آرٽيڪل

ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ قتل ٿيل وزيران ڇڇر جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ

اٺاويھين جون ٻه ھزار ويھه تي قتل ٿيل وزيران ڇڇر جي بيرحماڻي قتل جي سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم جي پاران منعقد ڪيل آن لائن ميٽنگ ۾ مختلف تنظيمن پاران آيل فيڪٽ فائنڊنگ واري تجويز جي آڌار تي ڇھن تنظيمن جي نمائندگي سان ڏھه رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم تشڪيل ڏني ويئي (انھن تنظيمن ۽ شامل ممبرن جا نالا رپورٽ جي آخر ۾ ڏنل آھن) فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم مورخہ ڏھين جولاءِ ڇنڇر ڏينھن سيوھڻ جي تعلقي اسپتال سيد عبدهللا شاه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي ايم – ايس ڊاڪٽر سان ملاقات سميت، ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ مقتولہ وزيران ڇڇر جي والدين جي گھر، ساھرن جي گھر، سندس سھيلي جي گھر ڀاتين سان ملاقات ۽ ڳوٺ وڏا ڇڇر جي صحافين توڙي مقامي پوليس وارن سان ملاقات ڪئي. پوليس پاران تفتيشي آفيسر اي -ايس – پي علينه راڄپر سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪري وزيران ڇڇر جي قتل متعلق حقيقتن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جي مشاھدي ۾ مذڪوره قتل جي حوالي سان ھيٺيون ڳالھيون مشاھدي ۾ آيون.

    1. وزيران جي قتل ڪيس جي داخل ايف آءِ آر سندس والدين پاران داخل ڪرايل آھي جنھن ۾داخل ڪيل ڏوھہ جي مناسبت سان ڪيس جي بيان جا لاڳاپيل سيڪشن لڳل ناھن.
    2. قتل جي نوعيت ڏسندي والد پاران داخل ڪرڻ بجاءِ اھا ايف آئي آر پوليس/رياست جي مدعيت ۾داخل ٿيڻ کپي ھا.
    3. .ڪيس جي حوالي سان پوليس جي ابتدائي ڪاروائي ۽ ڪارڪردگي گھڻي تسلي بخش نه آھي.
      مثلن مقتولہ جا ڪپڙا ۽ ٻيون لاڳاپيل شيون فرانزڪ لاءِ ترت نه موڪليون ويون آھن.
    4. پوليس جي ڪاروائي جو دائرو محدود آھي مثلن وزيران سان تعلق ۾ رھندڙ ڪيترن ئي ماڻھن کان پوليس اطمينان جوڳي پڇا نه ڪري سگھي آھي .
    5. روايتي تفتيشي طريقه ڪار جي ڪري پوليس اڃان تائين آله قتل دريافت ڪرڻ م ناڪام آھي .
    6. قتل ڪيس جي ابتدائي تفتيش ۾ پوليس جي غير سنجيده ڪاروائي سان گڏ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ پڻ اڌوري ۽ غير تسلي بخش آھي. پوسٽ مارٽم رپورٽ دانستہ /غير دانسته يا ڪنھن ٻاھرين دٻاء جي ڪري مڪمل نه آھي.
