فريدآباد

ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي يونين ڪائونسلن جي بجيٽ ڪاغذي ڪارواين جي ور چڙھي ويئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، فريد آباد

Faridabadڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي فريدآباد، چارو، سيدپور، خان جو ڳوٺ ۽ لتڻ جي 5 يونين ڪائونسلن جي 8 ڪروڙ 40 لکن کان وڌيڪ بجيٽ ملازمن جي پگهارن نلڪن، سلائي مشينن ڏيڻ جي گذريل 4 سالن ۾ ڪاغذي ڪارواين جي ورچڙھي ويئي، پنجن يونين ڪائونسلن جي اڪثر چيئرمينن پنهنجي فون نمبرن کي "دي ڊائل نمبراز ناٽ ريسپانڊنگ "واري رنگ ٽون تي رکي يونين جي عوام کان پري رھي پنهنجو مدو پورو ڪيو.بلدياتي نمائندن عوامي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي خاص ماڻهن ذريعي سندن خلاف احتجاج ۽ دانھون ڪندڙن کي نلڪا، مشينون سولر ۽ روڪ رقم ڏياري ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيندڙ احتجاج ختم ڪرايا.يونين ڪائونسل فريدآباد، چارو، سيدپور،خان جو ڳوٺ ۽ يوسي لتڻ ۾ يونين ڪائونسلن جي عمارتن ۽ مسواڙ تي ورتل جاين ھوندي سمورن چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين ميھڙ ۾ عارضي آفيسون قائم ڪيون جنهن سبب سندن يونين جي مسڪين عوام کي ڄم، موت رھائشي ۽ ٻين سرٽيفڪيٽن جي حاصلات لاءِ ڳرا ڀاڙا ڀرڻ سميت سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته يونين ڪائونسلن جي آفيسن لاءِ نئون فرنيچر ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ واري مد ۾ پڻ لکين روپيا ھڙپ ڪيا ويا آهن يونين ڪائونسلن جو فرنيچر گهر کڻي وڃي رکڻ سميت پيل فرنيچرتي اڳوڻن چيئرمينن جو قبضو برقرار،مدو پورو ٿيڻ باوجود به چئني يونين ڪائونسلن جا سيڪريٽريز پنهنجي يونين ڪائونسلن جي آفيسن ۾ ويھڻ بجاءِ ميھڙ ۾ آفيسون قائم ڪري ويٺل عوام وري به سرٽيفيڪيٽن جي حاصلات لاءِ دربدر بلدياتي نظام مڪمل طور تي ناڪام رھيو
يونين ڪائونسل جي ملندڙ بجيٽ جي غير منصفاڻي ورھاست تان فريدآباد چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين وچ ۾ بجيٽ يوٽيلائز جو ريڪارڊ پيش نه ڪرڻ جي اختلافن ۽ ٻين سببن ڪري چئن سالن دوران صرف ھڪ تعارفي اجلاس ٿي سگهيو. ٻين يونين ڪائونسلن جو به ساڳيو ئي حال رھيو.ڄم، موت، نڪاح نامن سميت ٻين سرٽيفڪيٽس فيس مد ۾ ورتل ھزارين روپيا يونين اڪائونٽس ۾ جمع نه ٿي سگهيا.

يونين انتظاميه چئن سالن جي اسپيشل ڏينهن تي مليل بجيٽ به ھڙپ ڪري ويئي.
پنجن ئي يونين ڪائونسلن جي انتظاميه اسپيشل ڏينهن 14 آگسٽ، محرم، رمضان، ھولي ملھائڻ يوم دفاع سميت ٻين ڏينهن تي سنڌ سرڪار پاران مليل اسپيشل فنڊ به ڪاغذي ڪارواين ۾ ھڙپ ڪري ڇڏيا ڪوبه پروگرام نه ڪيو

