انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مرحوم ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي پهرئين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا جي صحافي ،سياسي،سماجي ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مرحوم ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي پهرئين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي.ورسي تقريب ۾ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي چيئرمين نور سنڌي،صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، نياز ڏيٿو،زرياب سنڌي ،فياض سولنگي، شمن راڄپر، محمد صديق سولنگي، منظور حسين جهانگر، عزيز ميمڻ، حاڪم سهتو، هادي بخش خاصخيلي ،عبدالجبار چانگ، سجاد آرائين ،عابد حسين سهتو،فياض شيخ سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ورسي تقريب کي صحافي اڳواڻن غلام حسين چانگ ،نور سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ ،صحافت ،سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو سموري حياتي هن غريب،مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي .ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ سچو ۽ کرو انسان هيو هميشه ظالمن جي خلاف مهاڏو اٽڪائندو رهيو هن جي وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجي نه سگھبو.عبدالفتاح ميمڻ مظلوم ،مسڪين ماڻهن جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هيو هن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي بعد ۾ صحافين نور سنڌي ۽ غلام حسين چانگ جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا جي تاريخي قبرستان پير بابو پهچي ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سندس جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي