ڪتاب ۽ رسالا

لطفا گوسفند نباشيد: ڪتاب جو تعارف

ثمر علي چانڊيو

Persian bookزندگي ۾ مشڪلاتون ۽ مصيبتون سدائين انسان کي پريشان ڪنديون آهن،انهن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي صرف سٺي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ سوچ ان وقت سٺي ٿيندي ،جڏهن موثر ۽ مفيد ڪتاب مطالعي هيٺ هجن.

مفيد ۽ موثر ڪتابن مان فارسي زبان ۾ لکيل  ڪتاب ” لطفا گوسفند نباشيد “ به آهي جنهن جو ليکڪ ايران جي صوبي قم جو رهاڪو ” محمود نامني“ آهي.

”لطفا گوسفند نباشيد “ جو سولو ترجمو هي ٿيندو ته ” مهرباني ڪري رڍ نه ٿيو “ پر ان جو ترجمون هي به ڪري سگهجي ٿو ته مهرباني ڪري موڳا نه ٿيو.

هي ڪتاب پنجن بابن تي هن ترتيب سان مشتمل آهي :

پهريون باب : ڪئين سکڻ گهرجي ؟

ٻيون باب : محاورا

ٽيون باب : اهي سوال جن جو جواب ملڻ مشڪل آهي

ڇوٿون باب : پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ متعلق ڪجهه سوال

پنجون باب : هي ڪتاب توهان لاءِ ڪيترو موثر ثابت ٿيو ؟

 

ليکڪ پنهنجي ڪتاب کي هنن لفظ سان شروع ڪري ٿو :

 

” کاش دانسته بودم چگونه زندگي کنم يا کسي را يافته بودم که روش زندگي به من تعليم داده بود “

ترجمون : ڪاش مون کي خبر هجي هان ته زندگي ڪئين گذاريان يا ڪو اهڙو انسان هجي هان جيڪو زندگي گذارڻ سيکاري هان !

 

پهريون باب : ڪيئن سکڻ گهرجي ؟

ليکڪ پهرين باب کي هڪ قصي ٻڌائڻ سان شروع ڪري ٿو :

قصو : هڪڙي دفعي نوجوان ، ارسطو کي چيو ته حڪيم سڳورا مون کي فلسفو سيکاريو !

ارسطو حوض جي آڏو ٻيٺو هو، نوجوان کي ڪنڌ کان جهلي ٽوٻا ڏيڻ شروع ڪيائين ، جڏهن نوجوان جو ساهه منجهيو ، ارسطو کي چيائين مان ته فلسفو سکڻ آيو هيس توهان مون کي ٽوٻا ڇا لاءِ ڏيو پيا ؟

ارسطو چيو ته جڏهن پاڻي ۾ هئين ته ڇا جي ضرورت محسوس ڪئي پئي ؟

نوجوان چيو ته سائين آڪسيجن جي اشد ضرورت محسوس ڪيم پئي ،ارسطو نوجوان کي چيو جڏهن فلسفي جي ضرورت ايتري محسوس ٿئي جيتري آڪسيجن جي ضرورت اٿئي ته پوءِ فلسفو سکڻ اچجان !

ان مان سمجهه ۾ اچي پيو ته ڪنهن به شئي کي ان وقت صحيح نموني سان سکي سگهجي ٿو جڏهن ان جي اشد ضرورت محسوس ڪجي ، ٻئي صورت ۾ ان کي دل ۽ جان سان سکي نه سگهنداسين !

تنهن ڪري ضروري آهي اهڙي شعبي جو انتخاب ڪجي ، جنهن جي اسان کي اشد ضرورت محسوس ٿئي ته جئين ان کي دل ۽ جان سان سکي سگهون !

 

باب ٻيون : محاورا

ليکڪ ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ڪجهه محاورا لکي ٿو جيڪي پڙهندڙن جي لاءِ مفيد ۽ ڪارائتا ثابت ٿيندا :

 

يادت باشد ! خداوند ما را اتفاقي به دنيا نفرستاد

ياد رک ته الله سائين حادثاتي طور  اسان کي هن دنيا ۾ ناهي موڪليو !

بلڪه هڪ خاص هدف تحت موڪليو آهي ،هدف تائين پهچڻ ئي ڪاميابي جو نالو آهي .

ڪاميابي يعني هدف کي حاصل ڪرڻ تائين ڪوشش مان هٿ نه ڪڍڻ

ان جي ڪري چوندا آهن ته :

از تمبر ياد بگير ! تا رسيدن به هدف به نامه مي چسپد !

ٽڪلي کان سکو ! جيسيتائين خط ڏنل اڊريس تي ناهي پهچندو خط سان چنبڙيل هوندي آهي !

ڪوشش مان هٿ نه ڪڍ جيسيتائين ڪوشش تو کي مقصد تائين نه پهچائي !

