آرٽيڪلفن ۽ فنڪار

سنڌ جو اربيلو راڳي ڀڳت ڪنورام رت ۾ رنگجي ويو !

محمد اظهر رند، ڪوٽڙي
سنڌ سونھاري ڀاڳين ڀري ڌرتي جنهن ھميشه اھڙا امر ڪردار پنهنجي چڪي
مٽي مان پيدا ڪيا جيڪي ڌرتي آمڙ سان نيھن نڀايو آهي انھن منجھان سريلو
راڳي ڀڳت ڪنورام پڻ ھڪ آهي جنهن جي پيدائش 13 اپريل 1885 ع ۾ ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺ جروار ۾ جنم ٿيو ھن تعليم مادري ٻولي کان کانسواء فارسي ۾ به درس پڙيو آھڙا انسان ڪو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ھن پنهنجي سريلي آواز سان راڳ ڳائندو ھو جنهن جي ٻڌڻ سان ان وقت جي ماڻهوَن ۾ عجيب ڪيفيت ھاوي ٿيو ويندي هئي ھن ڀڳت ڪنورام جنهن محفل ۾ راڳ ڳائيندو ھو تي پري کان پري وارا ماڻهوَن ٻڌڻ ايندا ھئا جيڪا ھن کي گھور پئسا ملندا ھئا اھي ھي غريبن ۾ ورھائيندو ھو ھي صوفي راڳي غريبن مسڪينن جو پرجولا مددگار رھيو ھن ڪيترائي ڪلام چئا ھن جو ڳايل نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو تمام گهڻو مقبول ٿيو تڏھن شيخ اياز چيو ته
سي جي جيارا ماڻهوَ ھا سي سڀ کان پيارا ماڻهوَن ھا
جن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو جي دل ۾ درد دکائي ويا ـ
آھڙا راڳي ڪو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جيڪي ٻين جي خوشين کي پنهنجي سمجھنداآھن ھنن جي ڏک سک ۾ ھر وقت ڪم ايندا آھن ھڪڙي دفعي ھو مانجھند ڪنهن جي دعوت تي ڳائڻ آيو تي واپسي تي ٽرين ۾ ڪنهن عورت صدا ھئي تي منهنجي ڌي جي شادي آھي پر ايترا پئسا نه آهن جو مان ڏاج وٺي سگھان ان تي ڀڳت ڪنورام ڳائڻ شروع ڪيو اوستائين راڳ کي بند نه ڪيو تيساتئن ان عورت جي ضرورت جيترا ڏوڪڙ جمع ٿيا ـ ان تي شاهه عبداللطيف رح چيو ته
ماڻهوَ سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوَ منجھ اچي بوء بھار جي ـ
آمر ڀڳت ڪنورام پنهنجي وقت جو سخي صوفي راڳي ٿي اڀريو ان جي آواز ۾ ننڊپڻ کان اھڙي تي لفظن ۾ مٺاس ۽ لھجو جو ھر گھٽي جا وڏا ھن جي ڳالهيون جا عاشق بڻيا ھڪڙي ڀيري ھي کي دعوت ملي ٽنڊوآدم ۾ محفل جي اتي پوري پينڊال ڀريو پيو ھو جڏهن ھن جي ڳائڻ جو وارو آيو ته ان وقت پروگرام ۾ ٻارڙو پاڻي آيل مھمانن کي پياري پيو ته گلاس جو ھٿ مان هن جو ڪريو ته اھو اتي ويٺل وڏيري جي ھنج ۾ پاڻي وارو گلاس ڪريو ته ان ٻاڙي کي چماٽ واھي ڪڍي تي ان جي رد عمل ۾ ڀڳت ڪنورام ڳائڻ بند ڪيو چيائينس تي وڏيرو ٻاڙي کان چماٽ جي معافي وٺي نه ته مان راڳ نه ڳائنديس پوِء اتان جي ماڻهن وڏيري کي منٿيون ڪيو غلطي جي معافي وٺ پر ان ھڪ جي به ٻڌي پوِء اتان ڀڳت ڪنورام چيو ته مان هن شھر ۾ نه ڳائڻ اينديس تيساتئن وڏيرو معافي وٺندو ـ اھڙا
ڪردار صدين کان پوء ڄمندا آهن جڏهن ھي اڪثر ڪري ھو مانجھند شھر ڳائڻ لاء ايندو ھو ڇاڪاڻ تي ھي علائقو ديوانن جو ڪاروباري شھر ھوندو ھو جتان سنڌو درياهه جي ذريعي وڻج واپار ٿيندو هو ۽ جڏهن ھنڌ ۽ سنڌ الڳ ملڪ ٿيا تي مذهبي فسادن ڪري واپاري ھندو ھتان لڏي ھندوستان وسايو ڪنورام جڏهن دادو کان سکر ڏانهن ريل جي سفر ۾ وڃي رھيو ھو تي پير ڀرچونڊي جو جوني مريد ظلم ماڻهوَ نالي جان ۾ جلباڻي 1 نومبر 1939 ع ۾ رڪ اسٽيش تي گوليون ھڻي مرينڻگ ڪري ڇڏيو جتي ھو زخمن جا سور نه سھيندي 53 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ٿيو ھن جي آخري آرمگاھ رھڙڪي ۾ آهي ھن عظيم شخصيت جو سنگ مرر سان ٺھيل مجسمو سنڌ الئجي ڄامشوري ۾ رکيل آهي ـ
سو ڪنور رڪ ۾ ڪسجي ويو
ڀڳت درويش رت ۾ رڱجي ويو
سنھاري سنڌ جي شھيدن ۾ ٿي شريڪ
ھنڌ ـ سنڌ ۾ امر سو ڪنور ٿي ويو ـ ( وينا)
ھن امر ڪردار کي 81 سال وڇوڙي کي گذري ويا آهن پر آڄ به چاھيندڙ جي دلين ۾ زندھ ڪردار آهي جيڪو ڪائنات جي وجود تائين زندھ رھندو ـ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button