رپورٽ

ڪرونا جي ڪري ٻه روزه آن لائين بيدل عالمي ڪانفرنس ٿي گذري، سڄي دنيا مان ساڃاه وند شريڪ

پھريون افتتاحي ڏينھن

  •  پنجن ٻولين ۾ ٽيھ ڪتابن جو خالق بيدل ھڪ يگانوعوامي شاعر ۽ وحدت الوجود جو پرچارڪ ھو.
  •  بيدل جي سھپ ۽ رواداري وارو نظريو سنڌ جي اوائلي سڃاڻپ آھي ان کي قائم رکڻ جي اڄ سخت ضرورت آھي.
  •  ادارا ڪرونا جي ڪري پاڻ کي آجو نه ڪن، ڇو ته ڪرونا ٽي وي پروگرام، اخباري ضميمن، سووينئر ۽ ڪتاب ڇپائڻ کان نه ٿي روڪي.
    بيدل جي سھپ ۽ رواداري وارو نظريو سنڌ جي اوائلي سڃاڻپ آھي ان کي قائم رکڻ ۽ عام ڪرڻ جي اڄ سخت ضرورت آھي. سرڪار ڪرونا جي ڪري ميلن کي نون طريقن جھڙوڪ پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ذريعي قائم رکي، اھڙا روشن خيال نظريا ۽ ڪلاسيڪل ادب ايندڙن نسلن ڏانھن منتقل ٿيندو رھي، ان لاء نصاب کي بھتر بڻائڻ جي ضرورت آھي.
    اھڙي پڌرائي گذريل ڏينھن يگاني صوفي شاعرقادر بخش بيدل جي 152 سالياني عرس جي مناسبت سان ٻن ڏينھن جا آن لائين پروگرامن ۾ سڄي دنيا کان شريڪ ساڃاه وندن ڪئي. ياد رھي ته ڪرونا جي ڪري ھر سال ٿيندڙ ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ ڪري رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پنھنجي اڳ ئي شروع ڪيل ورچوئل ويھڪن جي سلسلي تحت”ٻه روزه آن لائين بيدل عالمي ڪانفرنس” ڪئي جنھن ۾ درگاه تي حاضري، بيدل جي فن ۽ فڪر تي ليڪچر، عالمي مشاعرو ۽ راڳ رھاڻ جون تقريبون ھيون.
    پروگرام جي آغاز ۾ رميش راجا چيو ته بي باڪ صوفي شاعر قادر بخش بيدل کي ٻه روزه ڀيٽا جون تقريبون دراصل انٽرنيٽ سان جڙيل نوجوان نسل کي آگاھي لاء آھن. ھن وڌيڪ چيو ته ڏيڍ سئو سال اڳ جو بيدل فرقيواريت، انتھاپسندي ۽ طبقاتي سوچ جو مخالف ۽ احدالوجود ۽ ھمه اوست جو قائل ھو. ھو ترڪ الدنيا صوفي نه ھو پر ملنسار، عاشق مزاج، سير سفر جو شوقين ۽ ڪيتريون ئي ٻولين جو ڄاڻو عالم ھو.
    صوفي اديب ۽ موسيقي ماھر اختر درگاھي بيدل تي ليڪچر ڏييندي چيو ته فقير قادر بخش بيدل سنڌ جو عظيم ۽ انوکو صوفي شاعر، وڏو دانشور ۽ اعلي ا پائي جو مفڪر ۽ بيباڪ صوفي سرواڻ ھو. سنڌ جي ڪلاسيڪي ادبي تاريخ ۾ شاه لطيف ،سچل سرمست . روحل فقير ۽ ساميء کان پوء بيدل جو نالو اچي ٿو .
    ھن وڌيڪ چيو ته بيدل سائين انهن عظيم شاعرن کان انوکو ۽ يگانو ان ڪري آهي ته سندس شخصيت گهڻ پاسائين هئي . پاڻ ھڪ ئي وقت پنجن ٻولين سنڌي سرائڪي اردو فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، وڏو عالم ۽ نثرنويس به هو. بيدل صرف 59 سالن جي عمر ۾ 30 هن کان مٿي ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ سي به پنجن ئي ٻولين ۾ . بيدل سنڌ ۾ سچل سرمست کان پوء تصوف جي انقلابي ۽ منصوري روايت وحدت الوجود جو وڏو پرچارڪ هو.
    آمريڪا کان ظفر ڀٽو روھڙي ۾ درگاھ ڀرسان رھڻ جون ساروڻيون ٻڌائيدي چيو ته فقيرن جي درگاھ تي گادي نشيني تي ٻن سئوٽن وچ ۾ ڊگھي جھيڙي وارو عمل غير فقيري ھو، باقي اتي روادري ۽ سڪون وارو ماحول ھيو. ھن وڌيڪ چيو ته ڪرونا ميلن ميلاپن کان ته روڪي ٿي پر ادارن ۽ گادي نشين کي بزرگن جي انساني ڀائپي ۽ رواداري کي عام ڪرڻ لاء ٽي وي پروگرام ڪرڻ، اخباري ضميما ڪڍڻ، سووينئر ڇپائڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ کان ته نه روڪيو آھي. ڪرونا سبب مرشد ۽ ادارا اھم ڪمن کان پاڻ مرادو آجا ٿيا ويٺا آھن.
    نيتو واڌواڻي چيو ته اڄ کان ٻه سئو سال اڳ بيدل سايئن جي دور ۾ جيڪا ڀائپي ۽ سڪون ھو، اھو اڄ جي نام نھاد ۽ ڪوڙي تعليم ۽ سائنس جي سڏجندڙ دور ۾ ناپيد آھي. فقيرن جي گادين تي ويٺل، پنھنجي بزرگن جي فڪر ڦھلائڻ بدران پنھنجي پيٽ جي فڪر ۾ ورتل آھن. ھندن لاء مندر نه ، پر دل اندر ھڪ جڳھ گھربل آھي.
    ميزبان منظور اڄڻ ٻه روزا آن لائين ميلي جي پڄاڻي تي چيو ته بيدل سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۾ ڪافي جو پختو شاعر ھو. عوامي تاريخ مطابق ھو عاشق مزاج عوامي شاعر ھو. ماضي جي شاندار ڪلاسيڪي ادب کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي. جنھن لاء اسان پنھنجي وت ۽ وس آھر ڪم ڪري رھيا آھيون.
    ان کان علاوه فن لينڊ کان رخسانه علي،آمريڪا کان ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، ھنگري مان دانش پرمار، روس مان ڊاڪٽر ذيشان جتوئي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو خان کٽياڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان نوشين اڄڻ، نيتو واڌواڻي، رئوف پارس دايو، سنبرينا پنھنور، جاويد احمد انڙ، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، ممتاز خادم ميمڻ ، ديدار علي ميراڻي، رياض اڄڻ, ذوالفقار بھڻ ، شڪيل احمد شيخ، انيس نور ميمڻ، عبداللطيف راڄڙ، نورالدين پنھور، حسين سھتو، شجاعت لغاري، محمد بخش سومرو، حبيب ساجد ، حق نواز شيراز چانڊيو، فقير مشتاق ھيسباڻي، عبدالقدوس سومرو، علي محمد ناريجو، منظور گرماڻي، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال، ساحل ڪمار وڊا ، امان الله ڊرگھ، سعيد احمد، غلام رضا ، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، بابو ھرداس ، نيرج جوشي، معين گلال، احسان علي سھتو ۽ ٻين گڏيل بحث ۾ حصو وٺندي بيدل سائين کي خوب ڀيٽا پيش ڪئي.

