شخصيتون

ناميارو قانوندان محبوب علي وساڻ

زين سولنگي

Mahboob Wasan
محبوب علي وساڻ

ڪوٽڏيجي جي ذرخيز علائقي پيرگڊي جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ ، هاڻ ڳوٺ حاجي نواب خان وساڻ جي چاچا رحمت الله وساڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محبوب علي وساڻ جنهن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي ، هاءِ اسڪول جي ڪوٽڏيجي ، هنن باقي تعليم ماسٽرس آف آرٽس معاشيات ۽ ايل ايل بي تائين خيرپور مان حاصل ڪئي ، خيرپور هنن جي ذهن ۽ دماغ ۾ ويهجي ويو ، ڇو ته خيرپور رياست جي دور کان هڪ منفرد اهميت جو حامل رهيو آهي ، هن وقت تائين ملڪي سياست ۾ خيرپور جو مکيه ڪردار رهيو آهي ، تعليمي حوالي سان به هڪ ايجوڪيشنل سٽي جو درجو رکي ٿو ، کجور جي حوالي کان دنيا ۾ کجور جي شهر طور به سڃاتو وڃي ٿو ، مير علي نواز کان بالي تائين هن شهر جا خوبصورت قصا پڻ مشهور آهن ، سيد غوث علي شاه صاحب جي سياست توڙي سيد قائم علي شاه جيلاني کان وساڻ هائوس جي منظور حسين وساڻ صاحب جن سياست جو محور رهندڙ خيرپور جيڪو محبوب صاحب جن جي پسند جو شهر رهيو آهي ، حقيقت ۾ خيرپور سندن جنم ڀومي ضلعي هيڊڪواٽر سٽي آهي ، اتي پڙهي لکي جواني تائين هنن جو هر لمحو هنن جي زندگيءَ جي آٽوبايوگرافيءَ جو حصو آهي ، وري وڪالت واري پروفيشنل زندگي جي شروعات به هنن خيرپور کان ڪئي ، جتي هنن کي ماياناز استاد معروف قانوندان سيد مشتاق شاه صاحب مليو ، جن وٽان هنن ڪافي لاڀ پرايو ، محبوب صاحب جي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو ته قانوندان بڻجڻو آهي ، هنن ناميارن قانوندانن جي زندگيءَ متعلق پڙهيو قائداعظم محمد علي جناح ، جسٽس دراب پٽيل صاحب ، اي ڪي بروهي ، عبدالوحيد ڪٽپر ، نورالدين سرڪي صاحب جن جي لائيف پروفائيلز مان ڪافي سکيو ، هنن جو قانون جي ڪتابن سان گَهِرو لڳاءُ هو ، گهڻو وقت مطالعي ۾ صرف ڪندا هئا ، تحقيقي مهارتون به هنن کي ڪمال جون اچي ويون ، ذهين اڳي ئي هو ، وڌيڪ هنن کي مطالعي سگهارو بنائي ڇڏيو . آهسته آهسته هنن جو نالو مشهور ٿيندو ويو ، هڪ قانوندان کي پنهنجي پروفيشن ۾ ڪامياب بڻجڻ لاءِ جن لوازمات تي توجه ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي ، يا جن لوازمات کي پورو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي انهن ۾ انگريزي ٻوليءَ تي عبور هجڻ ضروري آهي ، ڪتابن سان لڳاءُ خاص ڪري قانون جي ڪتابن جو تقابلي مطالعو ،تحقيق جون مهارتن جي ڄاڻ ، لائبريري جو هجڻ وقت سان گڏ ان ۾ نون نون ڪتابن جو اضافو ڪرڻ پڻ ، ويل ڊريسنگ ، ايمانتدار ، وقت جو پابند ، خوداعتمادي ، پنهنجي چئمبر ، ڳالهائڻ ۾ ميٺاج يا نرم مزاج وغيره ، اهي سڀ شيون محبوب صاحب جي شخصيت ۾ موجود هيون ، نتيجي ۾ خيرپور ضلعي ۾ تمام گهٽ عرصي ۾ هنن جو نالو روشن ٿيڻ لڳو ، هنن کي مليل ڪيسن تي هو سخت محنت ڪندا هئا ، محنت ڪنهن جي به رائگان نه ويندي آهي ، اڪثر ڪاميابي محبوب صاحب جن جي هوندي هئي ، جڏهن هنن وساڻ لا چئمبر خيرپو جو قائم ڪئي ته هنن جي حصي ۾ ڪافي ڪلائينٽس اهڙا به ايندا هئا جيڪي واقعي ڏکايل ۽ مظلوم هوندا هئا ، فيس ڏيڻ جي قابل ئي نه هوندا هئا ، نتيجي ۾ انسانيت خاطر محبوب صاحب جن انهن