فريدآباد

سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ پل ڌماڪي سان ڪري پئي

جڙيل چانڊيو ، فريدآباد
Bridge collapsed at Faridabadسنڌ ۽ بلوچستان ڪاڇي جي شهر فريدآباد کي ميهڙ دادو واره ڪي اين شاه ۽ ٻين شهرن سان ڳنڍيندڙ مين وڏي پل ڌماڪي سان ڪري پئي، ڪڻڪ سان ڀريل ڪنٽينر گذرڻ دوران پل جو اتريون حصو حمل ڍنڍ جي پاڻي ۾ ڪري پيو ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۔ ٽنهين زخمين کي ٻيڙين ذريعي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ارشد ۔مدثر ۔خادم راجپوت پنجاب واسي آهن ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٽنهين ڄڻن زخمين کي ٻاهر ڪڍي ورتو ياد رهي ته تيل گئس ڪمپني ۽ پٿر ريتي بجري جي هيوي ٽريفڪ جي گذر سبب پل زبون حال ٿي وئي آهي ۽ ٽيون دفعو ڪري آهي تنهن هوندي به تيل گئس ڪمپني جي هيوي ٽريفڪ اچ وڃ پڻ جاري آهي تيل گئس ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميه ڊي سي دادو ڪروڙين روپين جي لاڳت سان چتين جو سلسلو پڻ جاري آهي جڏهن ته تيل گئس ڪمپني جي ٽرئفڪ جي اچ وڃ پڻ جاري آهي ڪنهن به وقت وڏو جاني نقصان پڻ ٿي سگهي ٿو ۔ تيل گئس ڪمپني روڊس کاتو ضلعي انتظاميه مان ڪنهن به اک نه پٽي علائقي واسين جو ساه مٽ ۾ ۽ سخت پريشان ۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button