    ٻيون اختتامي ڏينھن

    عظيم صوفي شاعر فقير قادر بخش بيدل کي آن لائين ڀيٽا جون ٻن ڏينھن واريون ورچوئل ويھڪون پڄاڻي تي پھتيون.
    ڪالھ بيدل يادگار مشاعرو ۽ صوفي راڳ رھاڻ ۾ سڄي دنيا جا ساڃاه وند جھومي اٿيا
    بيدل يادگار ڪميٽي پاران ڪلاسيڪل سنڌي شاعري جي ٽئين دور جي يگاني صوفي شاعر قادر بخش بيدل جو ساليانو ميلو ڪرونا جي ڪري ملتوي ڪرڻ کان پوء رميش راجا ۽ منظور اڄڻ ھلندڙ ورچوئل ويھڪن جي ٻارھين ڪڙي تحت ٻه روزه بيدل آن لائين میلو ڪالھ پڄاڻي تي پھتو. . جنھن تحت درگاھ تي حاضري، ادبي ڪانفرنس ، عالمي مشاعرو ، صوفي سنگيت جون ڀرپور ۽ ڪامياب نشتون ٿيون.
    ڪالھ بيدل يادگار مشاعري ۾ منظور گراماڻي،ساحل ڪمار لوڊا،امجد شر، ممتاز خادم ميمڻ،حق نواز شيراز چانڍيو،غلام مرتضا وساڻ،حاجي خان بوزدار ۽ ٻين پنھنجا نڪور شعر پڙھي خوب داد حاصل ڪيو.
    محفل موسيقي ۾ راڳي اختر درگاهي، فتح علي سنديلو، فقير علي حسن ۽ شاھنواز شر بيدل جا ڪلام ڳائي محفل کي جھومائي ڇڏيو.
    مشاعري جي پر ھجوم محفل ۾ آمريڪا کان ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، ھنگري مان دانش پرمار، روس مان ڊاڪٽر ذيشان جتوئي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو خان کٽياڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان، رئوف پارس دايو، جاويد احمد انڙ، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، ديدار علي ميراڻي، رياض اڄڻ ، مرتضاگوھر صالحاڻي، شڪيل احمد شيخ ، جميل احمد شيخ، عبداللطيف راڄڙ، نورالدين پنھور، حسين سھتو، شجاعت لغاري، محمد بخش سومرو، حبيب ساجد ، فقير مشتاق ھيسباڻي، حبيب ساجد، عبدالقدوس سومرو، سعيد احمد چنا ، بابو ھرداس ، عبدالغفار ابڙو ، فخر الدين، آصف علي ابڙو، عشارت ميمڻ، فياض علي اڄڻ، محمد بچل وڳڻ، الھرکيوڪوري ، حفيظ الرحمان شيخ ،وسيم احمد، امن بخش منور فخر الدين ۽ ٻين شاعرن ۽ فنڪارن کي دل کولي داد ڏنو.
    آخر ۾ فن لينڊ کان رخساناعلي، آمريڪا کان ظفر ڀٽو، رميش راجا، منظور اڄڻ،انيس نور ميمڻ،نيتو واڌواڻي،نوشين اڄڻ،چانڊيو انور عزيز ۽ ٻين پنھنجا ويچار ونڊيا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button