کي به جواب نه ڏيندا هئا مگر انهن ڪيسن جي به ايتري پوئواري ڪندا هئا ، جيتري ٻين ڪيسن جي ڪندا هئا ، جن جي هنن کي فيس ملندي هئي ، هر ڪيس ۾ پاڻ پيش ٿيندا هئا ، غريبن مظلومن جون دعائن سان ۽ لڳاتار محنت جي بدولت هنن جي تعارف ۾ اضافو ٿيندو ويو . حقيقت اها آهي ته محبوب صاحب جن سياست ۾ هر گز نه رهيا ، هو سمورو وقت پنهنجن ڪيسن کي کٽڻ لاءِ مطالعي ۾ صرف ڪرڻ چاهيندا هئا ، بار سياست ۾ پڻ دلچسپي نه رکندا هئا ، مگر دوستن جي خصوصي اسرار تي هنن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي ساليانين چونڊن ۾ نائب صدر جي سيٽ تي اليڪشن وڙهي ، جڏهن چونڊن جو نتيجو آيو ته سڀ کان وڌيڪ ووٽ محبوب جي حق ۾ آيا ، ڀاري اڪثريت سان کٽي آيا . خير هنن اڃان وڌيڪ محنت ڪئي ، دوستن جي ڏکن سورن ۾ هنن جي جائز مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو .
محبوب صاحب سماجي حوالي سان انسانيت جي بنا تفريق جي بغير ڪنهن ڦوٽو سيشن جي خدمت ڪندا رهيا آهن ، خاص ڪري غريب شاگردن جي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ ، بيوه عورتن تائين کاڌ خوراڪ جو سامان پهچائڻ ، غريب مريضن جي مدد ڪرڻ ، عيدن تي غريبن ۾ ڪپڙا ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان ورهائڻ ، روزگار ڏيارڻ ۾ پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪرڻ هنن جي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت مقصد رهيو آهي ، انهن جي ڪابه تشهير نه ڪندا آهن نه ڪو ڦوٽو سيشن ڪندا آهن ، بس خاموشيءَ سان پيا غريبن جي مدد ڪندا آهن . هاڻ به محبوب صاحب جن ڳوٺ جي هڪ اهم سماجي اشو جي حلا لاءِ قانون جي مدد ورتي ، جنهن ۾ هنن جي اجتمائي ڪوششن کي ڪاميابي ملي ، محبوب صاحب جن ڳوٺاڻن زوار وڌڻ ۽ ,محمد صادق ٻين دھ پير گڊو ۾ سم ۽ مڇيء جي تلاء جي خلاف سول ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ڪورٽ سڳوري واسطيدار آفيسرن ايريگيشن, اسڪارپ ءٽيوبويل انچارج ء ٻين واسطيدار آفيسرن کي گهرايو ۽ پرائيويٽ رسپانڊنٽ جنهن مڇيء جو تلاء غير قانوني ٺاهيو هيو انهيء تلاء جي ڪري پير گڊي جي مقام ۾ سم جو اثر ظاهر ٿيو ,جنهنجيڪري ميت جي قبر کوٽڻ وقت ٻن يان ٽن فٽن تي پاڻي نڪري ٿو جنهنڪري لاش دفن ڪرڻ وقت خطرو آھي ته ڪو جانور ميت ڪڍي نه وڃي وغيره ..
ٻيو علائقي جو پاڻي سم جي ڪري خراب ٿي ويو آھي ءپيئڻ لائق نه آهي .جنهڪري علاعقي ۾ مختلف بيماريون جهڙوڪ هيپاٽائيٽس بي ,سي ۽ ڊي وغيره آھن .ان درخواست تي عملدارن ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي ته غير قانوني واٽرڪورسز ۽ سم ناليء جا غير قانوني ڪٽ بند ڪيا ويا آهن جيڪڏهن ٻيهر غير قانوني ڪم ڪيو ويو ته انهن لاء قانوني ايڪشن کيو ويندو. .
انهن سمورن ڪمن جي بدولت انهن کي اڻ ڳڻيون دعائون ملنديو آهن ، نتيجي ۾ محبوب صاحب جن جي محنت اهو رنگ لاتو ته هو هن وقت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي عهدي تي فائز آهن ، پنهنجيون ذميواريون خوش اسلوبي ۽ ايمانتداريءَ سان نڀائي رهيا آهن . دعا آهي ته ڌڻي پاڪ هن مانجهي مرد کي اڃان ترقي ڏيئي ، هن کي پنهنجي ڪٽنب سميت خوش رکي آمين !!!

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button