سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون ۽ پوليس جو ناقص ڪردار!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ جو اهم ۽ تاريخي ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جيڪو ٽن تعقلن تي ٻڌل آهي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هجڻ ڪري ضلعي جي ٻين شهرن جيان گڊو ۽ ڪشمور جا ماڻهو به سرڪاري ڪمن ڪارن لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. بهرحال، سنڌ جي روايتن، ريتن، رسمن توڙي تهذيبي قدرن کي اڳيان رکجي ته هي ضلعو وڏي تاريخ رکي ٿو ۽ قديم روايتن سان وابسته رهيو آهي، پر خبر ناهي ته سنڌ جي هن آخري دنگ تي واقع ڪشمور ضلعي کي گذريل ڪجهه عرصي کان ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي، قتل، رتوڇاڻ، قبائلي جهيڙا، ماڻهن جي ڪلهن تي هٿيار کڻي هلڻ جا منظر ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، رڳو ايترو ئي نه پر ڦرن، چورين ۽ اغوا جي وارداتن جا واقعا به هتي معمول بڻيل آهن، آخر هن ديس جا ماڻهو ڪڏهن سک جو ساهه کڻندا!؟

گذريل ڇهن مهينن کان هن وقت تائين مجموعي طور 50 کان مٿي اغوا جا واقعا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت ڏهن جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جن کي وڏو عرصو گذرڻ جي باوجود به اهي بازياب نه ٿي سگهيا آهن. اغوا جي وارداتن ۾ خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جي شريف ماڻهن کي ئي نشانو بنايو پيو وڃي، جتي ڪنڌڪوٽ مان ارباب علي ڏاهاڻي، علي دوست، چاچڙ عبدالهادي ميراڻي، احسان نندواڻي سميت ڪرمپور جي ڳوٺ خان محمد چاچڙ مان دوست محمد چاچڙ سميت ڪيترائي ماڻهو اڄ سوڌو ڌاڙيل جي چنبي ۾ آهن، سواءِ بخشاپور مان اغوا ٿيل ڪيهر موچي جي، جيڪو تازو آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهي ضلعي ۾ جتي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو اغوا ٿيل آهن پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رهزنن ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ورهين کان آباد باگڙي برادري جي پورهيت ڌمرپال باگڙي کي به بخش نه ڪيو.

ڪاروباري لحاظ کان ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ اناج جي واپار جا مک ڳڙهه سمجهيا ويندا آهن، جتي جا هندو ڀائر ورهاڱي کان اڳ جا آباد آهن، ڪي ته بدامني جي ڪري ڀارت لڏي ويا ۽ جيڪي هتي رهن ٿا، انهن لاءِ به رڻ ٻاريو ويو آهي، اڄ به هتي هندو برادري جا واپاري ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ڪرمپور ۽ ڀرپاسي جي ٻين شهرن مان ٻين سڀني کان اڳڀرا آهن، گڏوگڏ هو تعليم يافته ۽ پرامن شهري طور زندگي گذارين ٿا پر ڏوهارين جي ڪارروائين ۽ اغوا جي وارداتن کين خوف واري صورتحال ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، انهن سان گڏ غيرمسلم برادرين ۾ باگڙي، ڪولهي ۽ ميگهواڙ برادريون به هنن شهرن ۾ وڏي عرصي کان آباد آهن، انهن مان خاص ڪري باگڙي برادري جا ماڻهو هارپي جي ڪم سان واڳيل آهن، سندن ڳوٺ ڪنڌڪوٽ شهر ٻاهران واقع آهن، جتان هو روزانو شهر اچي مزدوري ڪن ٿا، انهن جي مالي حالتن تي نظر وجهون ته اهي انتهائي غريب طبقي سان تعلق رکن ٿا، هارپو ۽ مزدوري ڪرڻ ئي سندن ٻارن ٻچن جو گذر سفر ڪرڻ لاءِ محدود ذريعو آهي، پوءِ به رهزنن مفلسي واري زندگي گهاريندڙ ڌرمپال باگڙي کي اغوا ڪري ويا، تازو صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جي اباڻي ڳوٺ ڪرمپور مان به هڪ هندو نوجوان اڪشي ڪمار پٽ ڊاڪٽر ڀيمن داس جي اغوا جون خبرون شايع ٿيون، جنهن بابت چيو ويو ته هن کي خانپور جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو آهي، جتان سندس فون لوڪيشن به ملي آهي، بهرحال، واقعي کانپوءِ هندو برادري جي مغوي نوجوان جي گهر ۾ انتهائي پريشاني واري ڪيفيت آهي. ساڳي ريت بخشاپور ويجهو ڳوٺ لعل بخش چاچڙ مان هڪ چوڪيدار ڪيهر موچي کي اغوا بعد سندس وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، مغوي ڪيهر موچي جيڪو ماهوار پنج هزار رپين عيوض چوڪيداري ڪندو هو، هن وٽ يا سندس خاندان وٽ لکين رپيا ڪٿان ايندا جو هو ڀنگ ڀرين! ها اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪٿان پٽ سٽ ڪري يا قرض کڻي ڀنگ لاءِ رقم گڏ ڪئي وڃي ته اها ٻي ڳالهه آهي، پوءِ به ته لکين رپيا ڀنگ ڀرڻ بعد ڪيهر موچي ۽ سندس خاندان کي سڄي ڄمار گذري ويندي پر شايد اهو قرض نه لاهي سگهن، ان ڪري ٿيو به ائين ئي هوندو ته ڪيهر موچي ڀنگ ڀري ئي آزادي حاصل ڪئي هوندي.