    7. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ جنسي ڏاڍائي جي ٿيڻ/نه ٿيڻ جو ڪو ذڪر ڪونھي جڏھن ته پوليس پاران ڊاڪٽر کي جاري ڪيل رپورٽ ۾ واضع طور تي بيان ڪيل آھي ته "عورت جا ٻنڊڻ اگھاڙا ھئا ۽ ٻنڊڻ واري جائي تان شلوار ٽٽل ھئي”. اھڙي واضع لفظن جي موجودگي باوجود پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ جنسي ڏاڍائي جو ذڪر نه ھئڻ، ويجائنل سواب ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا نه وٺڻ جو عمل ان رپورٽ ۽ ڊاڪٽر جي غير جانبداري کي به مشڪوڪ بنائي ٿو.
    8. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اندر عورتاڻي توليدي عضوي کي ڏنل وڍ ۽ ان جي زخمي يا چچريل ھئڻ بابت ڪجھه به نه لکيل آھي جڏھن ته غسل ڏيندڙ ۽ گھر جي ٻين عورتن جي بيان موجب اھا جاءِ پڻ چچريل ھئي. سندن چواڻي ته ھيٺين ڌڙ جو اڳيون حصو به چچريل ھو جڏھن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ رڳو ٻنڊڙن تي آيل زخم جو ذڪر آھي .
    9. پوسٽ مارٽم ۾ عورت جي جسم تي آيل زخم جي حوالي سان تفصيل نه ڏنل آھن جڏھن ته عورتن جو چوڻ ھو ته ٻانھن تي سخت ڌار سان ڪٽ جا نشان، کاٻي ٻانھن کان ڪلھي کان ٺونٺ واري حصي جو گوشت نڪتل ۽ ساڄي پاسي ڪک کان به ڪنھن چاقو، خنجر، لوھي سيخ يا ڪنھن تيز دار سان وڏو زخم آيل آھي. سندس ھٿن جي ننھن ۾ مٽي ڀريل ھئي، جنھن سان لڳو پئي ته ھن مرڻ کان اڳ مزاحمت ڪندي زمين تي ڇڙيون ھنيون آھن. ڦٿڪڻ ڪري ھٿ زمين ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. عورتن جو اھو به چوڻ ھو ته سندس وات ۾ رات جو کاڌل ماني چانور به پيل ھئا جنھن سان لڳي ٿو ٿو کيس ھيٺ ڪيرائي پيٽ مٿان گھڻي بار سان دٻايو ويو ھوندو.
      عورتن چواڻي ته سندس پٺيءَ سندس جسم تي ٽنگن تي پڻ رھڙن جا نشان آيل ھئا.
    10. پوسٽ مارٽم رپورٽ جون ٻيون سعيو ڪري يا اڻ ڄاڻائي ۾ يا وري ڪنھن دٻاء ھيٺ معائني جون چند ضروري شين جو ذڪر نه ڪيل اھي
      • توليدي عضووي جو معائنو
      • ويجائينل سُواب
      • جسم جي مٿان نشانن جي فرانزڪ رپورٽ جيئن وار، ننھن، وات جو حصو، ڳچي وغيره.
      بھرحال ٿلھي ليکي گھر ڀاتين، والدين ۽ ٻين واقف ڪارن سان ڳالھہ ٻولھہ ۾ ھيٺيون شيون مشاھدي ھيٺ آيون .

