نرالي ڪھڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا کي عالمي ورچوئل ۾ ويھڪ ۾ زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
- دنيا جي ڏاھن وانگي طبيعت سادي ۽ خيال اوچا علي بابا جو به اورڻ ھو.
- بي مثال ڪھاڻيڪار علي بابا جو ڪنواس سرڪار بدران عوام ھو.
- علي بابا جون ڪهاڻيون وطن ۽ ويڙهيچن جي زندگيءَ جو حقيقي عڪس آھن.
- چوٽ چڙھيل اڻبرابرين۽ بي واجبين تي اديب جي ڪردار ۽ تخليق ۾ گھربل مزاحمت نظر نه ٿي اچي. رجعت پرستي مخالف عوامي مزاحمتي ادب ئي مڃتا ماڻيندو.
ڪرونا جي ڪري رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل آن لائين علمي ادبي ويھڪن جي سلسلي جو تيرھون پروگرام نرالي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا کي ڀيٽا ڏيڻ لاء پيش ڪيو ويو. جنھن ۾ سڄي دنيا مان آن لائين شامل ٿيندڙ ساڃاھ وندن سندس ڊرامن، ڪھاڻين، ناولن، انٽرويوز ۽ ڪچھرين جا حوالا ڏئي شاندار ڀيٽا ڏني.
پروگرام جي تعارفي ڳالھ ٻولھ ۾ رميش راجا چيو ته دنيا جي ڏاھن وانگي طبيعت سادي ۽ خيال اوچا علي بابا جو به اورڻ ھو. سندس ڪھاڻي، ناول ۽ ڊرامن ۾ منظر نگاري جي مھارت نمايان ھئي. اديباڻي ٽولي بازي ۽ سرڪاري جڳت کان پري عالمي معيار جو باضمير نثر نويس ھو. اديب جي ڪتاب ۽ ڪردار جي تضاد ڪري ادب سماجي ڪارج بدران ذھني عياشي بڻجي وڃي ٿو ۽ پڙھندڙن جو تعداد گھٽائي ٿو. رجعت پرستي مخالف عوامي مزاحمتي ادب ئي مڃتا ماڻيندو.
ڀلوڙ شاعر ۽ اديب علي آڪاش چيو ته علي بابا جون ڪهاڻيون وطن ۽ ويڙهيچن جي زندگيءَ جو حقيقي عڪس پيش ڪن ٿيون. هن جون ڪهاڻين جون ٽي خصوصيتون اهم آهن، اتهاسڪ اپٽار، پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ۽ نج ٻولي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي سوشل ريئلزم جي تحريڪ کان متاثر رهي. علي بابا جون ڪهاڻين ۾ سوشل ريئلزم به آهي پر ان سان گڏ انهن ۾ وجودي ڀوڳنا ۽ آنڌمانڌ جا به اولڙا آهن. ان حساب سان, هن جون ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ وجوديت جو سنگم آهن.
نامياري ناول نگار منير چانڊيو چيو ته علي بابا ورهاڱي کانپوء وارن ڪهاڻيڪارن ۾ پھرين صف جو ڪھاڻيڪار آھي.
علي بابا جي ناول ”موهن جو دڙو“ کي سنڌي ادبي حلقن ۾ وڏي پزيرائي حاصل ٿي آھي ۽ سندس ڊرامي ”دنگي منجهه درياھ“ کي عالمي سطح تي مڃتا ملي. علي بابا پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مارو ماڻھن جي ڏکن، دردن، اهنجن ۽ تڪليفن کي بيان ڪيو آھي، هن کي سندس منفرد لکڻين جي ڪري سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت حاصل آھي
ڪئناڊا کان احمر نديم ميمڻ چيو ته اھو علي بابا ئي ھيو جنھن سنڌ جي اصلوڪن وارثن کي فخر واري انداز ۾ سڀني نفرتون ڦھلائيندڙ کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو. چوٽ چڙھيل اڻبرابرين۽ بي واجبين تي اديب جي ڪردار ۽ تخليق ۾ گھربل مزاحمت نظر نه ٿي اچي.
فن لينڊ مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ رخسانه علي جو چوڻ ھيو ته نئين ٽھي جي اديبن کي ياد رکڻو پوندو ته پراڻن اديبن جي مڃتا سندن مزاحمتي ڪردار ۽ ڌرتي ۽ ڌڻين سان محبت ڪري آھي. بي مثال ڪھاڻيڪار علي بابا جو ڪنواس سرڪار بدران عوام ھو. ڌرتي ڌڪاڻا، موھن جو دڙو ۽ دنگي منجھ دريا عالمي معيار جا شاھڪار آھن.
آخر ۾ ميزبان منظور اڄڻ چيو ته علي بابا ھڪ مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ۽ سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح هو. ھن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ سادا سچا کرا ڪردار ملن ٿا جيئن ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، موهن جي دڙي جي ناچڻي، سندس ڪردار زندھ آهن، ڪهاڻيڪار مري سگھي ٿو پر ڪھاڻي زندھ رھندي.
ان کان علاوه ان کان علاوه آمريڪا کان آيل نامياري شاعر عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، ھنگري مان دانش پرمار، روس مان ڊاڪٽر ذيشان جتوئي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو کٽياڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان نوشين اڄڻ، نيتو واڌواڻي، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، ساھ شيخ، رئوف پارس دايو، پروفيسر ديدار ميراڻي، شڪيل احمد شيخ ، خادم حسين تيوڻو ،ممتاز خادم ميمڻ ، شڪيل احمد چانڊيو، عبدالجبار چانگ ،نذير سروھي ، منظور گرمائي، عبدالغفار ابڙو، عبدالحق تمراڻي، محسن جامڙو، جميل احمد شيخ، حاجي خان بوزدار، ساھ شيخ ، راجيش جئپال، حسين سھتو، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، ڊاڪٽر شھزاد شيخ ، نيرج جوشي، پرويز ٻانڀڻ، احمد ذيشان، علي خان تمراڻي، زوھيب نظام تمراڻي ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪري علي بابا جي فن ۽ فڪر تي پنھنجا رايا ۽ ان جي لکڻين جا اقتسابات پڙھي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ۽ گڏجاڻي مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري ادارا سندس ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪن.