ھنڱورجا: تيز رفتار مزدا جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر، نوجوان اجل جو شڪار
عزيز ميمڻ، هنڱورجا
هنڱورجا ڀرسان قومي شاهراھ تيز رفتار مزدا جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ،ڳوٺ منڱڻاپوٽا واسي نوجوان ٿڏي تي فوت،مزدا ڊرائيور حادثي بعد گاڏي سميت فرار، حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب هنڱورجا قومي شاهراھ تي هاءِ اسڪول جي سامهون تيز رفتار مزدا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 25 سالا نويد احمد سهتو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته مزدا ڊرائيور حادثي بعد گاڏي سميت فرار ٿي ويو.فوتي نوجوان هنڱورجا لڳ ڳوٺ منڱڻاپوٽا جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو شهر کان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو هوڏانهن روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.هنڱورجا پوليس فوتي نوجوان جو لاش هنڱورجا اسپتال ۾ آڻي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته فوتي جو لاش سندس گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.