هڪ عظيم ۽ مدبر شخصيت جو مالڪ بدرالدين صديقي
زين سولنگي
ضلعي خيرپور جو تاريخي ڳوٺ گڏيجي جنهن پنهنجي ڪک مان ڪيترين ئي ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ، جن ۾ اڳوڻو سينيٽر غلام رسول صديقي ، ميان غلام شبير پيرزادو ، منظور حسين چنه وغيره اچي وڃن ٿا ، انهن عظيم شخصيتن مان هڪ بدرالدين صديقي به آهي ، بدرالدين صديقي جن هن علائقي جا معزز ، شريف النفس ، ايمانتدار ، مخلص ، سياسي ۽ سماجي شخصيت جا مالڪ آهن ، هنن کي سياست جو شعور پنهنجي والد اڳوڻي سينٽير مرحوم غلام رسول صديقي کان مليو ، جيڪو بنيادي طور سياسي اڳواڻ هو ، هو شهيد ذولافقار علي ڀٽو جو ويجهو دوست هجڻ ناتي پ پ پ جو خيرپور جو سرگرم اڳواڻ هو ، هنن جو محور سياست هو ، عوام هو ، عوام سان ويجهڙائي هئن ، انهن سان ڏکن ۽ سورن ۾ گڏ رهڻ وارو اڳواڻ هو ، اهڙي ستي هنن پنهنجي موڀي پٽ بدرالدين صاحب جن کي ننڊي هوندي کان ڏيئي ڇڏي ، بدر صاحب جن جي جيتوڻيڪ رهائش خيرپور ۾ هجڻ ناتي هنن ڪڏهن به گڏيجي جي رهائشين توڙي يوسي گڏيجي ۽ يوسي سيٺارجه بالا جي عوام کي هرگز نه وساريو آهي ، هو هنن سان هر ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي ، رڳو شريڪ نه مگر هنن يوسيز جي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت ڪوشان رهندو آهي .
پريتڻو ڏک پريان جو
جو ڏيل ۾ واڄٽ جئن وڄاء
سيخن ماه پچاء جي نالو ڳـيڙء نينهن جو
نيهن وفا سيخن تي پچڻ ۽ سر تي ڪاتي ڦيرڻ جو نالو آهي ۽ جي نينهن هجي سچ سان حقيقت سان پهنجن سان ڌرتي سان ته پوءِ سختيون اڃان وڌيو وڃن گڏيجي جي عوام جڏهن نواڻ ۽ بنيادي سهوليتن جي حاصلات جي ڳالهه ڪئي ته سڀ سوچن جي سراب ۾ ورتل هئا ته هي گاڏو ڪيئن هلندو اوائلي زماني کان بدر صاحب جن ترهو ٻڌي تار ۾ لهي پيو ، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هنن جي سماجي خدمت ۾ ڪا تر جيتري به گهٽتائي نه آئي آهي ، چوندا آهن ته اسان جي منزل اڃان اڳتي ، بدر صاحب جن يوسي گڏيجي جا 1987ع ۾ پنجن سالن لاءِ چيئرمين رهڻ دوران تمام گهڻيون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ، ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ هنن جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي ، گورنمينٽ بوائز مڊل اسڪول گڏيجي کي پلاٽ ڏنائون ، يوسي گڏيجي جي آفيس لاءِ پلاٽ به ڏنائون ۽ ان جي تعميرات ڪرائي ڏنائون ، گرلس مڊل اسڪول کي پڻ هنن ئي پلاٽ ڏنو ، انهن سان گڏ بوائز مڊل اسڪول گڏيجيءَ کي اپ گريڊ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، اڄ ان گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڏيجيءَ ۾ صرف گڏيجي جا شاگرد نه ٿا پڙهن مگر گڏيجيءَ سان گڏ ان جي آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائين پيون ۽ انهن جا والدين بدر صاحب جن کي دعائون ڏيندا رهندا آهن . بدر صاحب جن ڳوٺ پيروز حاجي کي بجلي ۽ روڊ ڏيارڻ سان گڏ ڳوٺ خاڪي کي بجلي پڻ ڏياري . گڏيجي شهر کي ٽيليفون ، ڊرينج سسٽم ، گهٽين کي سرن جي فرش بندي به ڪرائي ڏني . بدر صاحب جي انهن سمورن شاندار ڪمن سان گڏ هڪ اهم ۽ مکيه شاندار ترقياتي ڪم اهو به ڪرايو ته شاه جي مشين کان سيٺارجه بالا تائين “ بدرالدين جي صديقي روڊ ” هنن انتهائي وڏي جدوجهد سان ٺهرايو ، اگر بدر صاحب جن زاتي ڪوشسون نه وٺن هان ته اهو روڊ ٺهڻ ڏاڍو مشڪل هو ، بدر صاحب جن جو دوست سائين پرويز علي شاه جيلاني وزير مواصلات بڻيا هئا ، بدر صاحب جن انهن کان اها شاندار اسڪيم وٺي لڳ ڀڳ ويهن ڳوٺن کي فائدو پهچرايو ، اها ٻي ڳالهه آهي اڄ اهو روڊ کنڊر بڻجي ويو آهي آهي ، اهو مرمت لاءِ واجهائي رهيو آهي . بدر صاحب هن علائقي ۾ ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ پڻ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ، روزگار هنن صرف صديقي برداري کي نه ڏياريو آهي مگر انهن سان گڏ هنن مختلف برادرين جي نوجوانن روزگار ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، ڪجهه سال اڳ خيرپور جي ڪنهن آفيس ۾ وڃڻ ٿيو اتي ان علائقي جو نوجوان مليو ، حال احوال ٿيا ، مون پڇيومانس هتي ڪيئن ، چيائون جاب ملي آهي ، ريئلي خوشي ٿي ، وري پڇيومانس ڪنهن ڏياري اٿو ، ٺهه پهه جواب ڏنائون ته بدرالدين صديقي صاحب جن جي ڀلائي آهي ، حقيقت اها آهي اهو نوجوان بدر صاحب جي برادريءَ جو به نه هو ، ڪنهن ٻي برادريءَ جو نوجوان هو ، سو اهو چئي سگهجي ٿو ته بدر صاحب جن بنا تفريق جي انسانيت جي خدمت ڪندا آهن . بدر صاحب جهڙي متحرڪ ۽ جاکوڙي شخصيت کي مان هيءُ شعر منسوب ڪندس ته :
کرڪڻا لاهي ، سُک نه ستا ڪڏهن
اوسيئڙو آهي ، کاهوڙين کي پنڌ جو.
