آرٽيڪل

پيغمبري پيشي کي لڄائيندڙ سارنگ شر

عمران چانڊيو

Imran Chandio
عمران چانڊيو

انساني زندگي ۾ ڪجھ واقعا ۽ حادثا اهڙا پيش ايندا آهن ، جو ذهن ڪم ڪرڻ ڪري ڇڏي ڏيندو آهي ، هي حضرت انسان جنهن کي خلقڻهار اشرف المخلوقات جي درجو ڏيئي ، سموري تخليق تي اوليت ڏني آهي ، ان اشرف المخلوقات جي ڪريل حرڪتن سبب سموري ڪائنات جي انسانن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي هيٺ قدمن ۾ اچي ڪرندو آهي .
معملومات موجب 16-7-2020 تي صبح سوير جيئن ئي موبائل کي هٿن ۾ کڻندي سوشل ميڊيا تي نظر ڦيرائي ته ، زمين پيرن هيٺان نڪرندي ، آسمان کي ڦاٽندي محسوس ڪيو هئم ، ٿوري دير لاء دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏو ڏنو هيو اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ پيدا ٿي پئي هئي ، ساھ گهٽجندي محسوس ڪيو هئم ، موبائل هٿن مان ڇڏائجي ويو هو ، چهري کي هٿن سان لڪائي ، اکيون بند ڪري ڇڏيون هئم ، گهڙي پل کانپوء جذبات کي قابو ۾ آڻيندي اکيون کولي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو هئم ته سڀ ڪجھ ساڳيو ، بلڪل پهريان جيان هو ، زمين ۽ آسمان پنهنجي جڳھ تي هئا ، نه پيرن هيٺان زمين نڪتل هئي ۽ نه وري آسمان ڦاٽل هيو ، موبائل کي کڻي وري وري ساڳئي مسئلي تي مختلف پوسٽون پڙهڻ شروع ڪيون هئم ، تنهن وقت تائين تصويرن سان گڏوگڏ ، ويڊيو به سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي چڪي هئي .
ماءُ پيءُ کانپوء سڀ کان وڌيڪ ماڻهون جيترو ڪجھ سگهي ٿو اها سموري سکيا استاد وٺان ئي ملندي آهي ،
استاد جنهن کي نه فقط سنڌي سماج بلڪه منهنجي سوچ مطابق سموري ڪائنات جي ماڻهن ۽ سماج ۾ اولين درجو ڏنل آهي ، جيڪڏهن اهو ئي استاد اهڙين ڪريل حرڪتن ۽ ڪڌن ڪمن ۾ ملوث هجي ته پوء ڇا ڪجي ؟؟؟؟
عالمي وبا سبب جتي سموري ملڪ جا تعليمي ادارا بند آهن ، اهڙي صورتحال ۾ به 10 سالن جو ننڍڙو ساحل پنهنجي علمي اڃ اجهائڻ لاء پنهنجي پيء جيڏي عمر رکندڙ استاد وٽ ٽيوشن وٺڻ اچي ٿو ۽ پوء ان معصوم شاگرد مٿان جيڪا قيامت برپا ڪئي وڃي ٿي ، ان مان هاڻ سڄي سنڌ به خوبي واقف ٿي چڪي آهي ،
چيو وڃي ته رٽائرڊ ماستر سارنگ شر ، 132 شاگردن سان اهڙو ڪڌو عمل ڪري پنهنجو منهن ڪارو ڪري چڪو آهي ، هي ذهني مريض ماستر جيڪو نه صرف پيغمبراڻي پيشي ، پر سموري انسانيت لاء بدنما داغ آهي اهو ايترو ته طاقتور آهي ، يا وري اسانجو قانون ڪمزور جو ايف آء آر ٿيڻ باوجود هي سٽون لکڻ تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي ،
هاڻ هڪ ڳالھ سوچڻ جهڙي آهي ته ايٽمي طاقت رکندڙ هن رياست سان آخر ڪهڙي ويڌن آهي جو آئي ڏينهن جون اخبارون اهڙن واقعن ۽ حادثن سان ڀريون پيون آهن، پر سارنگ شر جهڙا درندا قانون جي پڪڙ کان آجا آهن ، هن ملڪ جو قانون فقط هيڻن کي ڊيڄارڻ ۽ هيسائڻ لاء آهي ، ڏاڍو کڻي ظالم ، وحشي درندو ڇو نه هجي پر انکي سائين سائين چيو ويندو آهي، مونکي خبر ناهي ته هن ملڪ جا قانوني ادارا سارنگ شر کي سندن ڪرتوتن جيتري سزا ڏيئي معصوم شاگرد ساحل سميت ، متاثرٿيل سمورن شاگردن کي انصاف ڏئي سگهندا به يا نه ؟؟؟ پر سنڌ جو شعور پنهنجي ڪروڌ ، ڪاوڙ ذريعي سارنگ شر کي سزا ڏيئي معصوم شاگردن سان انصاف ڪري چڪو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button