 

اين فرمول را ياد بگير ! نه بار زمين بخور ، ده بار برخيز !

هي فارمولو هميشه ياد رکي ڇڏ ته

جي نوَ دفعا به پٽَ تي ڪري پوين ته به ڏهون دفعو اٿ !

نوَ دفعا ڪرڻ کانپوءِ به ڏهون دفعو اٿڻ جي ڪوشش ڪر

 

بهتر است يک روز هم که شد ” شير باشيد “ تا آن که در همه سالها زندگي تان ” گوسفند باشيد “

هڪ ڏينهن به شينهن ٿي گذارڻ ڀلو آهي ، سڄي زندگي رڍ ٿي گذارڻ کان

 

محاورن جو مطلب :

بيوقوفي ۽ موڳائي ۾ زندگي نه گذاريو . بلڪه شينهن ٿي زندگي گذاريو

هڪ ڏينهن شينهن ٿي گذارڻ ، هميشه لاءِ رڍ ٿي گذارڻ کان بهتر آهي

پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لاءِ ڪڏهن به ڪوشش کي ڇڏي نه ڏئي ، ان مهل تائين ڪوشش جاري رک جيسيتائين مقصد تائين نه پهچين !

بيوقوف ۽ موڳو نه ٿي رڍ وانگر

محنت ڪر ، جوان ٿي ، هدف تائين پهچ ، شينهن وانگر

 

 

ٽيون باب : اهي سوال جن جو جواب ملڻ مشڪل آهي

 

  1. مرڻ جو وقت ويجهو هجئي، تو کي چيو وڃي ته صرف هڪ ڪال ڪري سگهين ٿو ، ته پوءِ ڪنهن ڏي ڪال ڪندي ۽ ڇو ڪندي ؟
  2. هڪ لفظ ۾ ” الله “ جي Definition ٻڌايو ؟
  3. هڪ لفظ ۾ شيطان جي Definition ٻڌايو ؟
  4. توهان جي سمجهه ۾ انسانيت جي تباهي جو ڪارڻ ڇا آهي ؟
  5. زندگي جي معني ڇا آهي ؟
  6. زندگي ۾ سڀني ڪمن منجهان خراب ڪم ڪهڙو ڪيو اٿئي؟
  7. پنهنجي لفظن ۾ ڪاميابي جي معني ٻڌاءِ ؟
  8. ڪنهن اهڙي جاءِ تي هڪڙو مهينو رهه جتي پيسا ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هجي ، ته پوءِ ڪٿي رهندو ۽ ڇو رهندو ؟

ليکڪ جي چوڻ موجب هي اهڙا سوال آهن جن جو جواب ملڻ انتهائي مشڪل آهي !

 

ڇوٿون باب : پاڻ سڃاڻِ

ليڪ پنجين باب ۾ ڪجهه سوال ڪري ٿو ۽ انهن جا جواب پڙهندڙ کان گهري ٿو ، ان جي دعوي آهي ته انهن سوالن وسيلي ڪنهن حد تائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو !

  1. توهان ڪير آهيو ؟
  2. توهان ڪهڙي ڪم جا آهيو ؟
  3. ڇا توهان هر ڪم ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪيو ٿا ؟
  4. ڇا توهان هر ڳالهه تي ڪاوڙ ڪندا آهيو ؟
  5. پنهنجو پاڻ تي ڪيتري حد تائين اعتماد ڪيو ٿا ؟
  6. توهان زندگي جي ڪهڙي موڙ تي ٻيٺا آهيو زمان ماضي ۾ آهيو يا حال ۾ قدم رکيا اٿوَ ؟
  7. پنهنجن ڪمن کي دلي شوق سان انجام ڏيندا آهيو يا صرف تفريح خاطر ؟
  8. بحث مباحثن ۾ انصاف کان ڪم وٺندا آهيو يا نه ؟

انهن سوالن جي جواب سان سان ڪافي حد تائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهو ٿا ته توهان جي سوچ واڌو آهي يا ڪاٽو ؟؟

 

 

 

 

 

 

پنجون باب : هي ڪتاب اوهان تي ڪيترو اثر انداز رهيو ؟

 

ليکڪ هن باب ۾ پڙهندڙن کي درخواست ڪري ٿو ته هي ڪتاب توهان تي ڪيترو اثر انداز رهيو آهي ، هن ڪتاب جا مثبت ۽ منفي اثر ڪاغذ تي لکي انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرايو ، ته مثبت اثر توهان تي گهڻا ٿيا آهن يا منفي اثر .

منهنجي سمجهه ۾ ڪتاب ” گوسفند نباشيد“ هڪ بهترين ڪتاب آهي پڙهندڙن جي لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو،هي ڪتاب زندگي گذارڻ جو هنر سيکاري ٿو،هي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ زندگي ڪيئن گذارجي؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button