 

  1. .اتر سنڌ جي ابتڙ ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ عام طور تي پدرشاھي واري سفاڪانہ غيرت جو تصور گھٽ آھي ء عورتن جي گھر کان ٻاھر چرپر تي گھڻي پابندي نه آھي .
  2. عورتون گھٽ پڙھيل لکيل يا صفا اڻ پڙھيل ھئڻ جي باوجود ڪنھن حد تائين خود مختيار آھن جو ننڍي ڪاروبار ڌنڌي، سيبي ٽوپي، يا وري بچت واري ڪاميٽين وجھڻ واري ڪم ڪار ۾ آزاد نظرآيون.
  3. ڳوٺ ۾ مردن پاران ٻه ٻه شاديون ڪرڻ وارو رجحان عام نه ھو نه وري ان کي سٺو سمجھيو ٿي ويو.
  4. وزيران جي شادي به خاندان ۾ ئي ٿيل ھئي پر جيڪا سندس ۽ سندس مڙس جي پسند جي شادي ھئي. جنھن جو طعنو اڪثر سندس پي پاران ڏنو ويندو ھو.
  5. ڳوٺاڻي رواج موجب وزيران پنھنجي مڙس جي دادلي سمجھي ويندي ھئي. جنھن جي تصديق سندن مائٽاڻي گھر وارن ۽ سندس ماء به ڪئي ته ھو مڙس جي دادلي ھئي پر عام رواجي گھرن وانگي سندس چوڻ ھو ته سندس ساھرن جي ساڻس نه پوندي ھئي ان ڪري گھڻو ڪري پنھجي ڪمري ۾ اڪيلي رھندي ھئي جڏھن ته سندس ساھرن جو چوڻ ھو ته گھر ۾ رڳو پاڻ زال مڙس ۽ سندس سس رھندي ھئي.
  6. وزيران جو گھر سندس مائٽاڻي گھر جي بنسبت خوشحال، صاف سٿرو ۽ انتھائي سليقي وارو پئي لڳو. گھر وارن جو چوڻ ھو ته وزيران نسبتن پيسي ڏوڪڙ واري به ھئي. سندس گھر ۾ پيل وڏي پيتي ۽ گھر جي به سامان ان جي شاھدي ڏني پئي.
  7. ساھرن جو چوڻ ھو ته سندس والد مٿس تشدد ڪندو ھو ۽ وارن مان جھلي کيس گھر وٺي ويندو ھو پر. ھوء اتي ترسڻ بجاءِ پنھنجي مامي جي گھر رھڻ ھلي ويندي ھئي جتي سندس مڙس به وڃي ساڻس گڏ رھندو ھو.
  8. سندس مائٽاڻي گھر جو چوڻ ھو ته مڙس سميت سندس ڏير ۽ نڻان قتل ۾ ملوث آھن ڇاڪاڻ ته نڻان بدلي جي رشتي ۾ پنھنجي ڌي ڏيڻ کان بچائڻ لاءِ سندس قتل ڪرايو جو سندس مڙس ۽ ڏير کين ڌمڪيون به ڏنيون ھيون ته توھان کي ڏسي رھنداسين .
  9. بدلي جي رشتي جي جھيڙي ۾ مھينو اڳ وزيران ڇڇر جي ڀاء سندس مڙس تي ڪھاڙي جو وار پڻ ڪيو جيڪو خطا ٿيو پر اين سي ڪٽائڻ جي ڪري کيس پوليس ڪجھه ڏينھن حراست م رکيو.