مقناطيسي ڇڪ رکندڙ ، ڪردار ۽ گفتار اهڙي جو بدر صاحب کي ڏسڻ مهل واٽهرو کان به وسري وڃي ته ڪاڏي پيو وڃان ، ملبو ته ايئن ڄڻ سالن جي سڪ اندر ۾ سانڍيو پئي گهميو ، آسمان جيترو ڀاڪر پائي پراون کي پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ به خوب اٿس ، ماکيءَ جي لار ۾ ۽ بدر صاحب جي گفتار ۾ ڪو وڏو فرق ناهي ، لفظن جي مٺاس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريءَ ۾ ويهاريو ڇڏي ، مند بهار جهڙو ماڻهو هر ڪنهن کي لاجواب ڪري ڇڏي ، کير وانگي نج خالص اڇو اجرو ، سچو سمجهدار انسان ، فقيري طبيعت به ساڻس شخصيت کي ويتر پروقار بڻائي ڇڏيندي آهي ، خانداني ڪلاسيڪل اوطاقي ماڻهو آهي ، فراخدل مهمانواز پڻ آهي ، مون بدر صاحب جن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته جتي پن ڇڻ جي موسم ٿيندي آهي اتي سائين بدر صاحب جهڙا ماڻهو بهار بڻجي ايندا آهن ، مخالفن کي به پنهنجن خوبصورت لفظن ، ملائم لهجي سان هو پنهنجو ڪري وٺندو آهي . آءُ بدر صاحب جن کي حضرت سچل سرمست رح جي هن شعر جي پوئواري ڪندي محسوس ڪيو آهي ته :
نه مان حاڪم نه مان ظالم
آهيان امن جو امير
جوڳين آه نه جنگ ، هن سلوڪي سڀ سين !
جيئن حضرت سچل سرمست رح کي جنگ کان نفرت آهي ، صلح ، امن سان محبت آهي ، ته بدر صاحب جن به ساري زندگي پاڻ ان شعر جي ترجماني ڪندي گذاري آهي ، هو امن جو پيامبر رهيو آهي. بدر صاحب جهڙي پروقار ۽ مانائتي شخصيت متعلق استاد مرحوم شير محمد سولنگي صاحب جن ٻڌائيندا هئا ته بدر صاحب جهڙا سچا ، کرا ، بهادر ۽ ايمانتدار سياستدان هجن ته سچ ته سڄو سماج ترقي ڪري وٺي ، سائين شير محمد سولنگي صاحب جن بدر صاحب جي جدوجهد ، جاکوڙي ڪردار متعلق ڀٽائي سرڪار جو هيءُ شعر هنن کي منسوب ڪندو هو :
جان جيئن تان جَلُ
ڪانهي جاءِ جَلڻ ري
تتيءَ ٿڌيءَ هَلُ ، ڪانهي ويل ويهڻ جي . آخر ۾ بدر صاحب جي شخصيت لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هيءُ شعر هميشه ورجائيندا هئا ته : ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو ، ڪا ڪا دل هيرن جي کاڻ ! حقيقت اها ته هن مختصر آرٽيڪل ۾ بدر صاحب جي شخصيت ، انهن جي تاريخي ڪردار تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي ، هنن جون پنهنجي علائقي گڏيجي ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۽ مختلف برادرين جي جيڪا هنن خدمت ڪئي آهي ، اها تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکي ويندي
جيئن حضرت سچل سرمست رح کي جنگ کان نفرت آهي ، صلح ، امن سان محبت آهي ، ته بدر صاحب جن به ساري زندگي پاڻ ان شعر جي ترجماني ڪندي گذاري آهي ، هو امن جو پيامبر رهيو آهي ، سينئر سياستدان ، سماج سڌارڪ ، گڏيجي ۽ ان جي آس پاس جي سُونهنَ ، امن ۽ محبت جو پرچارڪ ، مانائتو انسان ، گڏيجيءَ جي عزت ۽ آبرو ، فرض شناس ماڻهو ، اوڙي پاڙي وارن جو همدرد ساٿي ۽ سهڪار ڪندڙ هڪ معتبر انسان ، گڏيجي ۽ ان جي آس پاس جي هڪ اميد ، رب ڪريم بدر صاحب جن کي پنهنجي اولاد ، دوستن احبابن ، پنهنجي ڳوٺ جي عوام سميت خوش رکي ، وڏي زندگي ۽ بهتر صحت عطا ڪري .. آمين !!!!