آرٽيڪل

ڏکن ساڻ ناتو پراڻو آ پنهنجو

ظھور ميمڻ، گڊو

Zahoor Memon
ظھور ميمڻ

ھر موڙ تي اوھان کي چار چڱا ته وري چار خراب طبيعت جا مالڪ ملندا، ڪي اوھان کي سڌي رستي تي ھلڻ جي تاڪيد ڪندا جڏهن ته ڪي اوھان کي بري رستي تي ھلائيندا، زماني جاھليت کان ھن محل جي سائنسي زماني ۾ اسان جا سنڌي اڃا تمام گھڻو پويان پيل آهن بغير ڪنهن تصديق ڪرڻ جي ميڊيا سپاھي کي ايس ايس پي بڻائي ٿي ته ڪڏهن قومي راڳي ۽ ڊراما سيريل جي سٺن ڪريڪٽرن کي ڪوڙي رپورٽون ڏيکاري ماريو وڃي ٿو!

پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌي به اسان سنڌ واسين جا ڪم ڏسي ھاڻ اسان کي حيرت جي اکين سان ڏسندا آهن جڏهن ته انهن جي سوچ ۾ اسين سنڌي غير ذميدار ۽ غيرسياسي آھيون، اڪثر اسان جا نوجوان ڪڏهن ڪنهن جي ھٿن ۾ کيڏندي نظر ٿا اچن ته ڪڏهن جي ھٿن ۾ اھو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ شعور رکندڙ سياسي شاگرد گھٽ آهن سنڌ يونيورسٽي جي زماني جا سياستدان اڄ ملڪ جي اھم عھدن سان گڏوگڏ وزير ۽ مشير بڻيل آهن جڏهن ته اڄ ساڳي يونيورسٽين جا شاگرد چرس جي نشن ۾ گم آهن، 4 سال تعليم پرائي جڏهن شاگرد واپس پنهنجي اباڻي شھر اچن ٿا ته انهن 4 سالن ۾ ھو ھڪ جملو سکي ٿا اچن "ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر” ڀلي شاگرد جي والد قرض کڻي شاگرد جي تعليم جاري ڪرائي ھجي يا شاگرد جي ماءُ گھر گھر وڃي پنهنجي پٽ کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاء ٺوڪرون کاڌيون ھجي ان سان ان شاگرد جو ڪو واسطو ناھي رھندو مگر! شاگرد کي پنهنجي دوستن سان وڌيڪ واسطو رکڻ ۾ مزو ايندو آهي.
سنڌ جي اھڙي حالت ڏسڻ کان پوءِ اڄ جڏهن آءُ سچ لکان پيو ته اميد آهي ته مون تي تمام گھڻي تنقيد پڻ ٿيندي انهيءَ شئي کي محسوس ڪندي آءُ اوھان آڏو ھڪ سوال رکان پيو اميد ته ان جو اوھان پنهنجي اندر کي جواب ضرور ڏيندئو سوال ھي آهي ته "اگر ڪو شاگرد چار سال پڙھي اچڻ کان پوء پنهنجي گھر جو سھارو نه بڻجي اڃان وڌيڪ گھر جو خرچ وڌائي ته اھڙي شاگرد کي آخر ڪير سمجھ ڏيندو؟

استاد بخاري کان ويندي اڄ جي سندس شاگرد مھر ڍٻائي تائين حق سچ لکڻ کان پوء به سندن مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا، ڪن ٻوريون چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو ته ڪن ڪافر جي لقب سان ڪوٺيو انهيءَ جي باوجود ھن صاف دل رکندڙ شاعرن ڪڏهن به پنهنجي دل تي ڪا به ڳالھ ناھي رکي.
سيد وزير علي شاھ جھڙو صوفي سنگر ھجي يا وري ڪو ٻيو بزرگ اسان جي سنڌ انهن کي 6 مھينا ڪلھي تي رکندي ته گھڻا ڪلھي تان ڪيرائڻ ۾ دير ناھن ڪندا، باوجود ان جي ته سنڌ ۾ ٽيلينٽ جي ڪا ڪمي ناھي مگر افسوس ته پاڻ کي مولائي سڏرائيندڙ واھيات قسم جا ڪلام ڳائي پاڻ کي سنڌ جا جوڌا پيا سمجھن ۽ سچ چوڻ تي جڏهن انهن کي مرچ لڳندا ته ھو سنڌي راڳ ڇڏي اردو راڳ ڳائڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن ھاڻ ٻڌايو ڀلا جنهن کي اردو ڳالھائڻ نه اچي ۽ جنهن سنڌي ٻولي ۾ ھو گانا ڳائن پيا انهيءَ ٻولي جي جنهن کي گرامر نه ايندو ھجي ته ھو آخر ڪھڙي ريت پاڻ کي سنڌ جو جلاد پيو سمجھي؟

افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ انقلاب جو ڳالھيون ڪندڙ سڀ خاموش آهن لڳي ائين پيو ته شايد ھو به ڄاڻي ويا آهن ته انقلاب اچڻ ۾ اڃان صديون لڳي وينديون ڇو ته اڃا سنڌ ۾ تعليمي شعور ناھي آيو.