يونين ڪائونسل سيدپور جي چيئرمين ثناﷲ چانڊيو، يونين ڪائونسل چارو جي چيئرمين فقير سردار چانڊيو، چيو ته سرڪار اسان کي محدود بجيٽ رليز ڪئي جيڪا يونين جي ملازمن جي پگهارن يونين جي شھرن جي صفائي سٿرائي يونين جي ضرورت مند عوام کي ڪائونسلرن جي معرفت نلڪا، مشينون ۽ سولرڏيڻ ۾ پوري ٿي وئي ھنن چيو ته سرڪار پاران اسان کان ترقياتي ڪمن لاءِ الڳ اڪائونٽ کولرايو ويو ھو جنھن ۾ سرڪار ھڪ روپيه به رليز نه ڪيو جنهن ڪري يونين ۾ ڪوبه ترڪياتي ڪم نه ڪرائي سگهياسين.
فريدآباد؛ فريدآباد يونين سميت 5 يونين ڪائونسلن جي 6 ضلعي ڪائونسلرن جي چار سالا مجموعي بجيٽ 7 ڪروڙ 20 لک روپيا پڻ ڪجهه نالي ماتر اسڪيمن جي ورڇڙھي ويون.
فريدآباد يونين ڪائونسل مان چونڊيل 2 ضلعي ڪائونسل ميمبرن ذوالفقار ڪلھوڙو ۽ مخصوص سيٽ تي آيل عورت ڪائونسلرزرينه ڏيرو يونين ڪائونسل چارو جي ضلع ڪائونسلر ڪرم الله سولنگي يونين ڪائونسل خان جو ڳوٺ جي ضلعي ڪائونسلر محمد خان جکراڻي يونين ڪائونسل سيدپور جي ضلع ڪائونسلر امير علي چانڊيو، يونين ڪائونسل لتڻ جي ڪائونسلر شفيق احمد لاشاري ۽ ٻين کي ساليانه مليل 30 لکن جي ساليانه بجيٽ 4 سالن جي سموري 5 يونين ڪائونسلرن جي مجموعي بجيٽ 7 ڪروڙ 20 لک پڻ نالي ماتر اسڪيمن جي ورچڙهي ويون آهن.ضلع ڪائونسلر محمدخان جکراڻي چيو ته تاريخ جي بدترين ضلع ڪائونسل دادو جو ٽينيوئر ثابت ٿيو آهي 30 لکن جي ڏنل اسڪيمن جا ٺيڪا به ڪميشنن عيوض وڪرو ڪيا ويا 30 لکن جي اسڪيمن ۾ 2 لکن جو به ڪم ناهي ڪيو ويو.ضلع چيئرمين اشرف خان سولنگي من پسندن ماڻهن کي ڪروڙن جا ٺيڪا ۽ اسڪيمون ڏئي بي انتها ڪرپشن ڪئي.

فريدآباد، چارو، سيدپور ۽ ٻين يونين ڪائونسلن جي ڪائونسلرن مينھون خان خاصخيلي، عبدالرزاق جتوئي، نياز چانڊيو، امين بروهي ۽ ٻين چيو ته اسان کي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن پاران چئن سالن دوران 15 کان 18 نلڪا ۽ سلائي مشينون ڏنيون ويوآھن جيڪي اسان پنهنجي وارڊ جي ضرورت مند ماڻهن کي ڏنا آهن ڪجهه ڪائونسلرن عبدالرزاق جتوئي ۽ ٻين شڪايتون ڪيون ته مليل ٽوڪن ڪيترن ئي مھينن کان اسان جا ماڻهون رلائي رھيا آھن جن کي اڃا تائين سامان به نٿو ڏنو وڃي.
فريدآباد؛ عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ مختيار کوسو شھري اڳواڻ خادم خاصخيلي، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح گائينچو، سماجي اڳواڻ سڪندر بروھي وارث گائينچو سان ۽ ٻين چيو ته گذريل بلدياتي نظام مان ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي عوام کي ٽڪي جو به فائدو نه ملي سگهيو، 4 سالن دوران ڪروڙن جي بجيٽ بلدياتي نمائندن مال غنيمت سمجهي پئي لٽي ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن جا ڀڀ ڀريا، بازار ۾ 2 ھزار تي ملندڙ سلائي مشين جي رقم 10ھزار ۽ 3 ھزار جو نلڪو 12 کان 15ھزار ڏيکاري ڪاغذي ڪارواين ۾ ھڙپ ڪئي وئي آهي عوام کي ڏنل سلائي مشين ۽ نلڪا ڳڙمال ڏنا ويا جن کي ڪو مستري لڳائڻ ۽ ٺاھڻ لاءِ تيار ناهي. لوھ وٺڻ وارا به کائن نلڪا ۽ مشينون سٺي لوھ جي اگهه تي وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ھنن نيب چيئرمين ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سندن ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪاروائي ڪري عوام جو لٽيل پئسو واپس ڪرائي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪتب آندو وڃي.

 

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button