل تي کڻي ڳوٺ اچي رهياسون ته 8 هٿياربندن کين روڪي ڦُر لُٽ ڪئي اسان سان گڏ ٻين ماڻهن کان به ڦر ڪئي ان دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب سندن جو ساٿي جوابدار سليم خشڪ مارجي ويو ۽ حاڪم علي جتوئي زخمي ٿي پيا. ٻي پاسي رات دير سان مارجي ويل ڏوهاري سليم خشڪ جو لاش سندس ئي امڙ روبينه ۽ والد امداد خشڪ هنڱورجا اسپتال جي مرده خاني مان ضروري ڪاروائي بعد پوليس لاش سندن حوالي ڪيو جنهن بعد لاش خانواهڻ لڳ ڳوٺ مٺو کڻائي ويا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button