ٺٽوشاعر

منھنجي مئي کانپوء مٺڙا منھنجون ڳالھيون ساريندين، علي محمد اڏيرائي وڇڙي ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو

سک جو ساٿي سڀڪو آھي، ڏک ۾ ڪير بہ ڪنھن جو ناھي، ھاڻي خبر پئي آ

منھنجي ھاڻي حياتي خطري ۾ آ، جلد آ ڪر دوا.

Funeral of Ali Muhammad Udairaiسنڌ جو مشهور ڪيسٽي دنيا جو شاعر علي محمد اڏيرائي هميشه لاء وڇڙي ويو، ڪيترو ئي عرصو فالج ۽ مختلف بيمارين سان جنگ ڪندڙ مشهور شاعر نيٺ زندگي جي جنگ گھارو شھر ۾ پنھنجي گھر ۾ هارائي ويٺو، مشهور شاعر علي محمد اڏيرائي جي جنازي نماز گهارو ٽائون ڪميٽي ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس گھوڙاٻاري لڳ اڏيرولعل قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ سندس پرستارن، شھرين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم علي محمد اڏيراڻي جي شاعري نالي وارن فنڪارن جلال چانڊيو، فوزيہ سومرو، شمن ميرالي، سرمد سنڌي، ثريہ سومرو سميت ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري ڳائي نالو ڪمايو، ناليواري فنڪارہ فوزيہ سومرو شاعر علي محمد اڏيرائي جي شاعري منھنجي مئي کانپوء مٺڙا منھنجون ڳالھيون ساريندين ڳائي کيس شھرت جي بلندين تائين پھچائي ڇڏيو. واضح رھي تہ 23 سالن تائين فالج جهڙي خطرناڪ بيماري سان جهيڙيندي لاڏاڻو ڪري ويل شاعر علي محمد اُڏيرائي جي جنازي نماز ۾ ڪنهن به سياسي شخصيت چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي. علي محمد اُڏيرائي ڪيسٽي شاعري ذريعي ڪيسٽي دنيا تي ڇانيل رهيو، مرحوم علي محمد اُڏيرائي جي لاڏاڻي تي سينيٽر سسئي پليجو، سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو ۽ ٻين پاران ڏُک جو اظهار ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي، مرحوم علي محمد اڏيرائي جو تڏو گھارو شھر ۾ وڇايو ويو آھي، جتي سندس وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button