ٺٽو

ٺٽي شھر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Thatta sanitationٺٽي شهر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو شهر جي اڪثريتي پاڙن ۾ گٽرن جي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري 2 لک کان وڌيڪ شهرين توڙي نمازين کي سخت تڪيلفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ان ڏس ۾ ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽو جي انتظاميا جي لاپرواهي توڙي غفلت سبب شهر جي بازار سميت شهر جي 9 ئي وارڊن جي اڪثريتي پاڙن ، شاھ مبين پاڙو، وزن ڪش پاڙو ، شڪر الاهي پاڙو ، اسلام پور پاڙو ، ميمڻ پاڙو ، لاسي پاڙو ، ڪاشيگر پاڙو ،ڀٽواڻو پاڙو، آگر پاڙو ، بخاري پاڙو ، شاھ ڪمال پاڙو ، شاھ ابراهيم پاڙو سميت شهر جي ڪيترن ئي پاڙن سوڌو شاهي بازار ۾ گٽرن جي وهڻ ۽ انهن جي گندي پاڻي جي نيڪال جي جوڳي بندوبست نه ٿيڻ ڪري شهرجي سوا 2 لک آبادي جو جيئاپو مشڪل بڻجي ويو آهي جڏهن ته شهر جي اڪثريتي پاڙن ۽ انهن جي گھٽين ۾ گندي بدبودار گٽرن جي پاڻي جي نيڪال جي جوڳي بندوبست نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جو هتان کان لنگھڻ توڙي نمازين جو مسجدن تائين وڃڻ سخت مشڪل بڻجي ويو آهي . ٺٽي شهر جي پاڙن توڙي شاهي بازار جي اڪثريتي چوڪن ۾ گٽرن جي روز جي معمول واري بيٺل گندي پاڻي جي پبلڪ هيلٿ کاتي پاران نيڪال نه ٿيڻ ڪري بازار توڙي شهر جي 9 ئي وارڊن ۾ گندي پاڻي سبب گدلاڻ وڌڻ ڪري ڪيترين بيمارين پڻ شهرين ۾ منهن ڪڍيو آهي جڏهن ته شهر جي پاڙن ۽ گھٽين مان گٽرن جي پاڻي جي نيڪال توڙي گند ڪچري جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پڻ برسات بعد مچرن ، مکين جي آزار وڌڻ ڪري مليريا بخار عام ٿي ويو آهي جنهنڪري ڪيترائي معصوم ٻارڙا توڙي وڏي عمر وارا بيمارين جي ور چڙهي اسپتالن ڀيڙاٿي رهيا آهن ٺٽو شهر جي رهواسين ميونسپل ڪاميٽي توڙي پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميا کان گھر ڪئي آهي ته ٺٽو شهر جي شاهي بازار سميت شهر جي 9 ئي وارڊن مان گند ڪچري جي صفائي سان گڏ وهندڙ گٽرن جي ڪني بدبودار پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست ڪري شهرين کي وڌيڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button