شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ميونسپل ملازمن پاران عيد جي پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي

وقار ڀٽي، شهدادڪوٽ

Munciple employees protesting for advance salariesشهدادڪوٽ ۾ ميونسپل ملازمن پاران عيد جي پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ ميونسپل ايملائيز يونين جي سڏ تي ميونسپل ملازمن کي عيد جي ايڊوانس پگهار نه ملڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ ٻهارا کڻي ميونسپل آفيس کان بنده علي تونيو، مقبول احمد شاهاڻي، وزير مگسي، رياض شيخ، اعجاز مگسي، وحيد تونيو، اعجاز مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران عيد جي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جيڪو مختلف کاتن جي ملازمن لاء پورو ڪيو ويو آهي پر ميونسپل ( بلديا) جي ملازمن لاء عمل ناهي ٿي سگهيو، هنن چيو ته ايڊوانس عيد جي پگهار نه ملڻ سبب هنن جي ٻارڙن عيد جي خريداري ناهي ڪئي ، هنن چيو ته ريگيولر ۽ ڪچن ملازمن کي پگهارون ڏئي ميونسپل ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، هنن وزير اعلي سنڌ سميت بلديا جي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ملازمن کي عيد جو پگهارون جاري ڪري عيد جي موقعي تي معاشي مسئلن کان بچايو وڃي، هنن مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button