قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: پراڻي دشمني تان نوجوان قتل

شبير مگسي، قبوسعيدخان
Murderڳوٺ صيفل سولنگي ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿيايبندن ھٿان ڪوٽ مگسي جو رھواسي 35 ورھين جو علي حيدر مگسي قتل، ربيع پل پوليس جا۽ واردات تي پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا۽ رورول اسپتال آندوويو، جتي مقتول جي ڀاءُ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته مگسي برادري سان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، ھن چيو ته منھنجو ڀاءُڪچي پل کان پنھنجي ڳوٺ ڪوٽ مگسي اچي رھيو ته ربيع پل ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صيفل سولنگي ويجھو سندس جي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن مٿان پستول جا فائر ڪري بلوچستان طرف فرار ٿي ويا اھڙي اطلاع ملڻ تي اسان رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال پھتا آھيون،ٻي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل اچي سگھيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button