    بدلي وار سڱ جي ان جھيڙي جو فيصلو ڳوٺ جي چڱي مڙس الياس ڇڇر ڪيو جيڪو ان وقت ٻنھي ڌرين قبول ڪيو
  10. بدلي جو رشتو وزيران ڇڇر جي نڻان نالي رشيدان جي ڌي جو طئي ٿيل ھو پر سندس نڪاح ڪرائڻ کان انڪار جو سبب ھو ته سندس ڌي اڃان ننڍي ۽ نابالغ آھي جڏھن ته ڇوڪر پڻ ٻارنھن تيرنھن سالن جو ھوندو پر رشيدان چواڻي ته اھو شرابي آھي ۽ ٺرو پي گھٽين ۾ ليٿڙيون پيو پائيندو آھي ان ڪري ھن رشتي ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو آھي پر ھن جو شرط ھو ته ھڪ ڇوڪري وڏي ٿئي ٻيو وري انھن جو ڇوڪرو ڪجھه سڌري .
  11. وزيران قتل ڪيس ۾ ٻنھي ڌرين پاران ڳوٺ جي چڱي مڙس الياس ڇڇر جو ذڪر به بار بار ٿيو، ان ڪري گمان ڪري سگھجي ٿو ته کيس قتل بابت حقيقت جي بلڪل ڄاڻ ھوندي جڏھن ته سندس مائٽاڻي ڌر جو الزام سندس مڙس، ڏير ۽ نڻان تي آھي
  12. جھڙي بيرحماڻي طريقي سان وزيران جو قتل ٿيو آھي اھو شڪ ۾ وجھي ٿو ته اھو ھڪ معمولي سڱاوتي جي بجاءِ ۽ ڪنھن ھڪ ماڻھو جي ڪاروائي بجاءِ ان ۾ خاندان کان ٻاھرين ڌر جي انتقامي ڪاروائي، نفرت يا انتھائي ڪروڌ ۽ غصي جو عنصر شامل لڳي ٿو جيڪو بھرحال خانداني جڳھڙي ۾ ان حد تائين نظر نه آيو آھي ته کيس ان حد تائين بيرحمي سان قتل ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ان شڪ کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي ٻنھي خاندانن جو ڪو فرد انھن قاتلن جوسھولتڪار بڻيو ھجي.
  13. ٻڪرين جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ وزيران پاسي واري شھرن يعني آمري، سن يا سيوھڻ وٺي وڃڻ جو ڪم سندس مامي جو پٽ تقي ڪندو جو جيڪو پڻ ان قتل جي اصل سببن کان واقف ٿي سگھي ٿو.
  14. جيئن ته سندس ڳوٺ اندر سندس قرب واري سھيلي وٽ گھڻو اچڻ وڃڻ ھو، ممڪن آھي ته کيس به ان قتل يا اھڙي ڪنھن مذمتي جي لکا ھجي جيڪو قتل جو سبب بنجي سگھي.
  15. سندس ساھراڻي گھر جي سڀني گھر ڀاتين جي بيان موجب پاڻ سلڇڻي، سٻاجھي ۽ کلمک طبيعت جي مالڪ ھئي، ان ساڳي ڳالھہ جي تصديق سندس قرب واري سھيلي ء ان جي گھر ڀاتين پڻڪئي

