شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ ۾ سگا گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي

IMG 20200910 WA0000انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي ۾ پروفيسر خالد حسين چنه جي ڪتاب "سگا شهدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي”تي اڀياسي ويهڪ ٿي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شهدادڪوٽ ۾ سگا پاران مين پرائمري خدا بخش سومرو اسڪول ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن جي صدارت حق نواز سومرو ڪئي جڏهن ته سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنه مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ سگا جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ گڏجاڻي ۾ پروفيسر خالد حسين چنه جي ڪتاب "سگا شهدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارگردگي” تي اڀياسي ويهڪ ٿي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، حق نواز سومرو، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو عبدالوحيد ڀٽي، نذير سومرو، طارق خشڪ، صدر جمال دايو، رشيد خانواهي، فدا حسين جوڻيجو، ميان فيروزالدين صديقي، سليم لاشاري، ۽ ٻين گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سگا شاخ شهدادڪوٽ جي تاريخ رهي آهي هنن چيو ته پروفيسر خالد چنه سدائين ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف هوندو آهي جنهن جي ڪوششن سان سگا شهدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪرگي بابت ڪتاب جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، هنن جو چيو ته ڪتاب جي مواد ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي بنيادي ۽ سينيئر ماڻهن ۽ ڪارڪردگي جو مواد شامل آهي، هنن چيو ته هي ڪتاب مستقبل ۾ هڪ ڪارائتو دستاويز ثابت ٿيندو، جڏهن ته پروفيسر خالد حسين چنه خطاب ڪندي چيو ته هن جي ڪوشش رهي ته سگا شهدادڪوٽ جي تاريخ تي هو ڪتاب آڻي، هن چيو ته "ڪتاب سگا شهدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي” ۾ سگا جي سينيئر ميمبرن جو تعارف ۽ ڪارڪردگي جو مواد شامل آهي، هن چيو ته هي ڪتاب ٻين برانچن ۾ رول ثابت ٿيندو ان موقعي تي ممتاز علي ڀٽي، ظهور احمد جوڻيجو، اظهر سيال، چندر لال ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ آيل ماڻهن کي ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button