ھنڱورجا

ھنڱورجا: ناري روھڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Woman suiside at Rasool Abadرسول آباد واسي غير شادي شده عورت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي  ڪري ڇڏي،فوتي عورت جو لاش محرابپور ريگيوليٽر وٽان هٿ،لاش گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.تفصيل موجب رسول آباد جي ميمڻ محلا جي رهواسي 35 سالا غير شادي شده عورت مسمات رضوانا ميمڻ ڌيءُ محمد صفر ميمڻ محرابپور ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو لاش محرابپور ريگيوليٽر وٽان هٿ آيو جنهن بعد لاش سندس رسول آباد گھر پهتو ته قهرام مچي ويو. چيو وڃي ٿو ته رضوانا ميمڻ صبح جو گھران محرابپور لاءِ هڪ رڪشي ۾ سوار ٿي وڃي رهي هئي ته روهڙي ڪئنال وٽ رڪشا مان لهي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.جڏهن ته سندس وارثن موجب سندس ذهني توازن ٺيڪ نه هيو جنهن جو علاج پڻ هلندڙ هيو . هوڏانهن فوتي رضوانا ميمڻ کي رسول آباد جي تاريخي داريش باغ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button