مختصر خبرون

عرب، اسرائيل دوستي ۽ وڌندڙ انتهاپسندي

صاحب خان ڀٽي

Sahib Khan Bhatti
صاحب خان ڀٽي

اسرائيل جو فلسطينين تي ظلم جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي خلاف سڄي دنيا خاص طور تي اسان جي پياري ملڪ ۾ تمام گهڻو  آواز اٿاريو  ويو آهي، ريليون به ڪڍيون وينديون آهن ۽ ڌرڻا به هنيا ويندا آهن، پر جو نتيجو  هيل تائين نه نڪري سگهيو آهي، جيتوڻيڪ اڄ تائين پاڪستان اسرائيل کي تسليم به ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري ڪو پاڪستان  مان ڪو اسرائيل وڃي سگهي ٿو، ايتري قدر جو پاڪستاني عوام پاران گڏيل قومن کان  مطالبو ڪيو ويندو آهي ته  فلسطينين تي ٿيندڙ اسرائيلي ظلم کي روڪرايو وڃي پر هيل تائين اسرائيل خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي پر سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ کانپوءِ عرب سڳورن اسرائيل سان دوستي جو هٿ وڌايو ويو آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت بحث شروع ٿي ويو آهي، پر ڪجهه وقتن تي ڪجهه فرشتي نما ماڻهو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، حڪمرانن توڙي سياسي پارٽين واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل سان دوستي نه ڪندا ۽نه ئي وري  اسرائيل کي تسليم ڪيو پيو وڃي پر هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو، اڳتي ڇا ٿيندو؟

فلسطينين تي آخر اسرائيل جو ظلم ڇو ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان تاريخ  تي نظر ڦيرائينداسين  ته خبر پوندي ته فلسطينين جڏهن اسرائيلن کي رهڻ لاءِ  زمينون ڏنيون ته ان وقت ڪو به فساد يا جهيڙو نه هو پر  اسرائيلين هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ  جدوجهد شروع ڪئي ۽  فلسطيني  پنهنجي ڪمن ۾ مشغول هئا،  جڏهن اسرائيلي طاقتور ٿي ويا ته هنن  ملڪ ٺاهيو ۽ 1948ع ۾ پهريون ڀيرو  فلسطينين تي ظلم ڪيو، فلسطينين کي اها  خبر ئي نه هئي ته جن کي  زمينون ڏئي رهيا آهن، اهي ئي مٿن ظلم ڪندا،  اسرائيلي ظلم کان تنگ ٿي فلسطيني اسرائيلين جي اڪثريت علائقن کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا،  انهن جي آبادي ان وقت ٽوٽل 10 لک رهجي وئي، ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته 15 مئي 1948ع تي فلسطينين ويڙهه کان پاسو ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ  14 ۽ 15 مئي ۾ تل ابيب ۾ اسرائيل جي رياست جو اعلان ڪيو ويو، ان وقت مسلمان ملڪن ۾ اسرائيلين خلاف نفرت پکڙيل هئي، سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن اسرائيل کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون، ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسرائيلين جي ظلم خلاف آواز اٿاريو ويو، سڄي دنيا جا مسلمان به اسرائيل جي ظلمن خلاف هڪ آواز ٿي ويا  هئا،  پر آخر ڪجهه وقت کان پوءِ  فلسطينين مزاحمت ختم ڪئي ۽ 14، 15 مئي واري رات اسرائيل  رياست جو اعلان ڪيو ويو، عرب رياستن اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو هو، مصر، شام، اردن، لبنان ۽ عراق اسرائيل خلاف ويڙهه جو اعلان ڪيو ۽ فلسطينين کي حق ڏيارڻ جو وچن ورجايو پر ان جا  ڪي به نتيجا ان وقت نه نڪري سگهيا هئا، عربن  اسرائيل سان وڙهڻ بدران 1949 ع ۾ اسرائيل سان امن معاهدو ڪيو ۽ جنگ ختم ٿي وئي. عربن جي انهيءَ ويڙهه ۾ پاڪستان جي هوائي فوج به حصو ورتو هو ۽ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ هوائي فوج جا پائليٽ موڪليا هئا، پاڪستاني هوائي فوج  شام ۾ موجود رهي ۽ شامي فوجين کي جنگي تربيت ڏني، جئين ته سلامتي ڪائونسل جي مداخلت جي ڪري معاهدو ٿي چڪو هو، تڏهن 11 مئي 1949ع اسرائيل کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻايو ويو، انهيءَ جنگ ۾ اسرائيل جا به 6 هزار کان ڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، پر عربن جو ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ان کي گڏيل  قومن طرفان  لڪايو ويو، جنهن بابت هيل تائين ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي دوستي تمام گهاٽي ٿي وئي، دنيا ۾ سندن ڪاروبار تيزي سان پکڙجي ويو، جيڪڏهن ايئن چيو وڃي ته آمريڪا ۽ اسرائيل هڪٻئي کانسواءِ دنيا ۾ هلي نه ٿا سگهن  ته اهو چوڻ غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل خلاف  جيڪو  به ملڪ ڳالهائيندو ته آمريڪا ان اڳيان هڪ وڏي ديوار بڻيل نظر ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ اسرائيل   جي ڳٽ جوڙ سبب ملسمان ملڪن جون رياستيون  فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف خاموش رهنديون آهن،  اسرائيل جي ڪوشش رهي آهي ته دنيا  جا سمورا ملڪ کيس تسليم ڪن، جيتوڻيڪ  ڪجهه ملڪن کيس هيل تائين تسليم نه ڪيو آهي ۽ اهو نه مڃڻ وارو تسلسل به عرب ملڪن وڌو هو پر اڄ ڪلهه عربن ڪاروبار جي ڪري پنهنجو قول ۽ فعل تبديل  ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته عرب ملڪ ئي آهن، جن وٽ تيل وڏي مقدار ۾ موجود آهي، انهن تي اڻ سڌي طرح آمريڪا جو ڪنٽرول آهي، جنهن سبب سعودي عرب جهڙي مقدس ملڪ ۾ به آمريڪا جا فوجي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل آهن، جيڪڏهن اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه هجي ها ته آمريڪا ڪڏهن به سعودي عرب  ۾ موجود نه هجي ها.

