شهدادڪوٽ

نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شھداد ڪوٽ ۾ مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شھداد ڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران ٽنڊو آدم ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران ٽنڊو آدم جي تارا باغ ۾ قتل ٿيل نوجوان اڪبر خاصخيلي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف رئيس غلام حسين خاصخيلي، راحب علي خاصخيلي، صدام حسين خاصخيلي، وارث علي، نادر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجه ڏينهن اڳ ٽنڊو آدم جي تارا باغ ۾ نوجوان اڪبر خاصخيلي کي منشيات فروشن بيگناه قتل ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ۽ نوجوان جا قاتل هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، هنن وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه، آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اڪبر جا قاتل فورن گرفتار ڪري خاصخيلي برادري ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، هنن قاتل گرفتار نه جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو پڻ چتاء ڏنو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button