مون گذريل ڇهن مهينن ۾ مجموعي طور 50 کان وڌيڪ اغوا جي وارداتن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ڪيئي علائقن جا ماڻهو اغوا ٿيا آهن، جن مان ڪي واپس به ٿيا آهن ۽ ڪي اڃا تائين ڌاڙيل وٽ قيد آهن. جيڪي ماڻهو بازياب ٿيا آهن، انهن مان اڪثر ڀنگ ڀري ئي آزاد ٿيا آهن، ڪي مغوي راڄوڻي طريقن سان به واپس موٽايا ويا آهن پر پوليس جي ڪارڪردگي بلڪل زيرو ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ توڙي ٻين شهرن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڄڻ ته اغوا جي وارداتن جي صنعت قائم ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڌاڙيل ۽ ڏوهاري ڀنگ خاطر شريف ماڻهن کي قيد ڪري ناجائز مطالبا ڪن ٿا ۽ پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي. جنهن ڪري رهواسين ۾ مايوسي ڇانيل آهي، ايتري تائين جو ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، غوثپور، بخشاپور، تنگواڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي سج لهڻ کانپوءِ گهرن کان ٻاهر به نڪري نٿا سگهن، جيڪڏهن ڪير مجبوري ۾ ٻاهر به نڪري ٿو ته هو پنهنجي سر تان هٿ کڻي پوءِ ٻاهر نڪري ٿو، ساڳئي وقت پٺيان سندس وارث به پريشاني واري حالت کي ڀوڳين ٿا. مختلف وقتن تي هتان جي شهرين به اغوا جي وارداتن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا، انڊس هاءِ وي سميت شهر بند ڪيا ويا پر ڪو کڙتيل نه نڪتو نه ئي انتظاميا تي ڪو فرق پيو، اهڙو بي حس رويو ته اڳ ڪڏهن نه ڏٺو. هن ضلعي مان چونڊيل هڪ ايم اين اي ۽ 3 ايم پي ايز، جن مان هڪ ته صوبائي وزير به آهي، اهي سنڌ جي حڪمران جماعت سان ئي تعلق رکن ٿا، پر هن ضلعي ۾ بدامني جي اهڙي خطرناڪ صورتحال هوندي به اهي چونڊيل نمائندا پاڻ تي ڪا ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نٿا ڏسجن. افسوس ته انهن چونڊيل نمائندن مان ڪنهن هڪ به ڪنهن مغوي جي گهر پهچي سندس وارثن کي آٿت يا دلداري ناهي ڏني.

ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ضلعي جي هي صورتحال انتهائي افسوسناڪ آهي، هتي ٻيو وڏو مسئلو پوليس جي ناقص ڪارڪردگي آهي، ڏينهن ڏٺي ماڻهن جو اغوا ٿيڻ، سرعام ڀنگ وصول ڪرڻ کانپوءِ به پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مسلسل ڇهن مهينن کان اغوا، ڦرن ۽ قتل جا واقعا پوليس لاءِ سواليا نشان بڻيل آهن، پوليس جڏهن به ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ وڃي ٿي ته ان کان اڳ ئي ڏوهارين کي خبر پئجي ٿي وڃي، نتيجي ۾ اهي آپريشن به ناڪام ٿيو وڃن، ان ڪري جيستائين پوليس مان ڪاريون رڍون ختم نه ڪيون وينديون، ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور جي سڄي ضلعي توڙي قبائلي علائقن ۾ شمار ٿيندڙ سنڌ جي اترين علائقن ۾ امن واري صورتحال قائم نه ٿي سگهندي.

Exit mobile version