آرٽيڪل

صحافتي دنيا ۾ پاڻ کي مڃائيندڙ غلام حسین چانگ

عبدالجبار چانگ، ھنڱورجا

 

Abdul Jabbar Chang
ليکڪ: عبدالجبار چانگ، ھنڱورجا

ھنڱورجا شھر هڪ ننڍڙو شھر آھي جنهن جي آباد اٽڪل 40 کان 42 هزاز تي مشتمل آھي شھر جي کاٻي پاسي کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ رئيس بنگل خان چانگ جي نالي سان اڄ به مشھور آھي ان ڳوٺ ۾ سن 01/07/1973 ع ۾ جنم وٺندڙ غلام حسين چانگ جي نالي سان ٿيو ھن ابتدائي تعليم هنڱورجا شھر جي مين پرائمري اسڪول کان پنج درجا پاس ڪيا ان کانپوء هي اڳتي پڙھائي کي جاري رکڻ جي لاءِ هن ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ۽ اتان پڙهائي مڪمل ڪري هن اڳتي پڙھائي کي جاري رکڻ جي لاءِ هن خيرپور شھر ۾ داخلا ورتي ۽ انهي پڙھائي سان گڏ ھن صحافت جي دنيا کي به ٽائيم ڏيندو رهيو ۽ جڏھن خيرپور مان تعليم مڪمل ڪري اچي پنهنجا سڀ مصروفيات ڇڏي ڪري صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هن کي ايترو ته جنون ھيو جو هر خبر تي نظر هوندي هئي ان ٽائيم به هنڱورجا شھر جو جيڪو به مسئلو ٿئي سڀ کان اول ۽ سڀ کان پهريان بيٺل نظر ايندو هو ان دور جي صحافت ۽ اڄ جي صحافت ۾ وڏو فرق آھي ان دور ۾ اڄوڪي ڏينهن جي خبر ٻه ڏينهن کانپوء لڳندي هئي ڇو جو پوسٽ آفيس ذريعي خبرون وينديون هيون ۽ ان کانپوء وري آيو دور فيڪس مشينن جو جيڪي به خبرون ٿينديون هيون اهي سڀ فيڪس ذريعي وينديو هيون دنيا ترقي جي طرف تيزي سان وڌي رهي هئي ۽ ان کانپوء وري ميل وارو دور آيو ان کانپوء وري واٽ سپ وارو دور آيو جيڪو اڄ تائين هلي ٿو پيو اڄ جي خبر چند مينٽن ۾ اوهان جي سامهون هوندي آھي اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ به پنهنجو فرض سمجهي ھنڱورجا شھر جون اڄ به خدمتون جاري رکيون پيو اچي ان شخص پنهنجي زندگي جا 30 سال صحافت جي دنيا کي ارپي ڇڏيا ۽ اڃا به پنهنجي قلم جي نوڪ سان هنڱورجا شھر جو آواز ايوانن تائين پهچائيندو رهي ٿو جڏھن هن صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو ته ان ٽائيم هن جي عمر اٽڪل 16 سال هئي ۽ 1989 ۾ هن صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو هن وقت تائين پنهنجي ذميواري سان پنهنجو فرض سر انجام ڏئي رهيو آھي هنڱورجا شھر جي هر مسئلي تي شھر جو ڪو به مسئلو هجي ھو هنڱورجا شھر جي جائز مسئلی سڀني کان اڳتي ھوندو آھي ھن نہ رڳو ھنڱورجا جي ماڻھن جي خدمت ناھي ڪئی پر ھن شخص خيرپور ضلع جي صحافين کي ھڪ پليٽ فارم ۾ گڏ ڪيو ۽ صحافي اتحاد خيرپور جو بنياد وڌو صحافين جي حقن جي حاصلات لاء جدوجھد ڪئی آھي. پاڻ صحافي اتحاد خيرپور جا صدر پڻ آھی ھن جي شرافت. عزت واري صحافت جي ھر ڪنھن کي خبر آھي جنھن ڪري سڀئی صحافي دوست توڙي عام ماڻھون ھن کي عزت جي نگاھ سان ڏسندا آھن. وڏي ڳالھ تہ انتقام واري صحافت ڪڏھن به ناهي ڪئي صرف ۽ صرف حق سچ جو علمبدار آھي ھن جي خلاف ڪير بہ سازشون ڪندو آھي تہ ھي ان کي جواب ناھي ڏيندو يارن جو يار دوستن جو دوست آھي. ھنڱورجا ۾ اڪثر صحافي ھن جا شاگرد آھن جن مان ھڪ شاگرد آءُ به آھيان ھن جيڪا ٽيم تيار ڪئی آھي. اھا بہ بھترين ٽيم آھي ۽ اسين پريس ڪلب هنڱورجا جي صدر صحافي اتحاد خيرپور جي بھادر ضلعي صدر حاجي رئیس غلام حسين چانگ ۽ سندس جي بھادر ٽيم کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button