اسسٽنٽ ڪمشنر جو ھائير سيڪنڊري اسڪول جو دورو، لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان
شبير مگسي، قبوسعيدخان
قبوسعيد خان اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو جو ھائير سيڪنڊري اسڪول جو دورو جلد اسڪول ۾ شاگردن لا۽ لائبريري قائم ڪري لائبريري ۾ شاگردن لا۽ ھر سھولت مھيا ڪئي ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو.
تفصيل موجب تعلقو قبوسعيدخان ۾ شاگردن جي تعليم کي بھتر بڻائڻ لا۽ گورنمينٽ ھائير سيڪنڍري اسڪول ۾ لائبريري قائم ڪرائڻ لا۽ اسسٽنٽ ڪمشنر زوھيب اوڍاڻو, جي ڍي اي اڳواڻ مظفر بروھي، پرنسيپال صدرالدين سميت اسڪول جي دوري دوران ٻڌايو ته تعلقي اندر شاگردن جي پڙھائي لا۽ لائبريري نه ھجڻ ڪري ھتان جا نوجوان اسڪول جي وقت کانپو۽ پنھنجو قيمتي وقت ضايع ڪن ٿا، ھن چيو ته تعلقو قبوسعيدخان جي آس پاس جي شاگردن جي لا۽ جلد از جلد ھائير سيڪنڍري اسڪول ۾ ھڪ مثالي لائبريري قائم ڪري لائبريري اندر شاگردن جي پڙھائي لا۽ ڪتاب، پيئڻ جي پاڻي، ڪمپيوٽر سميت ھر سھولت مھيا ڪئي ويندي ,ھن چيو ته ڍي سي قمبر شھدادڪوٽ جاويد حسين جاگيراڻي پڻ ضلعي جي تعليم لا۽ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري رھيو آھي ته جيئين ضلعي اندر غريب طبقي جو ٻار پڙھي پنھنجي محنت سان اعلئ مقام تي پھچي ملڪ جو خدمت ڪري ۽ پنھنجي ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪن