ھنڱورجا: يوم دفاع جي ڏهاڙي تي پاڪستان زندھ آباد پاڪ فوج زندھ جي نعرن ۾ ريلي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

قومي امن ڪميشن براءِ بين المذاهب هم آهنگي خيرپور پاران هنڱورجا ۾ يوم دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان  شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ قومي جھنڊا، بينر پڻ هئا ريلي قومي امن ڪميشن ضلع خيرپور جي اڳواڻ حاجي محمد صديق سولنگي ، سکر ڊويزن جو اڳواڻ محمد اڪرم راڄپر،صدام حسين ، پرويز احمد جوڳي، ابراهيم سولنگي،ڪامريڊ خدا بخش سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاھ گيٽ کان پريس ڪلب تائين پاڪستان زندھ آباد پاڪ فوج زندھ قومي امن ڪمشين زندھ آباد جا نعرا هنيا ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يوم دفاع جي ڏهاڙي تي ملڪ جي حفاظت ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪندي شهادت جو جام پيئندڙ پاڪ فوج جي شهيد جوانن کي پڻ سرخ سلام پيش ڪريون ٿا هنن چيو ته پاڪستان جي آرمي منظم ۽ ملڪي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي ملڪ دشمن ۽ هندستان جي طرفان جڏهن به اک ميري سان ڏٺو ويندو آهي ته پاڪ فوج ان جو صدائين منهن ٽوڙ جواب ڏيندي آهي.ريلي کان بعد ۾ پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي روح کي ثواب بخشڻ لاءِ مغفرت لاءِ خصوصي دعا گھري وئي . ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ پڻ دعا گھري وئي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close