بهرحال اهو ٿيڻو ئي  هو سعودي عرب جي آمريڪا سان گهري دوستي جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن، ڪرونا کانپوءِ هونئن ته سڄي دنيا ۾ بحران آهي پر اسرائيل ۾ سياسي بحران جي شدت وڌي وئي آهي، تنهن جي ڪري  سياستدانن ۾ اختلاف به تمام وڌي ويا آهن، ٻئي طرف وري عرب ملڪ به ڪرونا وائرس کانپوءِ اسرائيل ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن، سعودي عرب واضح ڪيوآهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا تيستائين قائم نه ٿيندا، جيستائين يهودي رياست فلسطينين سان امن معاهدو نه ٿي ڪري. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جرمني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل جي يهودي آباد ڪارين کي هڪ طرفي ڪارروائيون امن جي رستي ۾ رنڊڪ آهي، سعودي عرب امن جي بنياد تي ٿيل عرب امن منصوبي جي معاهدي جو پابند آهي. ٻئي پاسي مملڪتي پرڏيهي وزير عادل الجبير چوي ٿو ته اسرائيل کي قبول ڪرڻ واري معاملي ۾ متحده عرب امارات جي پروي نه ڪنداسين. شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سعودي عرب فلسطين مسئلي جو شفاف طريقي سان حل چاهي ٿو. هوڏانهن وري اسرائيلي شهرين کي سعودي عرب وڃڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي، ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اسرائيل ۽ سعودي عرب هڪٻئي ڏي دوستي جو هٿ ان ڪري وڌايو آهي ته سعودي ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ سعودي عرب جو شاهي خاندان اسرائيل سان دوستي ڪري  خطي ۾ ايران کي اڪيلو ڪرڻ سان گڏ مٿس وڌيڪ پابنديون لڳرائڻ چاهي ٿو. اسرائيل طرفان جوڙيل نئين پاليسي  ۾ چيو وي ته اسرائيل ۾ رهندڙ مسلمان مذهبي مقصدن لاءِ سعودي  عرب وڃي سگهنا، جڏهن ته يهودي ڪاروبار جي مقصد لاءِ سعودي عرب جو سفر ڪري سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سعودي عرب  ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي، جنهن جو ڪيتو اسان جو ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي، خاص طور تي اسان جي ملڪ کي هٿ وٺي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ڏانهن ڌڪو ويو آهي، اڳ ۾ سعودي عرب وارا اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارن تي فتوائون جاري ڪندا هئا، اڄ ڪلهه سعودي عرب جا شاهي حڪمران پاڻ ئي اسرائيل ڏانهن دوستي وڌائي رهيا آهن، انهيءَ عرب ملڪن جي دشمني ۾ اسان جو ملڪ جو ڪيترو جاني نقصان ٿيو آهي، شايد عربن کي اها خبر نه هوندي،  جيڪڏهن اسان  ٻيهر ٿورو تاريخ تي نظر ڦيرائينداسين ته جن به ملڪن اسرائيل خلاف ويڙهه جو  اعلان ڪيو هو، انهن ملڪن ۾ اڄ تباهي جا منظر آهي،  سڀ کان  پهرين عراق ڏسو، ڪيئن اسرائيل جي ڀائيوار ملڪ آمريڪا الزام هڻي عراق ۾ تباهي  مچائي، هزارين معصوم ٻارڙن ۽ عورتن توڙي مردن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو   تيل جي ذخيرن تي به عالمي ڏاڍ تحت قبضو ڪيو ۽  ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو، مصر ۾ به مسلمانن جو رت وهائي انسانيت جو ڪنڌ جهڪايو ويو،  مصر به ۾ رت جي راند هلي رهي آهي. شام، اردن، لبنان ۽ عراق ۾ هيل تائين امن قائم ناهي ٿي سگهيو، رهي ڳالهه  پاڪستان جي، جنهن فلسطينين جي مدد ڪئي هئي، اتي مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي عروج تي پهتل آهي، مسجدن، درگاهن تي آپگهات بمبار حملا ڪندا رهندا آهن، ڪو به ماڻهو پنهنجو مذهبي ڏڻ بنا سيڪيورٽي جو ملهائي نه ٿو سگهي، فرقيواريت به چوٽ چڙهيل آهي، افغانستان تي حملي جو جواز  ڄاڻائي مذهبي دهشتگردن کي افغانستان مان  منتقل ڪري اسان جي ملڪ اندر ترسايو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته دهشتگردن قلندر جي درگاهه تي حملو ڪري سوين  بي گناهن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو دهشتگردن اسڪول تي حملو ڪري معصوم شاگردن  ۽ استادن جو قتل عام ڪيو، ڇا اهو ظلم گهٽ آهي، ظاهري طور تي اهو فرقيواريت لڳي ٿو پر ان جا پيرا به عرب ملڪن جو ساٿ ڏيڻ ڏانهن وڃن ٿا، سعودي عرب ۽ اسرائيل هڪٻئي  سان ٺاهه ڪري ويا پر جيڪا نفرت اسان جي ملڪ ۾ پکيڙي وئي آهي، اها ڪيئن ختم ٿيندي، آخر  جنوني پنهنجي انجام تي ڪيئن ڀڄندا؟ جڏهن کان اسرائيل ۽  عربن ۾ معاهدو ٿيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ هڪڀيرو ٻيهر مذهبي انتهاپسندي پکڙجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ٺيڪيدار پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت پکيڙيندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪري ملڪ جي  امن امان جي صورتحال کي برقرار رکيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button