وزيران قتل ڪيس ۾ پوليس جو مجموعي ڪردار جو جائزو

    1. مٿين سطح تي جي آءِ ٽي ٺاھي ويئي جنھن سان ظاھر ڪيو ته پوليس جي ان ڪيس کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي آھي پر ان جي باوجود ھن وقت تائين ڪيس جي باري ۾ ڪا گھڻي اڳڀرائي نه ٿيڻ
      پنھنجي ليکي م سواليه نشان آھي
    2. ممڪن آھي ته پوليس ڪنھن سياسي، سماجي يا ٻي دٻاء جو شڪار ھجي ڇاڪاڻ ته سڀني واسطي وارن جي موبائل فونن کي ڪسٽڊي ۾ وٺڻ ۽ ان مان مليل ڊيٽا وسيلي مشڪوڪ ماڻھن وسيلي اڃان تائين قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ويئي آھي.
    3. ايس ايس پي امجد شيخ جي پاران عدالت کي خط لکي مقتولہ وزيران جي ڇھين يا اٺين ھفتي جي حمل جي ڊي اين اي ڪرائڻ لاءِ قبر ڪشائي جي اجازت نامو وٺڻ دراصل قاتل کي پڪڙڻ بجاءِ قتل جو رخ مقتولہ وزيران جي ڪردار ڏانھن ڪري قتل جو ُرخ موڙڻ جي ڪوشش سمجهي سگهجي ٿي .
    4. ڪجھه عورتن ته وزيران جي غسل وقت سندس عورتاڻي عضوي کي تيز ڌار سان چچريل حالت ۾ ھئڻ ڪري شڪ ڏيکاريو ته ممڪنہ طور تي وزيران ڇڇر کي گينگ ريپ کان پوء قتل ڪيو ويو ڇوته سندن چواڻي ته اھو ممڪن آھي جنھن طرح عورتاڻي عضوي کي ڌڪ ھڻي مسخ ڪري، مٽي وڌي ويئي آھي ان مان ائين ٿو لڳي ته جيئن ممڪنہ طور ٿيل ريپ لاءِ ثابتيون مٽائي سگھجن پر ٻي پاسي ظاھر ڪري ٿو ته پوليس ان ممڪنہ جنسي ڏاڍائي نڪتي کي بنھہ نظرانداز ڪري تفتيش ۾ گينگ ريپ وارو رخ شامل تفتيش نه ڪيو آھي.
    5. مقامي ماڻھن جو گھڻي ڀاڳي شڪ آھي ته پوليس جا ھيٺيان عملدار جيڪي ڳوٺ جي ٿاڻي تي مقرر آھن اھي ڄاڻي واڻي ڪيس بگاڙڻ جي ڪوشش ڪن پيا ڇاڪاڻ ته مشڪوڪ ماڻھن کان بنھہ معمولي پڇا ڳڇا جي ٿوري ئي ڪوشش سان قاتلن تائين پھچي سگھن ٿا .
    6. مقامي طور تي پوليس پاران ڪيس جي تفتيش جي سلسلي ۾ سست روي دراصل ڪيس تان ڌيان ھٽائڻ جي شعوري ڪوشش محسوس ڪئي پئي وڃي . ڳوٺاڻن جو شڪ آھي ته مقامي پوليس قاتلن تي پھچڻ بجاءِ انھن جا پيرا لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
    7. اتي جي مقامي ماڻھن جو خيال آھي ته ھي تڪ سنڌ جي وزيراعلي مراد علي شاه ۽ ملڪ اسد سڪندر جو آھي ان ڪري ممڪن آھي ته پوليس سياسي دٻاء ھيٺ ڪيس جي تفتيش درست نموني ڪرڻ کان ڪيٻائي رھي ھجي.
    8. پوليس تفتيش قتل جي نوعيت ۽ ان جي قتل پويان اصل سبب ڄاڻڻ بجاءِ ان ايف آئي آر جي آڌار تي ٿي رھي آھي جيڪا مقامي پوليس وارن جي راھنمائي سان سندس والد پاران ڪٽرائي ويئي آھي جنھن م پڻ ممڪنہ گينگ ريپ جو نڪتو ڄاڻي واڻي لڪايو ويو آھي.
    9. پوليس ڪمزور ايف آءِ آر جي آڌار تي گرفتار ڪيل ٽن ڄڻن کي عدالت ۾ جسماني ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو آھي جڏھن ته ڪيس گھڻ رخي جاچ جي گھر ڪري ٿو .
      فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽيء جون سفارشات
      مقتولہ وزيران جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي جيڪا ڇھه مختلف عورتن جي تنظيمن جي ڏھ رڪني ڪاميٽي تي ٻڌل ھئي تن پوسٽ مارٽم رپورٽ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽرن کان ويندي تفتيش تي مقرر ڪيل پوليس آفيسرن، مقتولہ جي گھر ڀاتين، قرب جي سھيلين، واقعي کي بروقت رپورٽنگ ڪري آگاه ڪندڙ صحافين سان ملاقات ۽ قتل واقعي جي مڪمل جائزي وٺڻ کا پوء اعلي اختيارين آڏوھيٺيون سفارشات پيش ڪري ٿي.