ملڪ پاڪستان جي عظيم شھر ڪراچي ۾ جڏهن سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا ته اسين رڙيون ڪرڻ لڳا آهيون چوندا آهن ته "ڪڇان ته ڪافر” اڄ جي آءُ سچ ڳالھايان پيو ته مونکي سنڌ جو دشمن قرار ڏنو ويندو ان باوجود اڄ گھڻو لکڻ تي دل پئي ڪري.
سنڌ ۾ ھر وقت ڏک ئي ڏک ھوندو آهي ڇو ته سنڌ ۽ ڏک جو ناتو ڪو نئون ناھي اھي گھڙيون جنهن ۾ سنڌين کي جلايو ويو، اھي گھڙيون جن ۾ سنڌين کي سرعام گوليون ھڻي ڪراچي جي روشن ڳلين ۾ قتل ڪيو ويو، اھي گھڙيون جن ۾ ارشاد رانجھاڻي ۽ جاويد ڀٽي کي قتل ڪيو ويو پر وري به قاتلن کي لغام نه آيو، ساڳي شئي کي مدنظر رکندي آءُ اوھان سڀني کي درخواست ڪرڻ ٿو چاھيان ته ايندڙ نسل جا سودا ٿيڻ نه ڏيو ۽ جاڳي پئو سچ ھميشھ سچ ھوندو ۽ رھندو آهي ڇو ته آء ماضي کان علاوھ ٻئي ڪنهن به زماني کي نٿو مڃان ڇو ته "ھر ايندڙ ۽ ھلندڙ وقت ماضي ٿي ويندو آهي ۽ ماضي کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي.

ڪل ڪائنات جي مالڪ اسان کي پنهنجي عقل سان نوازي اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو مگر افسوس اڄ اسين پنهنجي عقل ۽ سمجھ وڏيرن ۽ جاگيردارن حوالي ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي سمجھ ھئڻ جي باوجود اسين وڏيرن جي پٺيان لڳل آھيون صديون پھريان جڏهن ننڍي کنڊ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جو راڄ ھو ته انهن ساڳين وڏيرن جو جنم ٿيو ھو ڇا ڪاڻ ته ھندو ۽ مسلمان وڏيرا پاڻ ۾ ملي ڪري انگريزن جي غلامي ڪندا ھئا ۽ پنهنجي ديس واسين سان دوکو ڪري انهن کي ڌمڪائي انهن کان تمام گھڻا ڪم ورتا ويندا ھئا اوڌر ۾ ڪنهن کي ھڪ رپيو ڏيندا ھئا ته بدلي ۾ انهن کان وڌيڪ پئسا وٺندا ھئا جيڪي قرض ادا نه ڪري سگھندا ھئا ته انهن کي غلام بڻايو ويندو ھو! ساڳيا وڏيرا اڄ اسان جي سنڌ تي ايڏا ته قابض ٿي چڪا آهن ته سياست ۾ ڪير ڪيتري به عوام جي خدمت ڪري پر ھو ڪائونسلر به نٿا ٿي سگھن اھڙي سماج ۾ انقلاب آڻڻ جو جڏهن ڳالھيون ٻڌندو آھيان ته لڳندو آهي ته اھي ڳالھيون ڪندڙ يا ته ڪوڙا آهن يا وري انهن کي سنڌين مان تمام گھڻو توقع آهي.

ٿيڻ ته ايئين گھرجي ته سنڌ ۾ تعليم عام ڪجي ڇو ته انقلاب ھميشھ تعليم مان جنم وٺندو آهي، سواءِ تعليم جي ڪڏهن به سنڌ ۾ ڪو به انقلاب نٿو اچي سگھي، دور جاھليت کان ھاڻ جي دور تائين جو مطالعو ڪيو وڃي ته انهيءَ ۾ تمام گھڻيون خبرون لڳي سگھن ٿيون ته جنهن جنهن ملڪ ۾ انقلاب آيا آهن سي بغاوت ۽ تعليم مان آيا آهن.
سنڌ ۾ جڏهن تائين اوھين تعليم عام نٿا ڪيو تڏهن تائين ڏکن جو ناتو سنڌ سان جڙيل رھندو ۽ جي اوھان تعليم عام ڪري ھر ڳوٺ ۾ تعليمي سرگرميون ڪيو ته شايد انقلاب ممڪن آهي ٻي صورت ۾ ڪڏهن به سنڌ ۾ انقلاب نه ايندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button