راڻي پور

راڻيپور: ڪرونا وائرس کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ئي شڪست ڏئي سگھجي ٿي، پرنسپال سچل سرسمت ڪاليج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، راڻيپور
ڪرونا وائرس جو خطرو اڃان محسوس ڪيون پيا ، هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪرونا وائرس کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين ، سچل سرسمت ڪاليج تاريخي ڪاليج آهي ، شاگردن سميت مڪمل انتظاميه ايس او پيز تي عمل پيو ڪري، پرنسپال سميع ميمڻ
رپورٽ موجب حڪومت سنڌ جي ڪرونا وائرس جي خاتمي بعد 15 سيپٽمبر کان نائين ڏهين يارهين ۽ ٻارهين تائين ڪلاس هلائن جو اعلان ڪيو ويو جنهن بعد سنڌ جي مشهور دستگير جي شهر ۾ قائم بهترين اسڪولز مظهر مسلم ماڊل هايئر سيڪنڊري اسڪول، ايور شائن گروپ آف ڪاليجز ، گورنمينٽ گرلس هاء اسڪول ، گورنمينٽ سچل سرمست بوائز دگري ڪاليج راڻيپور حڪومت وقت پاران پيش ڪيل ايس او پيز جنهن ۾ اسڪول يا ڪالج ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سينيٽائزرس ، فيس ماسڪ ، هڪ ٻئي کان سماجي دوري اختيار ڪري ڊيسڪ ڪريسن تي ويهاري مڪمل تعليم جو بهتر ماحول بڻايو ويو ، جڏهن ته سٽي پريس ڪلب راڻيپور جا قلم ڪار سماجي رهنما اچانڪ مٿي ڄاڻيل تمام اسڪولن جو وزٽ ڪيو جتي مڪمل ايس او پيز تي عمل ٿيندي ڏٺو ان موقعي تي ٻين اسڪولن سميت سچل سرمست بوائز ڊگري ڪاليج راڻيپور جي پرنسپال محمد سميع ميمڻ سٽي پريس ڪلن جي صحافين سان ٻڌايو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي جو گذريل چهن مهينن کان مٿي بند پيڪ تعليمي اداره کوليا ويا آهن شاگرد انتهائي خوش آهن اسان جا پروفيسر مڪمل ٽيم بهترين محنت ڪري رهي آهي جيئن ٿيل تعليم جي نقصان جو ازالو ڪري سگهون هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڪرونا وائرس هڪ خطرناڪ موضي وائرس آهي جنهن کي گڏجي ايس او پيز تي عمل ڪندي مڪمل عبرت ناڪ شڪست ڏيئي سگهون ٿا ، جيئن جيئن وقت گذرندو ماحول بهتر ٿيندو ، جڏهن ته پروفيسر روشن علي خاصخيلي ، پروفيسر نثار ڄامڙو ، پروفيسر حسن رند ، پروفيسر اشفاق ميمن ، پروفيسر عبدالله سولنگي پروفيسر بشير جانوري ۽ ٻيا پن وزٽ دوران گڏ هيا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button