قبوسعيدخان

اسسٽنٽ ڪمشنر جو ھائير سيڪنڊري اسڪول جو دورو، لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان

شبير مگسي، قبوسعيدخان
AC visits Qubo Saeed Khanقبوسعيد خان اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو جو ھائير سيڪنڊري اسڪول جو دورو جلد اسڪول ۾ شاگردن لا۽ لائبريري قائم ڪري لائبريري ۾ شاگردن لا۽ ھر سھولت مھيا ڪئي ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو.
تفصيل موجب تعلقو قبوسعيدخان ۾ شاگردن جي تعليم کي بھتر بڻائڻ لا۽ گورنمينٽ ھائير سيڪنڍري اسڪول ۾ لائبريري قائم ڪرائڻ لا۽ اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو, جي ڍي اي اڳواڻ مظفر بروھي، پرنسيپال صدرالدين سميت اسڪول جي دوري دوران ٻڌايو ته تعلقي اندر شاگردن جي پڙھائي لا۽ لائبريري نه ھجڻ ڪري ھتان جا نوجوان اسڪول جي وقت کانپو۽ پنھنجو قيمتي وقت ضايع ڪن ٿا، ھن چيو ته تعلقو قبوسعيدخان جي آس پاس جي شاگردن جي لا۽ جلد از جلد ھائير سيڪنڍري اسڪول ۾ ھڪ مثالي لائبريري قائم ڪري لائبريري اندر شاگردن جي پڙھائي لا۽ ڪتاب، پيئڻ جي پاڻي، ڪمپيوٽر سميت ھر سھولت مھيا ڪئي ويندي ,ھن چيو ته ڍي سي قمبر شھدادڪوٽ جاويد حسين جاگيراڻي پڻ ضلعي جي تعليم لا۽ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري رھيو آھي ته جيئين ضلعي اندر غريب طبقي جو ٻار پڙھي پنھنجي محنت سان اعلئ مقام تي پھچي ملڪ جو خدمت ڪري ۽ پنھنجي ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button