راڻيپور: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مھينن کان پگھارون نه مليو، احتجاج جاري
عبدالرحيم سولنگي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، راڻيپور
راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي ٽن مهينن جي پگهار نه ملي ملازمن جو جاري احتجاج اڄ چوٿين ڏينهن ۾ داخل نعريبازي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني.
رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ آل ٽائون ڪاميٽي امپلائيز يونين جي اڳواڻن حيدر بخش ملاح ,غلام رسول مڱڻهار ,رياض حسين وساڻ ,اربيلو انصاري قربان علي ميمڻ ,شهمير خان شيخ ۽ اظهر وساڻ جي اڳواڻي ۾ حاضر سروس ملازمن سميت رٽائرڊ ملازمن ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي جيڪا اڄ چوٿين ڏينهن ۾ داخل آهي انهئ موقعي تي مظاهرين ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ٽائون ڪاميٽي جي پگهار تي صرف گذارو آهي ٽن مهينن کان پگهار ناهي ڏني وئي دڪاندار ڪوئي اوڌر ڏيڻ لاء به تيار ناهي معصوم ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن جيڪي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن اسانکي اگر پگهار نه ڏني وئي ته ٻئي مرحلي ۾ حد جي ايم پي اي سيد پيار علي شاه جيلاني جي گهر آڏو ڌرڻو هڻي مرڻ گهڙئ تائين بک هڙتال تي ويهبو هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي جو سابق وائيس چيئرمين غلام اصغر وساڻ پنهنجي سٿ سميت بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي سندن سان همدردي جو اظهار ڪيو هنن چيو ته ملازمن سان وڏي ناانصافي آهي صفائي واري عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال سبب سڄو شهر گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي هن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مزدورن جون رهيل پگهارون ڏياري سندن جي بيچيني دور ڪئي وڃي ۽ شهر کي بچايو وڃي