جھاد جا قِسم

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

سوال: جھاد جا ڪيترا قسم آھن.

جواب؛
جھاد کي ھڪ مسلسل عمل سان تعبير ڪيو ويو آھي. اسلامي قانون مطابق ، ان جا هيٺيان قِسم آهن.

(1) جھاد بالعلم

(2) جھاد بالعمل

(3) جھاد بالمال

(4) جھاد بالنفس

(5) جھاد بالقتال

(1) جھاد بالعلم؛

ھيءَ اھو جھاد آھي. جنھن جي ذريعي سان قرآن شريف ، ۽ سنت تي مبني احڪامن جي علم کي دنيا وارن جي اڳيان ڦھلايو وڃي. تاڪي دنيا مان ڪفر ، ۽ جھالت جي اونداھي جو خاتمو ٿي وڃي. ۽ دنيا ترقي ، ۽ ھدايت جي نور سان ڀرجي وڃي.
حضرت (عبد اللہ) بن عباس رضي اللہ عنہ فرمائن ٿا؛ بھترين جھاد ان شخص جو آھي ، جنھن شخص ھڪ مسجد تعمير ڪرائي. تاڪي ان مسجد ۾ قرآن شريف ، فقہ ، ۽ سنت جي تعليم ڏني وڃي. (يعني علم صحيح کي پذيرائي ڏني وڃي) حضرت معاذ بن جبل رضي اللہ عنہ بيان ڪن ٿا. تہ رسول اڪرم صلي اللہ عليہ والہ وسلم فرمائن ٿا ، علم حاصل ڪريو ، ڇو جو علم جي سيکھڻ سان اللہ تعالي جو خوف پيدا ٿي ٿو. علم کي طلب ڪرڻ عبادت آھي ، ان جو ذڪر ڪرڻ تسبيع آھي. ان جي ڳولا ڪرڻ جھاد آھي. ان علم کي علم سيکارڻ صدقو آھي. جيڪو ان جو اھل آھي ، ان شخص تي مال خرچ ڪرڻ. اللہ تعالي جو قرب حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ڇو جو علم حلال ، ۽ حرام ۾ فرق ڪرڻ جو نشان پيدا ڪري ٿو.

(2) جھاد بالعمل؛

جھاد بالعمل جو تعلق اسانجي زندگي سان آھي. ھن جھاد ۾ قول جي بدران عمل ، گفتار جي بدران ڪردار جي طاقت سان معاشري ۾ انقلاب آڻڻ آھي. جھاد بالعمل ۾ اسلامي قانونن مطابق زندگي گذاران ، ۽ دين اسلام جي ڏنل احڪامن تي عمل ڪرڻ آھي.
حضرت امام علي عليہ السلام روايت ڪن ٿا، تہ رسول اڪرم فرمايو. بھترين جھاد ان شخص جو آھي ، جنھن ان خيال ۾ صبح ڪئي ، تہ ھون ڪنھن بہ انسان تي ظلم ڪرڻ جو ارادو نہ رکي. حضرت امام علي عليہ السلام فرمائن ٿا. بھترين جھاد امر بالمعروف (يعني نيڪي جي طرف دعوت ڏيڻ) نھي عن المنڪر (يعني برن ڪمن کان روڪڻ) جي فريضي کي ادا ڪرڻ آھي.
(حوالہ: الڪش والبيان، التفسير الڪبير ،)
حضرت ابو سعيد خدري رضہ اللہ عنہ کان روايت آھي. تہ رسول اڪرم فرمايو. ظالم بادشاھ ، يا ظالم حڪمران جي اڳيان انصاف جي ڳالھ ڪرڻ افضل ترين جھاد آھي.
(حوالہ: ھن امام احمد بن حنبل ، ابو دائود ، ترمذي ، سائي ، ۽ ابن ماجہ روايت ڪيو آھي.)

(3) جھاد بالمال؛

مال جي ذريعي جھاد ڪرڻ لاءِ قرآن مجيد ۾ مختلف جڳھن تي مسلمانن کي ھمٿايو ويو آھي. ۽ مال جي ذريعي جھاد ڪرڻ وارن انسانن جي فضيلت کي پڻ قرآن مجيد ۾ بيان ڪئي وئي آھي. جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آھي؛ رسول ۽ جيڪي ماڻھون رسول سان گڏ ايمان کڻي آيا آھن. اھي پنھنجي مال جي ذريعي بہ جھاد ڪن ٿا ، ۽ جان سان بہ. انھن ماڻھن لاء ڀلايون آھن. ۽ اھيي ماڻھون ڪامياب ۽ ڪامران آھن.
(سورہ توبہ آيت نمبر 88) اھڙي طرح سان حديث ۾ پڻ مال جي ذريعي جھاد ڪرڻ لاء انسانن کي ھمٿايو ويو آھي. حضرت انس رضي اللہ عنہ کان روايت آھي ، تہ رسول اڪرم فرمايو. مشرڪن سان مال جي ذريعي ، ھٿ جي ذريعي ، ۽ زبان جي ذريعي جھاد ڪريو.

مال جي ذريعي جھاد ڪرڻ جي مطلب ھيءَ آھي ، تہ دعوت حق جي پرچار ۽ ظلم کي روڪڻ لاء پيسن جو استعمال ڪيو وڃي. جنھن جڳھ تي جنگ جو امڪان ھجي ، ان موقع تي جنگ لاءِ ھٿيار ۽ جنگ جي وسائلن تي پيسا خرچ ڪيا وڃن. ۽ جتي جنگ جو ڪو احتمال نہ ھجي ، اتي ظالم جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ، ۽ جن شيئن جی مظلومن کی ضرورت ھجي ، اھي شيون انھن مظلومن کي عنايت ڪيون وڃن.

(4) جھاد بالنفس؛

ھن جھاد ۾ انسان کي پنھنجي نفسي خواھشات تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. اگر نفس تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ، ۽ ان انسان جو نفس پاڪ ٿي وڃي. تہ اھو انسان شيطاني وسوسن کان بلڪل محفوظ رھندو. جيئن رسول اڪرم فرمائن ٿا. تہ وڏو مجاھد اھو شخص آھي. جيڪو شخص پنھنجي نفس خلاف جھاد ڪري ٿو. جيئن قرآن شريف ۾ آيو آھي. جيڪو شخص (راہ حق) ۾ جھدو جھد ڪري ٿو. اھو پنھنجي ئي (فائدی لاءِ) ڀَڄ ڊُڪ ڪري ٿو. بي شڪ اللہ تعالي تمام جھانن جي (اطاعتن ، ڪوششن ، ۽ مجاھدن کان بي نياز آھي)
(سورہ عنڪبوت آیت نمبر 6)

(5) جھاد بالقتال؛

ھي جھاد ان وقت ڪيو ويندو آھي. جنھن مھل توھانجي مال ، ناموس ، ۽ ملڪي سرحدن کي دشمنن کان خطرو ھجي. اگر ڪو انسان ڪفر جي خلاف جنگ ڪري ٿو. ۽ اھو شخص ان جنگ ۾ ماريو وڃي. تہ قرآن شريف جي فرمان مطابق ان شخص کي مردہ نہ چيو وڃي. جيئن قرآن شريف ۾ آيو آھي. ۽ جيڪي ماڻھون اللہ جي راھ ۾ ماريا وڃن. انھن کي ايئن نہ چوندا ڪريو تہ اھي مردا آھن. (يعني اھي مردا نہ آھن) بلڪي ھون زندا آھن. ليڪن توھان کي (انھن جي زندگي جو) شعور ڪونھي.
(سورہ البقرہ آيت نمر 154)

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close