نوجوان ليکڪ ۽ تعليمدان غضنفر سولنگي

زين سولنگي

زين سولنگي

راڻيپور جي قريب واقع ڳوٺ نهال سولنگي آهي جنهن ڳوٺ مان ڪيترا نوجوان محنت ڪري اڳتي آيا آهن ، انهن مان راجه غضنفر علي سولنگي به هڪ آهي ، غضنفر سولنگي ولد نشان علي سولنگي جي گهر ۾ ٻارنهين ڊسمبر 1987 تي جنم ورتو ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڏيجي مان ميٽرڪ ڪئي ، بعد گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور ۾ پڙهيا ، بنيادي طور غضنفر هڪ ڳوٺاڻو بلڪل سادڙو نوجوان آهي ، پر انٽر ميڊيئيٽ ڪرڻ بعد هوائن جي شهر ڄامشورو هليو ويو ، "ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر ، آهي ننڍڙو ننگر پر آ وڏو پراثر ” اهو انڪري ممڪن ٿيو ته غضنفر ننڊڙي هوندي شفيع فقير جي آواز ۾ ” ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر آهي ، آهي ننڍڙو ننگر پر آ وڏو پراثر ” اهو گيت ٻڌو جنهن جو اثر هن جي دل ۽ دماغ طاري رهيو ، اڃان هن جڏهن حليم باغي جو هي خوبصورت غزل "ڄامشوري نه وڃ جيءُ جهوري نه وڃ هتي رهن ٿيون ٻهڳڻيون وڃني نه دل کڻي ، وڃني نه دل ڦري” ان جو به اثر هن جي دل تي رهيو ، پوءِ هن دل ۾ پڪو پههُ ڪري ورتو ته پڙهبو ته ڄامشوري پڙهبو ، نيٺ هنن سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ويو ، ڄامشوري سان هن نينهنُ جو ناتو جوڙي ورتو ، يونيورسٽي جي ماحول هن کي بيحد متاثر ڪيو ، هيءُ سادڙو ٻهراڙيءَ جو نوجوان جڏهن يونيورسٽيءَ جي رستن سان گذرندي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ويندو هو ته انهن رستن تي موجود وڻن ٽڻن گلن کي ڏسندو ويندو هو ، شاگرد ۽ شاگردياڻين جو وڃڻ به هنن کي متاثر ڪندو هو ، ڪڏهن ڪڏهن بيهي انهن تي غور ڪندا هئا ته اهي ڪيڏو نه خوداعتماديءَ سان وڃي رهيا آهن ، پوءِ هنن جي زبان تان فنڪار جيپال ريجهو جي آواز ۾ ڳايل هن گيت بي اختيار جهونگارجي ويندو هو "سونهنَ جو شهر ٿو لڳي ڄامشورو ، پرين جو شهر ٿو لڳي ڄامشورو ” برحال غضنفر جي دل ۽ ذهن تي ڄامشورو طاري ٿي ويو ، ويتر اتان جي علمي ۽ ادبي ماحول به هنن تي سٺا اثر ڇڏيا ، هنن لکڻ جي شروعات ڪئي ، لفظن کي خوبصورت مالهائن ۾ پوئڻ شروع ڪيو ، پنن تي لکندا رهيا ڪڏهن غزل ته ڪڏهن وائي مگر لکندا رهيا مونکي جتري ڄاڻ آهي ته هنن جي شاعريءَ سان نينهن نه جڙيو ، باقي آرٽيڪلز ۽ ڪهاڻيون لکندا رهيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ، هنن پنهنجي ڪورس ۾ به بيحد محنت ڪئي ، هر سيمسٽر ۾ پوزيشن کڻندا رهيا ، ويتر هنن جي پنهنجي ڪلاس ۽ ڊپارٽمينٽ ۾ ساراه ٿيندي پئي وئي ، هنن جي ذهانت جي هاڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٿيندي رهي ، آخر ڪيترائي سندس ڪلاس ميٽس ۽ جونئيرس هنن کان سکڻ لاءِ وقت گهرندا رهيا ، هنن به انهن جي دل و جان سان مدد ڪندا رهيا ، ڪئمپس جي يوڪلپٽس وڻن جي ڇانو ۾ ، ته ڪڏهن بوائز هاسٽلز جي سامهون لان ۾ ، ته ڪڏهن ماروي هاسٽل جي سامهون خوبصورت باغيچي ۾ پيو ڪلاسميٽس کي سيکاريندو هو ، غضنفر پنهنجي ڊپارٽمينٽ مان پوزِشن حاصل ڪري ، يونيورسٽي کي روئندي الوداع ڪيو ، بعد هنن لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ، جتي به هنن محنت ڪئي ، جتي هنن کي اياز لطيف پليجي جهڙو ماياناز استاد مليو ، جن وٽان هنن ڪافي علم پرايو ، لا ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هنن جي دل بيچين رهندي هئي ، هنن جي دل ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ماحول وسري نه پئي سگهيو آخر هنن وري اتي ايم فل ۾ داخلا ورتي ، هنن روزگار خاطر مختلف ادارن ۾ پرهائڻ شروع ڪيو ، نوشهري فيروز کان ميرپور خاص تائين روزگار لاءِ پنڌ ڪيا ، ماشاءُالله هيءُ محنتي ، برجستو نوجوان جنهن به اداري ۾ رهيو ، اتي هنن کي وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو ، ڇو ته محنت ڪنهن جي به لڪي نه ٿي سگهي ، نيٺ هنن جي جي محنت رنگ لاتو جو هو هن وقت ملڪ جي هڪ شاندار اداري سان وابسطه آهن جتي پڻ هو سخت محنت ڪري پنهنجي وڏي عزت ٺاهي آهي . هجڻ به ائين گهرجي ماڻهو جنهن به اداري ۾ رهي مگر محنت ، سچائي ، ايمانتداريءَ سان رهي ، پنهنجون ذميواريون به ايمانتداريءَ سان پوريون ڪرڻ گهرجن ، پوءِ عزت ضرور ملندي آهي جيئن هن نوجوان غضنفر سولنگي کي هر جڳهه ، هر اداري ۾ ملندي رهي ٿي ، هنن کي مختلف ادارن طرفان ڪيترائي مڃتا جا سرٽيفڪيٽس ۽ مڃتا جون شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن . غضنفر سولنگي ايم فل پوليٽيڪل سائنس ، ايم ايڊ ، ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪري چڪا آهن .هن وقت ايم ايس سي پاڪستان اسٽيڊيز علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ڪن پيا ، پاڻ قانون کي بهتر انداز ۾ پڙهيا آهن ان کي سمجهيو آهي ، اسان جي ملڪ پاڪستان جي 1973 جي آئين تي هنن کي ڪافي دسترس آهي ، هنن انهن کي بار بار پڙهيو آهي . ٻيو ته هو پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم فل هجڻ ناتي هنن کي علم سياست تي ڪافي ڄاڻ رکن ٿا . سماجيات جي سماجي مفڪرن جي نظرين تي هنن کي ڪافي ڄاڻ آهي ، اقوام متحده جي ذيلي ادارن تي به هيءُ بهتر انداز ۾ ڄاڻ فراهم ڪندا آهن ، فرينچ انقلاب ، پهرين مهاڀاري لڙائي ، ٻي مهاڀاري لڙائيء تي به هنن ڪافي ريسرچ ڪئي آهي جيڪا پڻ پڙهڻ وٽان آهي . سنڌي ادب جي مختلف دورن جن ۾ عرب دور ، سومرا دور ، سمه دور ارغون ، ترخان دور ، ڪلهوڙا دور ، ٽالپرن جو دور ، انگريز دور تي بهترين تحقيق ڪئي آهي .
غضنفر پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ خوبصورت لائبريري ٺاهڻ چاهين ٿا جنهن جي هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت شروعات ڪري ڇڏي آهي ، جنهن ۾ هنن ڪافي ڪتاب خريد ڪري رکيا آهن ، نوجوانن ۾ مطالعي جي جذبي ۽ سگهه کي وڌائڻ وارو هيء قدم به انهن جو ساراه جوڳو آهي ، ان لائبريءَ مان ڪتاب پڻ ٻين دوستن کي مطالعي لاءِ ڏيندا رهن ٿا . فلاحي ڪمن جي حوالي سان هو ڳوٺ ۽ آس پاس جي غريب خاندانن جي مدد ڪندا رهن ٿا ، ڪووڊ 19 جي هن لاڪ ڊائون دوران هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت چاليهن کان وڌيڪ غريب خاندانن ، بيوه خواتين ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ، جنهن ۾ مهيني جو راشن شامل هو ، غضنفر جي هن فلاحي ڪم جي جيتري ساراه ڪجي ايتري گهٽ هوندي ، جس هجين ، اهي فلاحي ڪم جاري و ساري رکڻ جي اميد رکجي ٿي .

غضنفر سولنگي

ادبي پورهيي جي حوالي سان هنن چار کن ڪتاب مرتب ڪري ڇپرايا آهن ، سندن پنهنجو ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو ڇپرائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي ، هنن ڪافي بهترين ڪالم لکيا آهن جيڪي گهڻا تڻا تحقيقي آهن انهن کي سهيڙي هڪ ڪتاب بنايو اٿائون جيڪو پڻ ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آهي، غضنفر تمام تيزيءَ سان لکي رهيا آهن ، ادبي دنيا ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهي اٿن ، ناليواري ڪهاڻيڪار ايڊووڪيٽ منظور حسين لاڙڪ ، ليکڪ حسين ڪپري ، پروفيسر ڊاڪٽر تاج لاشاري ، وڪيل هاءِڪورٽ عطا حسين سولنگي ، مختيار چنه ، قربان گل ، پروفيسر مجاهد سولنگي ، پروفيسر اڪثير سولنگي ، آصف لاکائي ، آسي ڀٽو ، ساجد سنڌي جن سان اڪثر ڪچهريون ڪندا رهن ٿا ، انهن وٽان ڪافي نيون شيون سکڻ جون ڪوشش ڪندا رهن ٿا . دعا آهي راجه غضنفر علي سولنگي ادبي دنيا ۾ اڃان وڌيڪ محنت ڪندو ، هر سال ادبي خدمت ۾ پنهنجو نئون ڪتاب ڏيندوو رهندو، وڌيڪ ته هو اڃان ترقي ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close