اي ايس آءِ اصغر مغيري تي تشدد نه ڪيو هو، هُن پاڻ وردي ڦاڙي ڊرامو ڪيو آهي: پ پ اڳواڻ

 اي ايس آءِ اصغر مغيري تي تشدد نه ڪيو هو، هُن پاڻ وردي ڦاڙي ڊرامو ڪيو آهي، لاڙڪاڻو ۾ اي ايس آءِ تي تشدد جي الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ ايس ايس پي مسعود بنگش جي جاچ تي به بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، ذوالفقار جکراڻي پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ تي معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته اصغر مغيري پي ٽي آءِ اڳواڻن جي چرچ تي ڊرامو ڪري رهيو آهي، هو شراب جي الزام ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جا پئسا ڦٻائي ويو آهي، واپس گهرڻ تي تشدد جا ڊراما پيو ڪري، معاملي جي شفاف جاچ ڪرڻ بدران مون تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو به ڌُر بڻيل آهن، پ پ اڳواڻ واقعي جي ٻيهر شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close