 

  1. .وزيران جي بيرحماڻي قتل سان انصاف ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته ان ڪمزور ايف آءِ آر بدلي، رياست/پوليس جي مدعيت ۾ ٻيھر ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي جنھن ۾ اجتماعي جنسي ڏاڍائي جي ثابتي جي صورت ۾ ان جو ذڪر ڪري اجتماعي جنسي ڏاڍائي سان الڳاپيل ڏوھ وارا قلم داخل ڪيا وڃن. ڪنھن ٻي وارث يعني والد جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ وزيران جو انتھائي سنگين قتل ڪيس ڪنھن بہ راڄوڻي فيصلي وسيلي ڪمپرومائيز ٿيڻ جو خدشو آھي. ان ڪري انصاف کي يقيني بنائڻ لاءِ ايف آءِ آر پوليس جي مدعيت ۾ ٻيھر داخل ڪرڻ انتھائي ضروري آھي.
  2. ڪنھن به قتل ڪيس ۾ انصاف جي فراھمي کي يقيني بنائڻ لاءِ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪندي آھي پر ھن ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انتھائي ناقص ۽ غير پروفيشنل آھي. ان ڪري ممڪنہ جنسي ڏاڍائي کي ثابت ڪرڻ، توڙي ٻيا گھربل جزا وٺڻ لاءِ ٻيھر قبرڪشائي جي ضرورت محسوس ٿئي ته پوليس کي ان ۾ پڻ اڳڀرائي ڪرڻ کپي ان اڳڀرائي جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽيء پاران حمايت ڪئي وڃي ٿي .
  3. فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي ڇھن کان اٺن ھفتي جي ٻار جي ولديت جي نشاندھي لاءِ ڊي اين جا جزا وٺڻ جي سخت مخالفت ڪري ٿي. ٻار جي ولديت جي ثابتي دراصل مقتولہ جي ڪردار کي مشڪوڪ ڪري قاتلن کي فائدو پھچائي سگھي ٿي .
    فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي ان تي حيراني جو اظھار پڻ ڪيو ته پوليس کي قاتل جا پيرا کڻڻ کپن جيڪي مقتولہ جي ڪپڙن وارن يا جسم مان ورتل ٻين جزن جي ڪيميڪل ۽ ٻي فرانزڪ انڪوائري وسيلي به آساني معلوم ڪري سگھجن ٿا ان بنياد تي ڪاميٽي قبرڪشائي ء ٻيھر پوسٽ مارٽم واري مطالبي سان متفق آھي البته انکي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ حمل واري ٻار جي ڊي اين اي شامل نه ڪرڻ سان مشروط ڪيو وڃي .
  4. فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي سفارش پيش ڪري ٿي ته مقتولہ وزيران ڇڇر جي موبائل فون، سندس ڪپڙن ۽ ٻين جزن جي فرانزڪ رپورٽ پڻ ڪرائي وڃي.
  5. قتل جا پيرا ڳوٺ کان ٻاھر ڪيڏانھن به نٿا وڃن ان ڪري پوليس بنا ڪنھن سياسي، سماجي يا ٻي ڪنهن ٻاھرين دٻاء جي بنياد تي ڳوٺ جي بااثر ماڻھن جي گرفتاري کان گھٻرائڻ بدران انھن کي گرفتار ڪري قاتلن تائين پھچي وزيران ڇڇر سان انصاف کي ممڪن بڻائي.
  6. پوليس ۽ عدالت ان ڳالھ کي يقيني بنائين ته بااثر جوابدارن يا وري ڳوٺ جي چڱي مڙس يا راڄوڻي لاءِ دٻاء وجھندڙ ڌرين کي ڪيس کي عدالت کان ٻاھر نبيري وزيران جي قتل کي لئي مٽي ڪرڻ نه ڏي .
  7. ھن واقعي کي رڳو غيرت جي بنياد تي ٿيل قتل جي روشنيء ۾ ڏسڻ بجاءِ ان جي گھڻ رخي جاچ لاءِ پوليس کي پنھنجي تفتيش جو دائرو وڌائڻ کپي .
  8. فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي اعلي اختيارين کان علاوه ھن واقعي جي رپورٽ ڪندڙ مقامي ميڊيا نمائندن کي پڻ گذارش ڪري ٿي تہ پوليس جي تفتيش تي اثر انداز ٿيندڙ غير ضروري رپورٽنگ کان پاسو ڪن، متان غير واسطيدار ڌرين جي غير ضروري دٻاء ھيٺ وزيران قتل ڪيس ڪنھن مصلحت جو شڪار نه ٿي وڃي ان ڪري ضروري آھي ته لاڳاپيل ادارن يعني ڪيس جي تفتيش ڪندڙ پوليس، عدالت، وڪيلن، انساني حقن جي تنظيمن توڙي ميڊيا سميت سماج جي سڀني باشعور فردن کي نيڪ نيتي سان ھن ڪيس کي منطقي انجام تائين پھچائي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۾ اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻ کپي.
    وزيران ڇڇر جو بي رحماڻي طريقه سان قتل جو ڪيس سماج جو ٽيسٽ ڪيس آھي انڪري سماج جي ھر اداري کي گڏيل طور تي ھن ڪيس ۾ انصاف جي فراھمي تائين پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ کپي.

فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ۾ شامل تنظيمون ۽ نمائندگي ڪندڙ ميمبر

  1. وومين ايڪشن فورم
    امر سنڌو، نسيم جلباڻي،ڊاڪٽر رخسانه پريت، نجمه پنھور، حسين مسرت،
  2. سنڌ سھائي سٿ
    ڊاڪٽر عائشہ ڌاريجو.)سکر(
  3. ڊيموڪريٽ وومين فرنٽ
    ڪامريڊ عاليه بخشل
  4. آءِ آر سي
    فرزانه ٻرڙو.
  5. ليٽ وومين ليو
    ايڊوڪيٽ صنم منگي(ڪوٽڏجي(
  6. وومين پروٽيڪشن سينٽر ، حيدراباد
    ماروي اعواڻ
وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button