شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: برسات ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
Citizen protestingشهدادڪوٽ ۾ برسات ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پاڙي جي رهواسين جو مظاهرو، شهر جي ڊرٻ پاڙي جي رهواسين جو پاڙي ۽ شهر مان برسات ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف فاروق سومرو، محمد پناه کوسو، طالب سومرو، محمد مٺل مگسي، شبير بوجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تقي شاه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته برسات پوڻ کي تقريبن هڪ مهينو گذري ويو آهي تنهن باوجود به ڊرٻ پاڙي سميت شهر جي مختلف روڊن ۽ گهٽين مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، هنن جو چوڻ هو ته ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب سمورو شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جنهن ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن جو چوڻ هو ته درن اڳيان گندي پاڻي هجڻ سبب سخت تڪليفن مان گذرڻو پئي ٿو، هنن چيو ته احتجاج سبب لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، هنن وس وارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو پڻ چتاء ڏنو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button