قبوسعيدخان: آبادگارن جي تحريڪ رنگ لاتو، اي سي آبپاشي بک ھڙتال ڪئمپ پھچي ويو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، قبوسعيد خان
ڍوري شاخ جي آبادگارن جي تحريڪ رنگ لاتو اي سي آبپاشي اقبال پليجو آبادگارن سان ڳالھين لاءِ بک هڙتال ڪيمپ تي پهچي ويو علاقي واسين سئون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا ۽ ۽ قران پاڪ کڻي احتجاج ڪيو.
تفصيل موجب پاڻي کوٽ خلاف ڍوري شاخ جي آبادگارن پاران گوادر موٽروي ڪچي پل تي 6 ڏينهن کان لڳايل بک هڙتال ڪيمپ تي آبادگارن سان ڳاليهن لاء اي سي اقبال پليجو پهچي ويو، ان موقع تي آبادگار اڳواڻن مير حسن مگسي،محمدحسن مگسي ،فقير غلام عباس جاگيراڻي رحمت الله مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گزريل ٻن مهينن کان ڍوري شاخ ۾ آبپاشي عملدارن جي غلط پاليسي تحت سخت پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيئي رهيا آھيون هنن چيو ته اسان جي علاقي جي معشيت جو دارومدار زراعت تي آھي پاڻي نه هجڻ ڪري ساريالو فصل نه پوکي سگهيا آھيون جڏهن ته پاڻي جي کوٽ جي سبب ڍوري شاخ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجڻ جو خدشو آھي، هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري چوپايو مال اڃ وگهي مري رهيو آھي ٻئي طرف ڍوري شاخ جي دوري دوران 97 پل وٽن ماڻھون سئون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا ۽ قران پاڪ کڻي اچي اي سي اڳيان احتجاج ڪيو اهڙا مناظر ڏسي اي سي به آبديده ٿي ويو. ان موقعي تي اي سي اقبال پليجو ميڍيا اڳيان اعتراف ڪندي چيو ته ڍوري شاخ ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري نازڪ حالات آھن هن ان ڳالھ جو اعتراف ڪندي چيو ته سيف الله ڪينال ۾ غيرقانوني پائپن ذريعي بلوچستان چوري ڪري رهيو آھي جنهن ڪري سيف الله برانچ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿيو آھي هن چيو ته پاڻي چورن خلاف ڪاروائي لا۽ هوم منسٽر کي ليٽر لکي رينجرز جي مدد طلب ڪئي آھي هن چيو ته ٻن ڏينهن اندر ڍوري شاخ جي پڇڙي تي تائين پاڻي پهچائي آبادگارن جي مايوسي ختم ڪئي ويندي جنهن تي بک هڙتال تي ويٺل آبادگارن ڪجھ ڏينهن لا۽ ھلندڙ احتجاج ختم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو